نصرپور شهر کان شاهجهاني مسجد نصرپور تائين جو سفر خادم گھراڻو صبح جو يوم پاڪستان جي موڪل هئي من به نٿي لڳو ته هتي ويهي سڄو ڏينهن گذارجي .اهو سوچي سائين نديم کي فون ڪيم ته اڄ ڪنهن طرف هلون گھمي ڦري اچون . سائين نديم اڳ ئي ڪو موقعي جي تلاش ۾ هو جنهن چيو ته اچ ته هلون . تيار ٿي بس اسٽاپ تي پهتس ته سائين نديم ڀاڻو به اچي ويو . موٽر سائيڪل کي نصرپور تاجپور روڊ طرف رخ رکيوسين جڏهن کيسانه موري تي پهتاسين ته سائين حاجي خان سميجو به اتي بيٺو هو . جنهن سان حال احوال ڪري ان کي به ساڻ ورتوسين اچي ناريجا ڳوٺ ۾ پهتاسين اتي شهيد هوشو جي مقبري جي پڇا ڪئيسين معلوم ٿيو ته اهو سيا لن جي ڳوٺ ۾ آهي اتي جڏهن پهتاسين ته اتي نيٽا نصرپور وارن جو ڪاشي جو ڪم پري کان نظر آيو . اتي مقبري کي تالو لڳل هو اتي اسان کي هڪ استاد مليو جيڪو سيال ذات جو هو ان تالو کوليو اندر وڃي پهرين دعا گھريسين هوشو شهيد جي پيراندي کان هڪ مزار هئي جيڪا شايد جعفر خان مري يا جعفر خان ٽالپور جي هئي جيڪي هوشو سان سنڌ ڌرتي خاطر گڏ انگريزن سان وڙهيا هئا ۽ شهيد ٿيا هئا . هوشو جي باري ۾ منهنجو ۽ سعداللهه سپاهي ابڙو جو لکيل مضمون سنڌ سلامت تي موجود آهي هوشو شيدي 02 مئي 1801 ع ۾ ڄائو هو 23 يا 24 مارچ 1843 ع تي انگريزن سان وڙهندي دٻي جي ميدان ۾ شهيد ٿيو هو . اتي اسان کي اهو معلوم به ٿيو ته فيضو شيدي جي مزار به اتي آهي . اتي پهچي دعا گھرينسين . مقبري جو بهترين ڪم ٿيل آهي مزار سنگ مر مر جي پٿر سان ٺهيل آهن پر هتي ڪوبه ملازم نه رکيل آهي جيڪو هن سورهيه جي مقبري جي حفاظت ڪري اهو ڪم ڳوٺ وارا ڪري رهيا آهن لازمي آهي ته هتي هڪ ميوزم به ٺاهيو وڃي جتي جنگ جي زماني جون نادر شيون . مح۾د صديق مسافر جو شيدين بابت لکيل ڪتاب ، فيضو شيدي جو لکيل ڪتاب به رکيو وڃي جيئن شاگرد لاڀ حاصل ڪري سگھن . اتان نڪري هڪ هڪ يادگار تي آياسين جتي پٿرن جو مينار ۽ هڪ ڪاشي جو وڏو مينار ٺهيل هو .پٿر واري مينار تي جيڪو لکيل هو اهو اسان کي سمجھه ۾ نه آيو اتي هڪ وڏي عمر جو ماڻحو لنگھيو جنهن چيو ته اها انگريزن جي اجتماعي قبر آهي جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا ڪاشي ججو مينار جتي ٺهيل آهي اتي هوشو شيدي شهيد ٿيو هو . هي هڪ وڏي جنگ هئي جنهن کان پوءِ انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا . هتي هڪڙا گولا لوهه جا لڳل هئا جنهن ان وڏي عمر جي ماڻهو ٻڌايو ته اهي هيٺ تمام گھڻا آهن انهن تي ڪن تي انگ لکيل هئا هئا اهي ڇا جا هئا اهو ڪير به ٻڌائي نه سگھيو هي اهو ميدان هو جتي انگريزن سنڌين جو آخري معرڪو ٿيو هو پر اهڙي ڪابه لکت موجود نه آهي جو اسان جا نوجوان اتي اچي ڄاڻ حاصل ڪن هتي ڪوبه ماڻهو به نه آهي جيڪو رهنمائي ڪري هن يادگار جي ڀر ۾ جکرن جو قبرستان هو 24 مارچ 1843 ع سنڌ جي فوج ميرپور مان حيدرآباد طرف حيدرآباد کان 04 ميل پري ڦليلي لڳ دٻي وٽ پهتي سنڌي فوج ۾ 20 هزار سنڌي هئا . هوشو جو نعرو وڙهسون وڙهسون پٺ نه ڏيسون مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هر زبان تي مشهور ٿي چڪو هو انگريزن جي فو ج ۾ 800 گھوڙي سوار جديد توپون جن جا هلائڻ وارا تربيت يافته هئا . هڪ وڏو لشڪر هو مياڻي جي جنگ ۾ چارلس نيپيئر مير جان محمد ٽالپر جي حملي کان ٿوري وٿي تان بچي ويو هو مياڻي جي جنگ ۽ حيدرآباد تي قبضي کان پوءِ به چارلس نيپيئر کي خوف و هن وڌيڪ فوج گھرائي سر چارلس نيپيئر تقرير ڪندي چيو ته 24 تاريخ تي ٽنڊوالهيار طرف مارچ ڪنداسين اسان 06 هزار ن۽ دشمن جي ( سنڌين کي ) فوج 15 هزار آهي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ توپخاني جي انچارج خان محمد ٽهوڙ ساٿين سميت سنڌي فوج جا گولا ۽ بارود باهه ڏئي ختم ڪري ڇڏيا هي انگريزن سان مليل هو ۽ دادو طرف جبلن ڏانهن ڀڄي ويو ،هن اهو ڪم خيرپور جي گورنر مير علي احمد ٽالپر جي چوڻ تي ڪيو جيڪو چارلس نيپيئر سان گڏ هو دادو جي انهن جبلن کي اڄ به ڀڳو ٽوڙهو چوندا آهن دٻي جي ميدان تي برطانوي رياست ۽ سنڌي رياست جي آخري ويڙھ جاري هئي هن ۾ نالي وارا سنڌي جوڌا مير غلام علي ٽالپر ، مير علي خان ٽالپر ، جعفر خان مري ، صوبدار جو خاص بهادر هوشو شيدي بهادري سان انگريزن سان وڙهيا بهادري سان وڙهندي سنڌ خاطر عزت جو موت ماريا ويا . چارلس نيپيئر چيو سنڌي ائين وڙهيا جيئن ڪوبه ساھ کان پياري شيءِ لاءِ وڙهندو آهي ( بيشڪ سنڌ سنڌين کي ساهه کان به پياري آهي ) هن جنگ ۾ سنڌي فوج جا پنجهزار سپاهي شهيد ٿيا ۽ انگريزن جا 39 آفيسر ماريا ويا ( نيٽ تان ورتل ) اتان نڪري اڳتي سفر جاري ڪيوسين ته معلوم ٿيو ته واڻڪي وسي لاني کان اڳتي صاحب خان چانڊيو جو هڪ ڳوٺ آهي جتي به هڪ يادگار ٺهيل آهي . اتي پهتاسين يادگار کي ڏٺوسين اها خبر پيئي ته اها اجتماعي قبر آهي جنهن ۾ انگريزن کي دفن ڪيو ويو هو جيڪي هن دٻي جي جنگ ۾ ماريا ويا هئا اتي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن کي پڙهڻ جي ڪوشس ڪئيسين مٿي هئڻ