• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين: سرڪار جي ڀؤ کان هر سال 3 ملين ٻار لڪايا ويندا آهن: ريسرچ

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
چين جا رهواسي سرڪار جي ڀؤ کان هر سال پنهنجا 3 ملين ٻار لڪائي ڇڏيندا آهن. هڪ برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب چائنا جي رهواسين جي اهڙي ڪارروائي جو ڪارڻ اِهو آهي ته چين ۾ حڪومتي طور تي هڪ کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ سبب ماءُ پيءُ کي جرمانو ادا ڪرڻو پوندو آهي ۽ سزا پڻ ٻڌائي ويندي آهي. رپورٽ موجب ماءُ پيءُ ڇوڪرو پيدا نه ٿيڻ سبب ڇوڪري کي ماري ڇڏيندا آهن.

پر چين جي ڏکڻ واري شهر Xiamen جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ Fu Yang نالي هڪ چائنيز رهواسي کي حڪومت جي ان پاليسي جو سڀ کان وڏو مخالف ڄاڻايو ويو آهي. هن چيو آهي ته منهنجي گهر 10 سالن دوران 7 ڇوڪريون پيدا ٿيون آهن هو سرڪار کان لڪي ڪري ٻارن جي پرورش ڪندو آهي. هن چيو آهي ته سندس 7 ڌيئرن مان 3 ڌيئرون ڪميونسٽ پارٽي جون رُڪن آهن 2 اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ۽ 1 ڌيءُ بيجنگ ۾ لا گريجويٽ ڪري رهي آهي جڏهن ته سندس هڪ ڌيءُ فيملي جي سار سنڀار ڪندي. دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ چين پنهنجي وڌندڙ آبادي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ 1978 ۾ One Child جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.
 
Back
Top