• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هلندڙ سال ڪراچي ۾ 600 ڄڻا ٽارگيٽ ڪلنگ جو کاج بڻجي ويا: رپورٽ

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
هلندڙ سال ڇهن مهينن دوران ڪراچي ۾ ڇهه سؤ ڄڻن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو کاج بڻايو ويو. ڪراچي ۾ اِهو انگ 2009ع جي مقابلي ۾ ڊبل آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب اڃان تائين ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۾ ماڻهن کي سرعام روڊن تي قتل ڪيو پيو وڃي.

ان رتوڇاڻ ۾ مذهبي ۽ سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ جماعتن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. اخبار موجب هلندڙ سال ڇهن مهينن دوران ڇهه سؤ ڄڻا قتل ٿيا، سال 2009 جي مقابلي ۾ اِها تعداد ڊبل آهي. هڪ ڪروڙ اسي لک آبادي واري شهر کي لاقانونيت جي لهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي جتي پوليس بيوس، مذهبي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ۽ سياسي ڌرين جي نسلي ورهاست عروج تي آهي.

رپورٽ موجب قتلام جي ڪاررواين سبب ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ خوف ڦهلجي رهيو آهي. اخبار پاڪستان جي اڳوڻي انٽيليجنس جي چيف جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سياسي حڪومتن درميان تڪراري مفادن، ڪمزور پاليسين ۽ ڪمزور سياسي ارادن ڪراچي ۾ ڪينسر وانگر ڦهلجندڙ فرقه بندي، لساني تڪرار ۽ مافيا جو خاتمو آڻڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو. پاڪستان ۾ ڏوهه ڪو مقامي مسئلو ناهي شهر جي افراتفري قبائلي علائقن ۾ فوجي آپريشن ۽ آمريڪي ڊرون حملن سبب لڏپلاڻ ڪري آيل طالبان ۽ القاعده جي اڳواڻن کي لڪڻ جو هنڌ ڏيندي آهي.
 
Back
Top