رهزنن جي ڪوٽ ۾۔۔۔

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2018۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رهزنن جي ڪوٽ ۾۔۔۔
    لاڙڪاڻي ۾ مسلسل هڪ سال گذرڻ بعد شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن پنهنجي رڪيل پوسٽنگ حاصل ڪرڻ لاء احتجاجي جدوجهد ڪندي پريس ڪلب کان پائليٽ ھاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو تائين خوراڪ منسٽر جناب نثار احمد کهڙو ساڳئي وقت صدر پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ، جي موجودگي جي سڌ تي احتجاج ڪندي پهتا۔
    جناب وزير صاحب جا مشير احتجاج ڪندڙ ملازمن کي پٺتي موٽائيندا رهيا ته جناب وزير صاحب هاڻ واپس وڃي رهيو آھي پاسو ڪريو ته جيئن هو آرام سان پنهنجي موٽر گاڏي ۾ وڃي تشريف آور ٿئي، سمبو جا نِڌر اَٻالو ملازم رستو روڪ لاء خوفزده ٿي بيٺل، آھ و زار ڪري رهيا هيا ته اسانجو آخر ڏوھ ڪهڙو آ، ايتري ۾ جناب منسٽر صاحب لچڪندو آيو ميرٽ تي آيل ملازمن رِيهون ڪري سائينجن کي داد رسِي لاء مدد جي اپيل ڪئي مگر سائينجن توجھ اصل نه ڏنو ۽ پنهنجي وڏي موٽر گاڏي ۾ چڙھي ڀيڙو ٿيو ڇو ته سائينجن کي ڄاڻ ھئي ته مونکي اتان ڪجھ به حاصل نه ٿيو آھي جڏهن ته ماضي ۾ انهي يونيورسٽي ۾ سائينجن جو سِڪو ايتري قدر هليو جو سائينجن هڪ سادي پَني جي ٽڪڙي تي حڪم لکندا هيا
    .Please oppoint him
    يونيورسٽي جي وائيس چانسلر صاحب کان اهڙين چٺين جي آڌار تي ڪيتريون ئي اپائنٽمينٽس ڪرايون! ھاڻ ميرٽ تي آيل ملازمن کي ڪٿان ٿو برداشت ڪيو وڃي ۽ ڪهڙي موٽ جي اميد حاصل ٿئي!
    401 ملازمين جو ڏوھ اهو آھي ته هو مفلس خاندانن سان تعلق رکن ٿا، ميرٽ جي بنياد تي ڀرٿي ٿيا آھن ۽ ڪنهن به ملازم ڪا به رشوت نه ڏني آھي،
    سڀ ملازم اعلى قابليت رکندڙ آھن، مستقبل ۾ يونيورسٽي جي بهتر معيار، ويساھ رکندڙ ۽ ترقي جا ذميدار آھن۔
    گذريل سال کان 401 ملازمن جو نه بلڪه 401 خاندانن جو مسئلو آھي ۽ هي سمورا خاندان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ ووٽر به پڻ آھن۔
    پ پ پ کي پنهنجي ساک برقرار رکڻ لاء ميرٽ تي ڀرٿي ٿيل ملازمن تي هٿ رکڻ گهرجي۔ لاڙڪاڻي جو عوام پ پ پ تي انتهائي ڪاوڙيل آھي گذريل سال ۾ هنن لاڙڪاڻي واسين کي خانه بدوش پڻ ڪيو آھي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو