شفيق الرحمان شاڪر چوڻ لاء چئي سگھجي ٿو ته هلندر دور ۾ سائنسي سهوليتن ۽ معاشي ترقيء انساني زندگي وڌيڪ پرسڪون ۽ آسان بنائي ڇڏي آهي پر ان سخت حقيقيت جو ڇا ڪجي جو دنيا ۾ گڏيل طور تي خودڪشين جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.جيڪر زندگي ڏکائين ۽ مشڪلن جو شڪار ناهي ته پوء هي خودڪشيون ڇو ٿي رهيون آهن؟جيستائين زندگيء جي سختين،سورن ۽ مشڪلن جو تعلق آهي ته ماضيء ۾ اهي اڄ جي ڀيٽ ۾گھڻيون هيون. ميڊيا جي هاڻوڪي ترقي نه ٿي هئي.مشينون ۽ سائنسي سهوليتون گھٽ هيون ،انسان سخت محنت ڪندو هو.بار بار ناڪامين باوجود محنت ۽ ڪوشش جاري رکندو هو۽ نيٺ زندگيء جو مقصد حاصل ڪري وٺندو هوپر اڄ رڳو معمولي ڳالهه يا واقعو طبيعت جي خلاف ٿي وڃي يا ڪنهن ڪوشش ۾ ڪجهه ناڪامي نصيب ٿئي ته انسان آپگھات تي آماده ٿيووڃي.معمولي تڪليف تي انسان جا حوصلا خطا ۽. مايوسيون کيس وڪوڙيو وڃن ۽ انسان زندگيء کان فرار جون راهون تلاش ڪرڻ لڳي ٿو.زندگي اهڙي حقير ۽ بي قيمت شيء ته ناهي جو ان کان نجات لاء انسان پاڻ ان جو ڏيئو وسائڻ لاء سرگرم ٿي وڃي. زندگي ته قدرت طرفان مليل هڪ املهه تحفو ۽ امانت آهي. پر ڪيترائي ماڻهو پنهن جي مايوس سوچ ۽ منفي روين سبب سماج ۾ پنهنجي زندگي پاڻ وڃائڻ جو اڻ وڻندڙ لاڙو پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.انهن ماڻهن ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جن جو جيون ،زندگيء جي ڪنهن اتم مقصد کان خالي رهي ٿو.اهي زندگيء جي سخت سچائين جو مقابلو ڪرڻ بدران خودڪشيء ۾ فرار جي راه ڳولهين ٿا.جڏهن ته زندگيء جي سخت للڪارن کي قبول ڪري انهيء جو مقابلو ڪرڻ ئي اعليٰ انساني ڪردار جي تصوير مڪمل ڪري ٿو.جيڪر زندگيء مان ڪوشش، جدوجهد ۽ لاڳيتي جاکوڙ جو حصو ئي حزف ڪري ڇڏجي ته پوء زندگي برف وانگر ڄمي ڪري رهجي وڃي ٿي جنهن ۾ نه ڪا موج هوندي آهي نه ئي تلاطم.ان ڪري ڪنهن شاعر چيو ته “خداتجهي ڪسي طوفان سي آشنا ڪردي، ڪه تيري بحر ڪي موجون مين اضطراب نهين.” “ اضطراب” يعني بيچيني يا پريشاني زندگيء لاء ضروري عنصر آهي جو انهيء ڪيفيت ۾ ئي انسان جون لڪيل صلاحيتون نڪري نروار ٿين ٿيون ۽ سندس ڪردار جي اصل جوهرن جي جوت جرڪي ٿي.زندگي سڪون سان گھارڻ لاءصبر ۽ سهپ جو ايڏو وڏو تاڪيد آخر ڇو ڪيو ويو آهي؟ ان ڪري جو جيون جنهن شيء جو نالو آهي اهو آهي ئي ڏکن سکن جي سونهن.اهو فلسفو توڙي جو اسان جي سمجھه ۾ نه به اچي پر حقيقت اها ئي آهي ته لهرن ۽ طوفانن سواء سمنڊ جي وصف مڪمل نٿي ٿئي.اهڙيء طرح جيون جي صحرا ۾ صرف سک ئي سک تلاش ڪرڻ مايوسين کي دعوت ڏيڻ آهي.اهڙيء طرح مشغولي ۽ مصروفيت انسان کي تعميري عمل ۾ ملوث ڪري ٿي ۽ انسان ڀٽڪڻ کان بچي وڃي ٿو.سوال اهو آهي ته آخر خودڪشين جي تيزيء سان عام ٿيندر ان لاڙي کي ڪيئن روڪي سگھجي ٿو؟توڙي جو اهو هڪڙو ڏکيو سوال آهي پر ان جو جواب ايترو مشڪل ناهي. پنهنجي لاء خوشيون تلاش ڪرن بدران ٻين لاء خوشيون تلاش ڪجن. اهائي اصل “سماجيت” آهي.اڄ انسانن جي ڀريل ميلي ۾ انسان اڪيلو رهجي ويو آهي.والدين اولاد جي محبت ۽ اولاد والدين جي شفقت کان محروم ٿيندو ٿو وڃي.هڪ ئي گھر ۾ رهڻ وارا هڪ ٻئي لاء اڻ ڄاڻ ۽ اجنبي بڻبا ٿا وڃن.خاص طور تي صرف ڏوڪڙ ڪمائڻ جي شوق ۾ ورتل مالدار بي احساس مشينون بڻجي چڪا آهن.صبح کان سانجھيء تائين جون انهن جون سموريون سرگرميون صرف سندن ذات جو طواف ڪندي نظر اچن ٿيون.“وقت” ئي ته آهي جيڪو اسان مان ڪنهن وٽ به ڪونهي. آشنا هوندي ايڏي ناآشنائي ۽ ناتا هوندي ايڏي بي رخي ۽ لاتعلقي! هي اسان ڪهڙي فريب ۾ ڦاسي پيا آهيون؟ڪنهن وٽ ايترو وقت ئي ناهي جو هو چند ساعتون پنهنجن پيارن سان گڏ گھاري سگهي. انهن جا غم،ڏک،محروميون۽ مايوسيون ونڊي سگھي.جيڪر دولت ۽ رڳو دولت ئي سڀ ڪجھه آهي ته پوء اها حاصل ٿيڻ باوجود زندگين ۾ سڪون ڇو نٿو اچي؟جن وٽ پنهنجن ضرورتن کان وڌيڪ دولت جا انبار پيل آهن انهيء مان ڪيترن پيٽن جي بک جي باه اجھامي ٿي؟اهي جن جي تن تي سيء کان بچڻ لاء لٽو ناهي ڇا دولت جي انهن اضافي انبارن تي انهن جو ڪوبه حق ناهي؟انسان هڪ اهڙو لالچي ٺيڪيدار بڻجي ويو آهي جيڪو ٻين انسانن لاء موت جو سامان پيدا ڪري به صرف دولت ڪمائڻ چاهي ٿو.غير معياري کاڌي جون جنسون،نقلي دوائون ۽ موتمار هٿيار انسانيت جي ڪهڙي خدمت جي جذبي تحت ايجاد ڪيا پيا وڃن؟زهريلو دونهون ڇڏيندڙ اهي عظيم الشان ڪارخانا پنهنجن ارب پتي مالڪن کي ته کرب پتي بنائين ٿا پر ساڳئي وقت لکين انسان جي ڦڦڙن کي هميشه لاء ناڪارا بڻائي کين موت جي بستري ڏانهن ڌڪيندا ٿا وڃن.اها ڪهڙي تعليم،تربيت، تحقيق ۽ تهذيب آهي جيڪا انسان کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ظالم، سنگدل،وحشي ، لالچي ۽ انسان دشمن بنائيندي ٿي وڃي؟هاڻي انسان جون پنهنجون پيدا ڪيل اهڙيون بيماريون سامهون اچي رهيون آهن جن جي باري ۾ اڳي نه ڪڏهن ٻڌو ويو نه سڻيو ويو.انسان جا ان قسم جا رويا به ٻين انسان لاء خودڪشين جو سبب بڻجن ٿا.شان شوڪت جو ڏيکاء،وسيلن تي قبضو،دولت جو چند هٿن ۾ گڏ ٿي وڃڻ،اقربا پروري ،رشوت ،معاشي ۽ سماجي ناانصافيون به ان رجحان ۾ واڌارو ڪن ٿيون.ننڍڙن ٻارن سان بداخلاقيء جا جيڪي واقعا روزانو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا اهي ٻڌي ۽ پڙهي ڪري اسان کي پنهن جي انسان هئڻ تي ئي گمان ٿيڻ لڳي ٿو.افسوس جو تهذيب، تعليم ۽ ترقيء جي عروج جي سمورين ڊگھين دعوائن باوجود انسان تيزيء سان حيوانيت جون جيڪي حدون پار ڪيون آهن انهيء تي شيطانيت به شرمندي ٿئي ٿي.انسان پنهن جي ذاتي انا جي تسڪين،پنهنجن معاشي مفادن ۽ جنگجو فطرت سبب پوري دنيا جي امن کي جهڙيء طرح برباد ڪيو آهي انهيء مان لڳي ٿو ته انسان کي سڌرڻ لاء خبر ناهي اڃا ڪيترين وڌيڪ صدين جو سفر درڪار آهي.خبر ناهي اڃا ڪيترن معصوم ۽ ابهم ٻارڙن کي انهن سنگدلن جي راند جو رانديڪو بنجڻو پوندو ۽ فضائن کي سندن وسايل گولا بارود جي بوء برداشت ڪرڻي پوندي. “وقت“ ئي ته اسان وٽ ناهي .پر تاريخ کي خبر آهي ته وقت جي وير ۾ لڙهيل لاشن ۾ ڪيئي اهڙا وجود به هئا جيڪي اڪثر پنهنجو پاڻ کي دنيا لاء “اڻ ٽر” سمجندا هئا پر تاريخ جي پراڻي ڍير ۾ اڄ انهن جا قصا محبت جي نظر سان نه پر صرف عبرت جي اک سان پڙهيا وڃن ٿا.