شفيق الرحمان شاڪر اڄڪلهه پاڪستاني سياست ۾ هڪ نئون اصطلاح “ووٽ جي عزت” گھڻي زور سان استعمال ڪيو پيو وڃي ۔مزي جي ڳالهه اها ته اهو نعرو هڪ اهڙي سياسي ڌر پاران لڳايو پيو وڃي جن پنهنجي پوري سياسي تاريخ ۾“ ووٽ” جي عزت بدران هميشه “نوٽ ”جي سياست کي ئي پنهنجو نصب العين بنائي رکيو آهي.اڄ جڏهن اهي بدديانتي ، دوکي ۽ ڪوڙ جي الزامن تحت ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت کان نااهل بڻجي چڪو آهن ۽ سندن خلاف قائم ڪيترن ئي مقدمن جو ايندڙ فيصلو سندس حق ۾ اچڻ جا امڪان اٽڪل ختم ٿي چڪا آهن ته هنن انهن اڻ وڻندڙ نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ ۽ اصل حقيقتن کان عوام جو منهن موڙڻ لاء“ووٽ جي عزت” جو پرڪشش پر گمراه ڪندڙ نعرو ايجاد ڪيو آهي. بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ لفظ “سياست” ايترو ته بدنام ٿي چڪو آهي جو ان کي عام طور تي منفي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ٿو۽ هاڻي جيڪر ڪو ٻئي سان دوکيبازي ڪري،ڪوڙ هڻي ،ٻيائي ڪري يا ڪا چالبازي ڪري ٿو ته اسان ان کي “سياست ڪرڻ” سڏيون ٿا ۽ اڪثر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چوندا آهيون ته “ادا، فلاڻو مونسان سياست ڪري رهيو آهي.” سياست جي ان لفظ جي حصي ۾ آيل هن عظيم بدناميء جو سبب سياستدانن جا دشمن به ضرور هوندا پر گھڻي ڀاڱي ۽ بنيادي طرح سياست جي ان لفظ کي ڪنو ڪرڻ ۾ خود انهن ليڊرن جو اهم ڪردار آهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي سياستدان سڏائين ٿا.چوندا آهن ته “ پنهنجي وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب.”سو هنن سياستدانن ( سڀني نه) گذريل اڌ صديء کان پاڪستاني سياست ۾ اهڙا ته ”ڪرتب” ڏيکاريا آهن جو سلجھيل طبقو هنن جي ڳالهين کي سنجيدگيء سان وٺڻ لاء هاڻي بلڪل تيار ناهي.پر ان سچائيء کان به انڪار ڪري نٿو سگھجي ته هڪ سماج ۽ قوم جي حيثيت سان اسان سڀ “نيم حڪيم، خطره جان” جي مصداق اهڙن ئي سياستدانن نه پر “سياستڪارن ”جي وڇايل ڪوڙڪيء ۾ اهڙو ته بريء طرح ڦاسي چڪا آهيون جو جيئن ٿا ڦٿڪڻ جي پچار ڪيون تيئن وڃون ٿا وڌيڪ ڦاسندا.جڏهن نيم حڪيمن کان پنهنجي دردن جي دوا ورتي وڃي ته پوء “مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي” واري نتيجي تي ڪهڙي شڪ شبهي جي گنجائش باقي رهجي وڃي ٿي؟هونئن اهڙن منافعي خور سياستڪارن کان جان ڇڏائڻ ماڳهين اڻ ٿيڻين مان به ناهي پر خبر ناهي عوام ڇو منجھائن هٿ ڪڍڻ لاء تيار ئي ناهي.شايد انهن جي لذيذ ۽ سوادي لفظن ۾ اهڙو ته مزو ۽ سندن تقريرن ۾ اهڙو ته جادوئي ڪرشمو آهي جو اهي لاڳيتو عوام تي ظلمن جا جبل ڪيرائڻ باوجود به مظلومن جي صفن ۾ پاڻ پنهنجي جاء وٺيو وڃن.اوچتو ئي اوچتو انهن جو آواز ڀرجي اچي ٿو،اکڙين ۾ لارون لڙيو اچن،زبانن تي “عوامي خدمت” ۽ “ووٽ جي عزت” بحال ڪرائڻ جي راه ۾ مٿانئن جيڪر ”قهري ڪلور“ ۽ ”زبردست ظلم” ڪيا ويا انهن جا داستان ٻڌائي پاڻ روئڻ ۽ پاڻ سان گڏ عوام کي اوڇگارون ڏيارڻ جو نرالو فن رکن ٿا. پنهنجن سمورين بربادين ۽ بدحالين باوجود اسان کي انهن ”معصومن” کان ڪا شڪايت نٿي رهي.اڪيلا اهي سياستڪار ئي ناهن جن اسان جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي،انهن سان مفت خورن ۽ حلوا پوريون ڪرٽيندڙن جي پوري نه کٽندڙ ڄڃ آهي.دهلاري،شرنائي نواز،طوطلين وارا،قصيدا خوان،داستان گو،پڪو راڳ ڳائيندڙ،ٺمريون هڻندڙ،واڄو، نچڻا،ڇيرين ۽ چپڙين وارا،يڪتارن ۽ سرندن وارا،نعرا هڻندڙ ۽ نعرن جا جواب ڏيندڙ،لعنتون وجھندڙ،پٽيندڙ ۽ پار ڪڍندڙ،هنبوچيون هڻندڙ،للڪاريندڙ،پنهنجن رهبرن مٿان سوبار سر صدقو ڪرڻ جو ڌمالون هڻندڙ،دانشور،اديب،اينڪر،صحافي ،مطلب ته ڇا ڇا بيان ڪجي ته “عشق” جي انهن آستانن تي ڪيترا سر صدقي ٿيڻ ۽ ڪيترا قلب قربان ٿيڻ لاء آتا هوندا آهن.عقل ئي دنگ رهجيو وڃي ۽ بي اختيار زبان تي اهي لفظ اچن ٿا ته “محو حيرت هون ڪه دنيا ڪيا سي ڪيا هوجائيگي!” جيڪر انهن سياستڪارن کي خطرو آهي ته سمجھو ته جمهوريت کي “خطرو” آهي بلڪه پاڪستان جي سالميت کي ئي “خطرو” آهي.جيڪر انهن کي سندن افعالن،اعمالن ۽ ڪرتوتن سبب ڪرسيء کان الڳ ڪيو ويو ته سمجھو ته عوام جي “ووٽ جي عزت” برباد ٿي ويئي.جيڪي به پاڪستاني ملڪ ۾ قانون جي بنان فرق حڪمرانيء جي ڳالهه ڪن ٿا اهي سڀ عوام جي ووٽ جي “توهين” ڪن ٿا،جيڪي عوام جو چورايل پئسو واپس عوامي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪن ٿا اهي سڀ “سازشي” ۽ “جمهوريت دشمن“ قوتن جو رانديڪو بڻيل آهن.اسان جا اهي“ بي لوث” سياسي رهبر پنهنجن ذاتي مفادن خاطر نه پر عوام جي اصل ”حڪمرانيء” لاء ۽ سندن ووٽ جي عزت ڪرائڻ لاء جدوجهد ڪري رهيا آهن.انهيء ڪري عوام کي گھرجي ته هو بنان ڪجهه سوچڻ سمجھڻ جي “نظرياتي جاکوڙ ” جي ان سمنڊ ۾ اکيون ٻوٽي ٽپو ڏيئي وٺي ۽ انهن کان هروڀرو اهڙو بي بنياد سوال نه پڇي ته اوهان جا پنهنجا “شهزادا”سرڪشيء جي ان سمنڊ کان ڪنارو ڪري لنڊن جي پرلطف فضائن ۾ خوابن جا ڪهڙا خوبصورت محل جوڙي رهيا آهن؟انهن کي پنهنجي قوم سان هٿ هٿ ۾ ملائي “ووٽ جي عزت” جا ترانا ڳائڻ کان ڪهڙي جناتي مخلوق روڪي رکيو آهي؟۽ وٽانئن گستاخي ڪري ڪو اهو به سوال نه پڇي ته عوام جي ووٽ جي عزت جي حسين ديوي جنهن تان هن وقت اوهان جان ۽ دل ٻئي صدقو ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺا آهيو،ووٽ وٺڻ کان پوء عوام اوهانجو ڪيترن مهينن کان پوء منهن ڏسي ۽ ڪيترن سالن کان پوء صورت پسي ٿو.مڃيوسين ته عوام جي ووٽ جي عزت نه ڪندڙ ڌريون گھڻيون مضبوط آهن ۽ اهي هر هر اوهان کي ستائين ٿيون،عوام جي خلاف سازشن جا ڄار وڇائين ٿيون،اوهان جون ڄنگھون ڇڪين ۽ اوهان جا پير ڪڍن ٿيون پر اوهان سالن کان سياست جي نالي تي جيڪو سامان سانڍيو آهي انهيء مان عوام کي ڇا سريو آهي. اوهان جيڪر واقعي ايترا ئي لاچار،بيوس ۽ بي اختيار هئا ته پوء اوهان جي مالي حالت ته عوام کان به وڌيڪ ابتر هئڻ گھربي هئي پر اها ڪهڙي “برڪت ڀري” بي اختياري ۽ بيوسي آهي جيڪا اربن کي کربن ۾ بدلايو ڇڏي؟ماڻهن جي ووٽ جي عزت واري مرحلي جي منزل اڃا پري آهي،پهرين اهو ته تسليم ڪيو ته اهي ماڻهو جيڪي اوهان کي ووٽ ڏين ٿا اهي به انسان آهن،جيئرا جاڳندا انسان جن جي سريڙ ۾ به ساه سري ٿو،جن جي پيٽ ۾ به بکن جو دوزخ دکي ٿو،جن جي جگر جا ٽڪرا به بيمار ٿين ٿا،جن جي اندر ۾ به انيڪ ننڍيون ننڍيون آسون ٻرن ۽ اجھامن ٿيون. جيڪرگندگيء جي ڍيرن مان پنهنجي روزي تلاش ڪندڙ معصومن جي ميلي ۾ اڃا تائين ڪا ڪمي نه آئي آهي ته پوء ٻين کان عوام جي ووٽ جي عزت جو مطالبو ڪرڻ کان اڳ انهيء سوال جو جواب لازمي گھرجي ته “ عوام کان ووٽ وٺي حڪمرانيء جا مزا ماڻيندڙ ان مخلوق پاڻ عوام جي ووٽ جو ڪيترو مان رکيو آهي؟”