پاڻي جيڪو پيئڻ کان چڙهي ويو!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄڪلهه اسان جي حڪمرانن کي عدالتن سڳورين کان گھڻيون شڪايتون آهن.سندن چوڻ مطابق عدالتون سندن مطلب ته حڪومتن جي روز مره جي ڪار وهنوار ۾ ڪاهي پييون آهن.ايستائين جو پاڻيء جومسئلو به پاڻ حل ڪرڻ چاهين ٿيون.پاڻيء جي مسئلي ۾ عدالتن ۽ انهن جي جوڙيل پاڻي ڪميشن کين اهڙو ته پاڻي ڪري وڌو آهي جو سندن نيڻن مان هروقت پاڻي وهي رهيو آهي.پاڻ کي ٻي خبر ته ناهي البت ايتري پروڙ ضرور آهي ته پاڻ پاڻيء سواء پل به پلجڻ جي پهچ نٿا رکون.پاڻ ته ٺهيو پر ساه جي سڳي ۾ سلهاڙيل هر جيو گھرڙو به پاڻيء سواء پاڻهي پنهنجي پرک وڃايو وجھي.پاڻي آهي ته پاڻ آهيون.پر پنهنجن حڪمرانن کي پاڻ واري پاڻيء جي پچر اصل وڻيئي ڪانه! انهن جي خيال مطابق پاڻيء پويان ماڻهن کي هروڀرو پريشان ٿيڻ بدران منرل واري محفوظ پاڻيء ۾ ٽٻيون هڻڻ گهرجن،اجايو عام پاڻيء پويان پاڻي پاڻي ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.عام پاڻيء جي پاڪستاني شوقينن لاء هڪڙي خوشخبري اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ زمين هيٺان موجود پاڻيء جي زخيرن ۾ “آرسينڪ” جو مقدار اطمينان بخش حد تائين وڌي چڪو آهي جنهن جي برڪت سان ملڪ جا اٽڪل هڪ ڪروڙ ماڻهو اهو قدرتي زهر پي مري ويندا ۽ کين ٻي ڪا بيماري خريد ڪرڻ جي هروڀرو ضرورت نه رهندي.پاڻي ذريعي پکڙجندڙ ان وبا جو نالو آهي “ آرسينڪ پوائزننگ“، ڪيڏو نه پيارو نالو آهي!.ان پاڻيء کان پريشان ٿيڻ جي هرگز ضرورت ناهي،پيئندا وڃو، جيئندا وڃو ۽ پنهنجن پيارن حڪمرانن کي دعائون ڏيندا وڃو.دنيا مڃي يا نه مڃي پر اسان واقعي هڪ مضبوط قوم آهيون.دريائڻ ۽ واهن ۾ وهندڙ پاڻي سمورن ڪارخانن کان ويندي غسلخانن تائين جو لوڙهيل قيمتي مواد پنهنجي اندر سمائي پوء اسان جي وات تائين پهچي ٿو پر اسان انهيء تي بسم اللہ پڙهيو پيو ڇڏيون،جيڪر ايئن نه ڪيون ته پاڪستان جي “ فضول” آبادي ڪروڙن بجاء اربن جو ليڪو لتاڙي چڪي هجي ها.عوام مان پاپوليشن کاتي سان وير رکندڙ ڪجهه مٿي ڦريا اهو مطالبو ڪرڻ لڳن ٿا ته “واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ” لڳايا وڃن. انهن جي عقل تي خبر ناهي ڪهڙي وڄ ڪري آهي؟ هي وڏا وڏا موٽر وي ٺاهجن ،نارنگيء جهڙيون ٽرينون ڊوڙائجن،ميٽرو اگربتيون ٻاريندڙ بسون هلائجن يا ويهي پاڻيء سان مٿاماري ڪجي.پاڻي جهڙو آهي اهو ئي آهي،جنهن کي حوصلو هجي سو پيئي ۽ جنهن کي پرهيز آهي سو هميشه جا روزا رکي. گڏيل قومن جي اداري يونيسيف اها خوشخبري به ٻڌائي آهي ته پاڪستان جي هر ٽن گھرن مان ٻن گھرن ۾ گندگين جي دولت سان مالامال اهو پاڻي واپرايو وڃي ٿو جنهن ڪري هر سال اٽڪل 53 هزار ٻار رڳو دستن جو شڪار ٿي موت جو شڪار بڻجن ٿا. باقي ٽائيفائيڊ، گيسٽرو، بدهضمي. السر، گردن جي خرابي، پيچش ۽ ڪاري سائي جهڙا جيڪي مرض پاڻيء جي برڪت سان پکڙجي رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن.گڏيل قومن سان گڏ پاڪستاني عملدار به ان راء سان متفق آهن ته ملڪ ۾ مختلف بيمارين سبب ٿيندڙ موتن ۾ 30 کان 40 سيڪڙو موت گندي پاڻي پيئڻ سبب ٿيندڙ بيمارين کان ٿين ٿا.

    “سائنس جرنل” جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ زمين هيٺ موجود پاڻيء ۾ زهريلي مادي “سنکيي” جو مقدار خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي ۽ ملڪ جا اٽڪل 6 ڪروڙ ماڻهو اهو زهر مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن.رپورٽ مطابق آرسينڪ جو اهو مقدار صحتمند پاڻيء ۾ وڌ ۾ وڌ 10 مائيڪروگرام في لٽر هئڻ گھرجي جيڪو بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ 50 مائيڪرو گرام في لٽر يعني پنجوڻو آهي. اها رپورٽ جوڙيندڙ ڪميٽيء جي اڳواڻ “جول پڊروسڪي” جيڪو “سوئز فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف واٽر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي” جو سربراهه آهي تنهن مطابق سنڌ ۾ سمورن کوهن جي پاڻيء جي جاچ جي ضرورت آهي جڏهن ته هن مطابق هاڻوڪا نتيجا ڏاڍا ڳنڀير آهن.آرسينڪ مليل ان پاڻيء جي لاڳيتي ۽ ڊگھي استعمال سان ڦڦڙن جي ڪينسر، دل جون بيماريون ۽ چمڙيء جي مرضن جو خطرو عام ٿي وڃي ٿو.سائنسدانن جي چوڻ مطابق اڃا تائين ڪا پڪي ڳالهه ڪري نٿي سگھجي ته پاڪستان ۾ زيرزمين پاڻيء ۾ آرسينڪ جهڙي زهر جي تيزيء سان وڌندڙ ان مقدار جا ڪهڙا سبب آهن پر اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته ان جو هڪ وڏو سبب زهريلن ۽ گندن مادن جهڙوڪ ڪيميائي گدلاڻ جو زمين ۾ جذب ٿيڻ آهي. اسان جا حڪمران ۽ حڪومتون ان خطرناڪ للڪار کي منهن ڏيڻ لاء جيڪي “محنتون” ڪري رهيون آهن يا پهرين ڪنديون رهيون آهن انهن محنتن ۾ عدالتون ۽ واٽر ڪميشنون اجايو ٽنگ اڙائي رهيون آهن ۽“ ويچارين “ حڪومتن کي ڪم ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. پاڻي پاڻي ڪندي پاڻي چيلهه کان چڙهي چڪو آهي.پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي جو پنهنجن پيارن حڪمرانن پاڻ واري پاڻيء جي پريشانيء پويان روئي روئي پنهنجن اکين جو پاڻي ئي سڪائي ڇڏيو آهي.مٿان عدالتون ۽ عدالتي ڪميشنون آهن جيڪي پاڻي پاڻي ٿيل انهن ويچارن کي ڪجھه ڪرڻ ئي نٿيون ڏين. اسان جا اهي دانشور ۽ فلسفي حڪمران هروقت پاڻيء تي قوم جي تقدير لکندا رهيا آهن جيڪا بدقسمتيء سان بار بار پاڻي پاڻي ٿي پاڻيء ۾ مليو وڃي ۽ پاڻي آهي جيڪو هميشه پيئندڙن جي پهچ کان پري رهي ٿو. پنهنجي عوام کي ئي ملڪ جو اصل سرمايو سمجھندڙ دنيا جون سڌريل حڪومتون سالن تائين مٿا کپائي پنهنجي عوام جو مستقبل،معاشرو ۽ ماحول محفوظ بنائڻ جون رٿون رٿينديون آهن،ڊگهي مدت وارا منصوبا جڙندا آهن پر اسان وٽ هرمعاملي ۾ صرف “ڪم ٽپايو پاليسي” تي عمل ٿئي ٿو. حڪومتون جيڪر پنهنجي حصي جو مقرر ڪم ڪنديون رهن ته عدالتن کي هروڀرو حڪومتي مامرن ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پوي.جڏهن حڪومتون پنهنجن شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائڻ ۾ ئي ناڪام رهن ته پوء اهڙين حڪومتن جي قائم رهڻ جي جواز تي هڪ وڏو سواليا نشان پيدا ٿئي ٿو.مسئلو وسيلن ۽ ذريعن جو هجي ته ٻي ڳالهه آهي پر هتي ته معاملو نيتن ، دلچسپين ۽ ترجيحن جو رهندو ٿو اچي. عدالتن جي هيڏي وٺ وٺان باوجود حڪومتي اڳواڻ ۽ عملدار صرف ڪجھه دير لاء ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا،ڪجهه ڏينهن لاء ڪي سرگرميون نظر اچن ٿيون پوء” ساڳيون انڌيون ۽ ساڳيا جنڊ ” وارو ماحول واپس موٽي اچي ٿو. عوامي اڳواڻيء جا دعويدار حڪمران جيڪر عوام کي پيئڻ جي پاڻيء جي سهوليت مهيا ڪرڻ لاء به عدالتن جي فيصلن جا منتظر هجن ته پوء انهيء الميي تي صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو