شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 78 سال پهرين اڄوڪي ئي ڏينهن تي 1940ع ۾ لاهور جي منٽو پارڪ ۾ پيش ڪيل “پاڪستان جو ٺهراء” حقيقت ۾ هڪ اهڙي آزاد رياست جو سهڻو سپنو هو جنهن ۾ سموريون قوميتون سياسي ۽ معاشي برابريء جي اصول تي گڏجي پنهنجون زندگيون سک ۽ شانتيء سان گذارينديون.جتي ڪنهن کي اڪثريت،ڏاڍ ۽ اختيار جي بنياد تي غلام نه بنايو ويندو پر ٿيو ڇا؟ پاڪستان ٺهندي ئي انهن سمورن وعدن کي وساري ملڪ جي عوام خاص طور تي ننڍين قوميتن ۽ ڪمزور طبقن سان جيڪو حشر ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي سو اسان جي تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي . جنهنجو بنيادي سبب اسان جي حڪمرانن ۽ سياستدانن جي تعصب ڀري ذهنيت آهي جيڪا عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ بدران انهن کي ورهائيندي ويئي.ڪٿي نسل ۽ زبان جي بنياد تي ته ڪٿي مذهبي فرقن جي بنياد تي.اهي حڪمران ۽ سياستدان جيئن ته اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ ملڪ سان نظرياتي لڳاء کان ڪورا رهيا جنهن ڪري اهي رياست ۽ رياستي اختيارن کي پنهنجن ڪجهه ذاتي ۽ گروهي مقصدن ۽ مفادن لاء استعمال ڪندا رهيا ۽ حقيقي عوامي ڀلائي انهن جي ايجنڊا ۽ پاليسين جو حصو نه رهي.نتيجي ۾ اڄ هڪ ڊگھو عرصو گذري وڃڻ باوجود عوام جي حالت سڌرڻ ۽ بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ ابتر ٿيندي ٿي وڃي.پاڪستان ٺهڻ کان وٺي حڪمرانن هميشه “ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي پاليسي تحت ملڪ ۾ جنهن تعصب،نفرت ۽ ورهاست جو ٻج پوکيو ان جا نتيجا قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.انهن قوم کي ڪو هڪڙو گڏيل نعرو ڏيڻ بدران وقت بوقت مختلف نعرا ڏنا،ڪڏهن اسلامي پاڪستان،ڪڏهن سيڪيولر پاڪستان ته ڪڏهن نئون پاڪستان وغيره وغيره پر جيئن ته اهي نعرا به انهن صرف پنهنجي حڪمرانيء جو مدو وڌائڻ يا حڪومتن تي قبضو ڪرڻ لاء پيش ڪيا هئا ان ڪري ملڪ ڪا هڪڙو مضبوط رخ وٺڻ بدران انهن نعرن ۾ ئي ورهائجي رهجي ويو.مختلف قوميتن کي هڪ وفاق ۾ سلهاڙي رکڻ ڪو سولو ڪم ناهي.خاص طور تي جڏهن رياست ۾ معاشي انصاف نالي ڪا شيء موجود نه هجي ۽ ڪمزور طبقن سان برابريء جو سلوڪ ڪرڻ بدران انهن کي رياستي ۽ غير رياستي اختيار ذريعي وڌيڪ چپيو ۽ چيڀاٽيو وڃي ته اتي قومي ٻڌي ۽ رياستي يڪجهتي جي سوچ پيدا ٿيڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ۽ ماڻهن ۾ عدم تحفظ ۽ محرومين جو احساس پيدا ٿيڻ هڪ فظري ۽ اڻٽر عمل آهي. جنهنجو ردعمل اسان اوڀر پاڪستان کي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ ڏٺو پر ايڏي وڏي هاڃي به اسان جي اختيار ڌڻين جون اکيون نه کوليون ۽ نه ئي انهن انهيء مان ڪو سبق سکيو.ننڍن صوبن سان جيڪي ڏاڍايون ۽ بي واجبيون ڪيون ويون ۽ ڪيون پييون وڃن انهيء مان لڳي نٿو ته اسان جي حڪمران اشرافيا واقعي آئين جي احترام جو ڪو ارادو رکي ٿي، عوام توڙي رياست کي صرف سياستدان ئي متحد ۽ مستحڪم رکي سگھن ٿا پر بدقسمتي اها جو سياست به اسان وٽ واپار بڻجي ويئي آهي جڏهن اسيمبلين جون ٽڪيٽون خريد ۽ وڪرو ٿيڻ لاء ڪروڙن جو ڪاروبار ٿيندو هجي ته اهڙا چونڊيل عوامي نمائندا پنهنجو سيڙايل سرمايو ٻيڻو ٽيڻوڪري واپس حاصل ڪرڻ لاءسياست جي پردي ۾ ڪاروبار ڪندا يا عوام جي اهنجن ۽ آزارن جي ڳڻتي ڪندا؟ پاڪستان جي قائم ٿيڻ جا مقصد صرف ڪتابن ۽ تقريرن ۾ رهجي ويا آهن، باقي عمل جي ميدان ۾ صرف ذاتي،خانداني ۽ گروهي مقصد ئي گردش ڪري رهيا آهن.سياستدانن جي لڙاين،جھڳڙن ۽ بدزبانين ملڪ جو ماحول ئي بدبودار ڪري ڇڏيو آهي.آمريت خلاف تقريرون ڪندڙن جا پنهنجا رويا ۽ پاليسيون وڏن وڏن آمرن کي شرمائي چڪيون آهن.جمهوريت جا قصيدا پڙهندڙن جي پنهن جن پارٽين اندر جمهوريت نالي ڪا شيء نظر نٿي اچي.ملڪ ۽ عوام سان وفاداريء جون دعوائون ڪندڙن جو دامن پاناما ۽ اقاما جهڙن اسڪينڊلن سان ڀريو پيو آهي.آزاديء جي 71 سالن ۾ عوام کي سواء سورن جي ٻيو ڇا مليو آهي؟ البته حڪمرانن جا محلن مٿان ۾محل ٺهندا ۽ سندن ڪاروبارن ۾ برڪتون وسنديون ۽ وڌنديون ٿيون وڃن.ملڪ ۾ ميرٽ کي مضبوط ڪرڻ بدران ان جو جنازو وڏي ڌوم ڌام سان ڪڍيو ويو آهي.هر نوڪريء لاء يا ته رشوت گھرجي يا سفارش.جڏهن رياست ۾ جھنگ جو قانون نچندو هجي ته پوء عوام جو رياست ۽ رياستي ادارن تي ڪهڙو اعتماد قائم ٿيندو.ڪاروباري ذهن ۽ بادشاهاڻي سوچ جي مالڪ حاڪمن کي غريب عوام جي دکن دردن جو ڪهڙو احساس ٿيندو.اسان جا تعليمي ادارا ئي نصاب ۽ طبقاتي نظام جي بنياد تي اڄ تائين ورهايل آهن.نسلن جو آئيندو داء تي لڳل آهي جنهن سبب ملڪ جا ذهين ۽ باصلاحيت ماڻهو پنهن جي ملڪ بدران ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجو معاشي مفاد محفوظ ۽ پنهنجو ذهن مطئمن سمجھن ٿا.جڏهن ليڊرشپ جون دلچسپيون پنهنجن اصل ذميدارين کان هٽي ڪري ڪجھه ٻين مقصدن ۾ ڦاسي وڃن ته اهڙي ملڪ ۾ قيادت جو بحران پيدا ٿئي ٿو جنهن کي غير رياستي اداڪار ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جنهن ڪري ئي دهشتگردي ۽ سماج دشمنيء وارو ماحول نسرجي ٿو.جنهن ملڪ ۾ بندوقن جي پهري هيٺ مسجدن ۾ نمازون ادا ڪيون وڃن،قانون نافذ ڪندڙ جوانن جي ڇانو ۾ جڏهن اسان جا تعليمي ادارا تعليم ڏيندا هجن،خوف ۽ دهشت جي ماحول ۾ جڏهن اسان بازارن ۾ خريد فروخت ڪندا هجون،اسان جي قومي تهوارن تي بدامني ۽ بي يقينيء جا ڪڪر ڇانيل رهن،نه عوام محفوظ هجي ۽ نه ئي انهن جي حفاطت ڪندڙ امن ۾ هجن اتي ملڪ سان محبت جون صرف تقريرون ڪرڻ سان جي ملڪ جي حالت سڌري ها ته اسان روزانو ايئن پنهنجن پيارن جا لاش نه کڻون ها.ڪڏهن ڌماڪن جي شڪار ٿيل بي گناهن جا،ڪڏهن پوليس ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن هٿان چچرجي ويل جوانن جا،ڪڏهن اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت دوران قتل ٿيندڙ معصوم شهرين جا ته ڪڏهن بک ۽ غربت کان تنگ ٿي پنهنجن ٻارڙن سميت آپگھات ڪندڙ پيئرن يا مائرن جا لاش.بي حسيء جي انتها اها جو ڪجھه پئسن خاطر انساني جان وٺڻ هڪ معمولي ڳالهه بڻجي ويئي آهي.ڪٿي انصاف جا بکيا اڍيڙي حقدار کي سندس حق کان محروم ڪري مايوس ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي وسيلن نه هئڻ جو بهانو بڻائي عام ماڻهن کي تعليم،صحت ۽ روزگار جي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي.صرف وڏيون شاهراهون ۽ پليون تعمير ڪرڻ کي ئي ترقيء جو عروج قرار ڏنو پيو وڃي.پاڪستان ۾ سمورا وسيلا ۽ ذريعا ميسر هئڻ باوجود به اڄ جيڪر عام ماڻهو عظيم بدحاليء جو شڪار آهن سو رڳو ان ڪري جو ملڪ ۾ سچي ۽ مخلص اڳواڻيء جي اڻ هوند آهي.انهن اڳواڻن ۾ جيڪر اهڙي سچائي ۽ صلاحيت موجود هجي ها ته اڄ ستر سال گذرڻ باوجود ملڪ جي اهڙي خراب حالت نه هجي ها ۽ غربت جو بي رحم راڪاس بيدرديء سان ماڻهن جا منهن نه پٽي ها.سچا ۽ اهل رهبر اهي هوندا آهن جيڪي ڪکن کي جوڙي آکيرن ۾ بدلائيندا آهن، ماڻهن کي ميڙي قوم بنائيندا آهن ۽ بحرانن کي موقعن ۾ تبديل ڪندا آهن.اسان جي رهبرن جي ستم ظريفي ته ڏسو جو پاڻ ته ذاتي مفادن جي رستي تي ڪاهي پيا پر ان سان گڏوگڏ پوري سماج ۽ قومي ادارن کي به بدعنوانين ۽ ناانصافين جي ان دڳ تي لائي ڇڏيو.نتيجو ڇا نڪتو جو هرهنڌ ڏوهاري مافيائن جو ڄار وڇائجي ويو جن جو دلچسپ شوق پئسو گڏ ڪرڻ ۽ عوام جو رت چوسڻ رهجي ويو آهي.ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ اڄ به جاري آهي.ڪالاباغ ڊيم جو مثال ئي وٺو ته پنجاب سواء باقي ٽن صوبن جون اسيمبليون ان کي رد ڪري چڪيون آهن پر پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ڪنهن نه ڪنهن نموني ان مئل گھوڙي ۾ ساهه وجھي صوبن وچ ۾ نفرت ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪرڻ کان نٿي مڙي جو انهن کي پنجاب ۾ ان حساس معاملي تي سياست ڪري ماڻهن کان ووٽ وٺڻا آهن.ننڍن صوبن جي عوام کي هر وقت شڪن شبهن جي نظر سان سان ڏسندڙ ۽ کين غداريء ۽ بغاوت جا خطاب ڏيندڙن ڪڏهن وڏي صوبي سان تعلق رکندڙ انهن رهبرن جي باري ۾ ڪڏهن ڪجهه چيو آهي جيڪي پنهنجي سياست ڪاڻ ملڪ جي سالميت سان کيڏندا آيا آهن.وفاقي نوڪرين ۾ صوبن جو مقرر حصو مهيا ڪرڻ کان پاڻيء جي منصفاڻي ورهاست تائين،وڏين وڏين سرڪاري عهدن تي مقررين کان صوبن کي سندن قدرتي وسيلن تي مالڪيء جو حق ڏيڻ تائين ننڍن صوبن جي ڏتڙيل عوام کي هيستائين صرف مايوسيون ئي پلئه پييون آهن.دنيا ۾ ڪٿي به وفاق ان طريقي سان نه هلندا آهن.ايڪويهين صديء ۾ “ جيڪو ڏاڍو سو گابو ”وارو اصول مدي خارج بڻجي چڪو آهي ان ڪري پياري پاڪستان جي بقا ۽ مضبوطي انهيء ۾ آهي ته اختيار جا اصل مالڪ پنهنجون سوچون ۽ رويا تبديل ڪن ۽ پنهنجا آئيني حق گھرندڙن کي باغين ۽ وطن دشمنن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ بدران انهن جي مجبورين، محرومين، مصيبتن، معاملن ۽ مسئلن کي تسليم ڪندي ساڻن برابريء وارو سلوڪ ڪن. ملڪي سياست جي سمورن رانديگرن کي به اها ڳالهه چڱي نموني سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته ماڻهن کي مختلف ناٽڪن ذريعي وڌيڪ عرصي تائين بيوقوف بنائي نٿو سگھجي ان ڪري هاڻي انهن کي به چاهيندي يا نه چاهيندي نيٺ عام ماڻهوء جي ايجنڊا تي اچڻو پوندو ۽ انهن جي بنيادي مسئلن، مونجھارن ۽ مشڪلاتن جي حل لاء ڪو حقيقي لاهئه عمل جوڙڻو پوندو ۽ سندن سورن،صدمن ۽ صعوبتن کي گھٽائڻ لاء ڪي موثر اپاء وٺڻا پوندا جو دنيا گھڻو اتي نڪري چڪي آهي ۽ عوام کي هاڻي گھڻي وقت لاء پراڻن رانديڪن سان ريجھائي نٿو سگھجي.