دلبر عبداللّٰه سمون
سينيئر رڪن
23 مارچ اهڙو اونداهو ڏينهن آهي، جنهن تي منهنجي آزاد سنڌ کي ڄڻ ڪنهن ڏائڻ جي نظر لَڳِي هُئي، خدا اُن ڏائڻ جون شل پاڙُون پَٽي…
1843ع، 23 مارچ جي ڏينهن، نيپيئر جي اڳواڻي ۾ فرنگين جي لوڌ لڳي پَئي هُئي، هِتان وارو شينهن ”مَرويسون مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون“ جو لازوال نعرو هَڻندو ڪيترن ئي فلنگين کي نرڳ ڀيڙو ڪندو اڳتي وڌندو رهيو، ميرن جي توبخاني کي گولو لڳو ۽ ڳپل بارود کي باھ لڳي ويئي، پر ڌرتيءَ جا حلالي پُٽ پوءِ تلوارين ۽ ڪهاڙين سان بہ وڙهندا رهيا ۽ فلنگين کي ڌِڪي ڇڏيو هئائون، مير اڌ فوج کي ساهي جي بهاني واپس ورائي ويو جنهن سان سنڌ کي تمام گهڻو خطرو هو، پر ”هوش محمد“ پنهنجي آزادِيءَ واري جذبي سان وڙهندو، گجگوڙ ڪندو ”مرويسون مرويسون سنڌ نہ ڏيسون“ وارو ڪلمو پڙهندو اڳتي وڌندو رهيو پر اڌ فوج واپس وڃڻ ڪري فلنگي جيڪي جديد هٿيارن سان ليس هئا پاڻ سنڀالي ويا ۽ هن شينهن مٿان پُٺِيءَ جو وار ڪري کيس شديد زخمي ڪري وِڌائون پر هن جي زبان تي سنڌ جو ڪلمو جاري هو ۽ اهڙي ريت هن جوان پُٽ شهادت کي ڳل لاتو…
مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نہ مات.
نيپيئر سندس بهادري کان ايڏو متاثر ٿيو جو سنڌ جي هِن ”گهوٽ“ جي مڙھ کي وڏي عقيدت، احترام ۽ سان دفن ڪرايو…
سندس بهادري جو ڳالهيون انهن انگريزن جي ڪتابن ۾ درج آهن،
جکري جيهو جوان، ڏِسان ڪونہ ڏيھ ۾…
ان ”گهوٽ“ جي شهادت کان پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ۽ سنڌ جي غلاميءَ کي پوڻا ٻہ سئو سال ٿي ويا آهن ۽ سنڌ اڄ تائين آزاد ناهي ٿي سگهي…
ڪڏهن ڪرندو ڪوٽ، ڪڏهن ورندو واءُ،
هِيءَ سِسي ۽ ساھُ، گهوريان اُن گهڙِيءَ تان.