• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امير ڌرتيءَ جا غريب ڌڻي !!!

اعجاز علي ابڙو

سينيئر رڪن
سنڌ جنهن کي مهراڻ جي خوبصورت نالي سان به سڃاتو ويندو آهي. سنڌ جنهن جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي. سنڌ جنهن جي گھڻي قدر آبادي جو ذريعو هڪ عظيم سنڌو درياءُ آهي. سنڌ جنهن جي اوڀر ۾ واريءَ جون انتهائي خوبصورت ڀٽون آهن جنهن کي هڪ خاص نالي ٿر سان پوري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جنهن جي اولھه ۾ هڪ دلفريب ۽ جنت مثل کير ٿر جبل آهي. سنڌ جنهن جي سيني ۾ سوا لک الله جا وليءَ يا اولياءِ ڪرام عبدي ننڊ ۾ ستل آهن تنهنڪري سنڌ کي صوفين جي ڌرتيءَ طور به سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ جنهن جي سيني ۾ ڪيترائي راز لڪل آهن جن مان موئن جو دڙو پوري دنيا ۾ هڪ خاص مرتبو رکي ٿو. سنڌ جنهن جي سيني ۾ اڻ کٽ قدرتي خزانه دفن ٿيل آهن جن ۾ پيٽرول، قدرتي گئس ۽ ٿر مان نڪتل ڪوئلو هڪ اعلي مقام رکن ٿا. سنڌ جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي. ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي. ڪراچي شهر سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد ٻيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ آخر ۾ سنڌ جو وڏو شهر سکر ٽي نمبر تي آهي. سنڌ جنهن ۾ چارئي مندون سيارو، اونهارو، سرءُ ۽ بهار موجود آهن.
پر افسوس! قدرتي خزانن سان مالا مال هن سنڌ ڌرتيءَ جا ماڻهو اڄ لاچاري، غريبي ۽ مفلسيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن! دنيا جيڪا پنهنجي مظبوط تعليمي نظام جي بنياد تي وڃي چنڊ تي پهتي آهي اتي اسين بنا اسڪول جي، بغير ڪنهن سهولت جي، بنا ڪنهن ڪرسيءَ جي نٽهڻ گرميءَ ۾ زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪيون ٿا !!
پاڪستان جي آئين ۾ هر قانون موجود آهي پر تنهن هوندي به اسان جي ڌرتيءَ تي اهو قانون صرف هڪ مسڪين، لاچار ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ ته ايڪشن ۾ اچي ٿو پر هڪ با پهنچ ۽ طاقتور ماڻهوءَ جي سامهون اهو ساڳيون ئي قانون ڪمزور ٿو نظر اچي !! ياد رکو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ تي سوا لک اولياءَ صوفي ستل آهن جن ۾ شاھ عبدالطيف رح، حضرت سچل سرمست رح ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ آهن جن پنهنجي سڄي زندگي محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو پوءِ اڄ ڇو اسان ڌرتي ڌڻين جي اها حالت آهي؟ جيڪڏهن وقت ملي ته سوچجو ضرور !!
هڪ غريب هاري ڏينهن رات، تتيءِ ٿڌيءَ پنهنجن ننڍڙن ٻارن سان گڏجي هزارين ايڪڙ زمين تي ڪم ڪري ٿو ۽ جڏهن رات جو آئون انهن مسڪينن کي ڳاڙهن مرچن سان ماني کائيندي ڏسان ٿو ته اندر ۾ هڪ عجيب طوفان اچي ٿو !!
ڇا لکين ڇا لکان هڪڙو قلم هڪڙو مان ڇا لکين ڇا لکان...!!!
جيڪي منجھه جهان، سو تاريءَ تڳي تنهنجي؛
لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪان؛
عدل ڇٽان آئون نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو! (شاھه شائين رح)
ليکڪ: اعجاز بن قاسم (سافٽ ويئر انجنيئر ۽ ليکڪ)
aijaz.ali@hotmail.com
J5a3B5P.jpg




2NO9x1l.jpg


7bqkXN.jpg





 
بھترين ادا پر اسان کي محسوس ڪرڻ کان علاو عملي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ کپي ، اھو ڀلي ڇونه سوچي يا وري قلم جي ذريعي ،"امير ڌرتيءَ جا غريب ڌڻي" ان ڪري به آھيون جو اسان جو win win situations پيدا نه ٿا ڪريون.
 
Back
Top