نصرپور کان شاهجهاني مسجد نصرپور تائين سفر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2018۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    نصرپور شهر کان شاهجهاني مسجد نصرپور تائين جو سفر خادم گھراڻو
    صبح جو يوم پاڪستان جي موڪل هئي من به نٿي لڳو ته هتي ويهي سڄو ڏينهن گذارجي .اهو سوچي سائين نديم کي فون ڪيم ته اڄ ڪنهن طرف هلون گھمي ڦري اچون . سائين نديم اڳ ئي ڪو موقعي جي تلاش ۾ هو جنهن چيو ته اچ ته هلون . تيار ٿي بس اسٽاپ تي پهتس ته سائين نديم ڀاڻو به اچي ويو . موٽر سائيڪل کي نصرپور تاجپور روڊ طرف رخ رکيوسين جڏهن کيسانه موري تي پهتاسين ته سائين حاجي خان سميجو به اتي بيٺو هو . جنهن سان حال احوال ڪري ان کي به ساڻ ورتوسين اچي ناريجا ڳوٺ ۾ پهتاسين اتي شهيد هوشو جي مقبري جي پڇا ڪئيسين معلوم ٿيو ته اهو سيا لن جي ڳوٺ ۾ آهي اتي جڏهن پهتاسين ته اتي نيٽا نصرپور وارن جو ڪاشي جو ڪم پري کان نظر آيو . اتي مقبري کي تالو لڳل هو اتي اسان کي هڪ استاد مليو جيڪو سيال ذات جو هو ان تالو کوليو اندر وڃي پهرين دعا گھريسين هوشو شهيد جي پيراندي کان هڪ مزار هئي جيڪا شايد جعفر خان مري يا جعفر خان ٽالپور جي هئي جيڪي هوشو سان سنڌ ڌرتي خاطر گڏ انگريزن سان وڙهيا هئا ۽ شهيد ٿيا هئا . هوشو جي باري ۾ منهنجو ۽ سعداللهه سپاهي ابڙو جو لکيل مضمون سنڌ سلامت تي موجود آهي هوشو شيدي 02 مئي 1801 ع ۾ ڄائو هو 23 يا 24 مارچ 1843 ع تي انگريزن سان وڙهندي دٻي جي ميدان ۾ شهيد ٿيو هو . اتي اسان کي اهو معلوم به ٿيو ته فيضو شيدي جي مزار به اتي آهي . اتي پهچي دعا گھرينسين . مقبري جو بهترين ڪم ٿيل آهي مزار سنگ مر مر جي پٿر سان ٺهيل آهن پر هتي ڪوبه ملازم نه رکيل آهي جيڪو هن سورهيه جي مقبري جي حفاظت ڪري اهو ڪم ڳوٺ وارا ڪري رهيا آهن لازمي آهي ته هتي هڪ ميوزم به ٺاهيو وڃي جتي جنگ جي زماني جون نادر شيون . مح۾د صديق مسافر جو شيدين بابت لکيل ڪتاب ، فيضو شيدي جو لکيل ڪتاب به رکيو وڃي جيئن شاگرد لاڀ حاصل ڪري سگھن . اتان نڪري هڪ هڪ يادگار تي آياسين جتي پٿرن جو مينار ۽ هڪ ڪاشي جو وڏو مينار ٺهيل هو .پٿر واري مينار تي جيڪو لکيل هو اهو اسان کي سمجھه ۾ نه آيو اتي هڪ وڏي عمر جو ماڻحو لنگھيو جنهن چيو ته اها انگريزن جي اجتماعي قبر آهي جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا ڪاشي ججو مينار جتي ٺهيل آهي اتي هوشو شيدي شهيد ٿيو هو . هي هڪ وڏي جنگ هئي جنهن کان پوءِ انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا . هتي هڪڙا گولا لوهه جا لڳل هئا جنهن ان وڏي عمر جي ماڻهو ٻڌايو ته اهي هيٺ تمام گھڻا آهن انهن تي ڪن تي انگ لکيل هئا هئا اهي ڇا جا هئا اهو ڪير به ٻڌائي نه سگھيو هي اهو ميدان هو جتي انگريزن سنڌين جو آخري معرڪو ٿيو هو پر اهڙي ڪابه لکت موجود نه آهي جو اسان جا نوجوان اتي اچي ڄاڻ حاصل ڪن هتي ڪوبه ماڻهو به نه آهي جيڪو رهنمائي ڪري هن يادگار جي ڀر ۾ جکرن جو قبرستان هو 24 مارچ 1843 ع سنڌ جي فوج ميرپور مان حيدرآباد طرف حيدرآباد کان 04 ميل پري ڦليلي لڳ دٻي وٽ پهتي سنڌي فوج ۾ 20 هزار سنڌي هئا . هوشو جو نعرو وڙهسون وڙهسون پٺ نه ڏيسون مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هر زبان تي مشهور ٿي چڪو هو انگريزن جي فو ج ۾ 800 گھوڙي سوار جديد توپون جن جا هلائڻ وارا تربيت يافته هئا . هڪ وڏو لشڪر هو مياڻي جي جنگ ۾ چارلس نيپيئر مير جان محمد ٽالپر جي حملي کان ٿوري وٿي تان بچي ويو هو مياڻي جي جنگ ۽ حيدرآباد تي قبضي کان پوءِ به چارلس نيپيئر کي خوف و هن وڌيڪ فوج گھرائي سر چارلس نيپيئر تقرير ڪندي چيو ته 24 تاريخ تي ٽنڊوالهيار طرف مارچ ڪنداسين اسان 06 هزار ن۽ دشمن جي ( سنڌين کي ) فوج 15 هزار آهي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ توپخاني جي انچارج خان محمد ٽهوڙ ساٿين سميت سنڌي فوج جا گولا ۽ بارود باهه ڏئي ختم ڪري ڇڏيا هي انگريزن سان مليل هو ۽ دادو طرف جبلن ڏانهن ڀڄي ويو ،هن اهو ڪم خيرپور جي گورنر مير علي احمد ٽالپر جي چوڻ تي ڪيو جيڪو چارلس نيپيئر سان گڏ هو دادو جي انهن جبلن کي اڄ به ڀڳو ٽوڙهو چوندا آهن دٻي جي ميدان تي برطانوي رياست ۽ سنڌي رياست جي آخري ويڙھ جاري هئي هن ۾ نالي وارا سنڌي جوڌا مير غلام علي ٽالپر ، مير علي خان ٽالپر ، جعفر خان مري ، صوبدار جو خاص بهادر هوشو شيدي بهادري سان انگريزن سان وڙهيا بهادري سان وڙهندي سنڌ خاطر عزت جو موت ماريا ويا . چارلس نيپيئر چيو سنڌي ائين وڙهيا جيئن ڪوبه ساھ کان پياري شيءِ لاءِ وڙهندو آهي ( بيشڪ سنڌ سنڌين کي ساهه کان به پياري آهي ) هن جنگ ۾ سنڌي فوج جا پنجهزار سپاهي شهيد ٿيا ۽ انگريزن جا 39 آفيسر ماريا ويا ( نيٽ تان ورتل )
    اتان نڪري اڳتي سفر جاري ڪيوسين ته معلوم ٿيو ته واڻڪي وسي لاني کان اڳتي صاحب خان چانڊيو جو هڪ ڳوٺ آهي جتي به هڪ يادگار ٺهيل آهي . اتي پهتاسين يادگار کي ڏٺوسين اها خبر پيئي ته اها اجتماعي قبر آهي جنهن ۾ انگريزن کي دفن ڪيو ويو هو جيڪي هن دٻي جي جنگ ۾ ماريا ويا هئا اتي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن کي پڙهڻ جي ڪوشس ڪئيسين مٿي هئڻ نصرپور شهر کان شاهجهاني مسجد نصرپور تائين جو سفر خادم گھراڻو
    صبح جو يوم پاڪستان جي موڪل هئي من به نٿي لڳو ته هتي ويهي سڄو ڏينهن گذارجي .اهو سوچي سائين نديم کي فون ڪيم ته اڄ ڪنهن طرف هلون گھمي ڦري اچون . سائين نديم اڳ ئي ڪو موقعي جي تلاش ۾ هو جنهن چيو ته اچ ته هلون . تيار ٿي بس اسٽاپ تي پهتس ته سائين نديم ڀاڻو به اچي ويو . موٽر سائيڪل کي نصرپور تاجپور روڊ طرف رخ رکيوسين جڏهن کيسانه موري تي پهتاسين ته سائين حاجي خان سميجو به اتي بيٺو هو . جنهن سان حال احوال ڪري ان کي به ساڻ ورتوسين اچي ناريجا ڳوٺ ۾ پهتاسين اتي شهيد هوشو جي مقبري جي پڇا ڪئيسين معلوم ٿيو ته اهو سيا لن جي ڳوٺ ۾ آهي اتي جڏهن پهتاسين ته اتي نيٽا نصرپور وارن جو ڪاشي جو ڪم پري کان نظر آيو . اتي مقبري کي تالو لڳل هو اتي اسان کي هڪ استاد مليو جيڪو سيال ذات جو هو ان تالو کوليو اندر وڃي پهرين دعا گھريسين هوشو شهيد جي پيراندي کان هڪ مزار هئي جيڪا شايد جعفر خان مري يا جعفر خان ٽالپور جي هئي جيڪي هوشو سان سنڌ ڌرتي خاطر گڏ انگريزن سان وڙهيا هئا ۽ شهيد ٿيا هئا . هوشو جي باري ۾ منهنجو ۽ سعداللهه سپاهي ابڙو جو لکيل مضمون سنڌ سلامت تي موجود آهي هوشو شيدي 02 مئي 1801 ع ۾ ڄائو هو 23 يا 24 مارچ 1843 ع تي انگريزن سان وڙهندي دٻي جي ميدان ۾ شهيد ٿيو هو . اتي اسان کي اهو معلوم به ٿيو ته فيضو شيدي جي مزار به اتي آهي . اتي پهچي دعا گھرينسين . مقبري جو بهترين ڪم ٿيل آهي مزار سنگ مر مر جي پٿر سان ٺهيل آهن پر هتي ڪوبه ملازم نه رکيل آهي جيڪو هن سورهيه جي مقبري جي حفاظت ڪري اهو ڪم ڳوٺ وارا ڪري رهيا آهن لازمي آهي ته هتي هڪ ميوزم به ٺاهيو وڃي جتي جنگ جي زماني جون نادر شيون . مح۾د صديق مسافر جو شيدين بابت لکيل ڪتاب ، فيضو شيدي جو لکيل ڪتاب به رکيو وڃي جيئن شاگرد لاڀ حاصل ڪري سگھن . اتان نڪري هڪ هڪ يادگار تي آياسين جتي پٿرن جو مينار ۽ هڪ ڪاشي جو وڏو مينار ٺهيل هو .پٿر واري مينار تي جيڪو لکيل هو اهو اسان کي سمجھه ۾ نه آيو اتي هڪ وڏي عمر جو ماڻحو لنگھيو جنهن چيو ته اها انگريزن جي اجتماعي قبر آهي جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا ڪاشي ججو مينار جتي ٺهيل آهي اتي هوشو شيدي شهيد ٿيو هو . هي هڪ وڏي جنگ هئي جنهن کان پوءِ انگريز سنڌ تي قابض ٿي ويا . هتي هڪڙا گولا لوهه جا لڳل هئا جنهن ان وڏي عمر جي ماڻهو ٻڌايو ته اهي هيٺ تمام گھڻا آهن انهن تي ڪن تي انگ لکيل هئا هئا اهي ڇا جا هئا اهو ڪير به ٻڌائي نه سگھيو هي اهو ميدان هو جتي انگريزن سنڌين جو آخري معرڪو ٿيو هو پر اهڙي ڪابه لکت موجود نه آهي جو اسان جا نوجوان اتي اچي ڄاڻ حاصل ڪن هتي ڪوبه ماڻهو به نه آهي جيڪو رهنمائي ڪري هن يادگار جي ڀر ۾ جکرن جو قبرستان هو 24 مارچ 1843 ع سنڌ جي فوج ميرپور مان حيدرآباد طرف حيدرآباد کان 04 ميل پري ڦليلي لڳ دٻي وٽ پهتي سنڌي فوج ۾ 20 هزار سنڌي هئا . هوشو جو نعرو وڙهسون وڙهسون پٺ نه ڏيسون مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون هر زبان تي مشهور ٿي چڪو هو انگريزن جي فو ج ۾ 800 گھوڙي سوار جديد توپون جن جا هلائڻ وارا تربيت يافته هئا . هڪ وڏو لشڪر هو مياڻي جي جنگ ۾ چارلس نيپيئر مير جان محمد ٽالپر جي حملي کان ٿوري وٿي تان بچي ويو هو مياڻي جي جنگ ۽ حيدرآباد تي قبضي کان پوءِ به چارلس نيپيئر کي خوف و هن وڌيڪ فوج گھرائي سر چارلس نيپيئر تقرير ڪندي چيو ته 24 تاريخ تي ٽنڊوالهيار طرف مارچ ڪنداسين اسان 06 هزار ن۽ دشمن جي ( سنڌين کي ) فوج 15 هزار آهي جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ توپخاني جي انچارج خان محمد ٽهوڙ ساٿين سميت سنڌي فوج جا گولا ۽ بارود باهه ڏئي ختم ڪري ڇڏيا هي انگريزن سان مليل هو ۽ دادو طرف جبلن ڏانهن ڀڄي ويو ،هن اهو ڪم خيرپور جي گورنر مير علي احمد ٽالپر جي چوڻ تي ڪيو جيڪو چارلس نيپيئر سان گڏ هو دادو جي انهن جبلن کي اڄ به ڀڳو ٽوڙهو چوندا آهن دٻي جي ميدان تي برطانوي رياست ۽ سنڌي رياست جي آخري ويڙھ جاري هئي هن ۾ نالي وارا سنڌي جوڌا مير غلام علي ٽالپر ، مير علي خان ٽالپر ، جعفر خان مري ، صوبدار جو خاص بهادر هوشو شيدي بهادري سان انگريزن سان وڙهيا بهادري سان وڙهندي سنڌ خاطر عزت جو موت ماريا ويا . چارلس نيپيئر چيو سنڌي ائين وڙهيا جيئن ڪوبه ساھ کان پياري شيءِ لاءِ وڙهندو آهي ( بيشڪ سنڌ سنڌين کي ساهه کان به پياري آهي ) هن جنگ ۾ سنڌي فوج جا پنجهزار سپاهي شهيد ٿيا ۽ انگريزن جا 39 آفيسر ماريا ويا ( نيٽ تان ورتل )
    اتان نڪري اڳتي سفر جاري ڪيوسين ته معلوم ٿيو ته واڻڪي وسي لاني کان اڳتي صاحب خان چانڊيو جو هڪ ڳوٺ آهي جتي به هڪ يادگار ٺهيل آهي . اتي پهتاسين يادگار کي ڏٺوسين اها خبر پيئي ته اها اجتماعي قبر آهي جنهن ۾ انگريزن کي دفن ڪيو ويو هو جيڪي هن دٻي جي جنگ ۾ ماريا ويا هئا اتي هڪ بورڊ لڳل هو جنهن کي پڙهڻ جي ڪوشس ڪئيسين مٿي هئڻ يادگار آهي . پر سائين حاجي خان سميجي جي گاڏي پنڪچر ٿي ويئي جنهن ڪري پهرين ان کي ٺهرائڻ لاءَ مسو ڀرڳڙي جو روڊ ورتوسين . گاڏي کي تيار ڪري ميرن جي قبرستان طرف وياسين جڏهن اتي پهتاسين ڪو به ماڻهو نه مليو پراڻي زماني جون مزارون ڳولڻ جي باوجود به نه مليون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جون مليون اتي هل مسجد تمام قديم مسجد هئي جنهن جي در اڳيان ميرن جي مسجد لکيل هو پر هتي آثار قديمه آرڪيالجي وارن جو بورڊ ته هو پر ڪوبه ملازم نه هو ڪلر به اهڙو هو جو جنهن جاءِ تي ڏس ڪلر جيڪڏهن هن ماڳ جي حفاظت نه ڪئي ويئي ته ٿوري وقت ۾ هن جو نالو نشان به ختم ٿي ويندو . هتان کان اسان جو سفر مياڻي جو ٻيلو هو پڇا ڪري نيشنل هائي تي چڙهياسين ٻيلي جو رخ ڪيوسين منهنجي ذهن ۾ اچي رهيو هو ته هتي خوبصورت جانور هوندا پکي کپڻ هوندا گل هوندا هتي انگريزن ۽ سنڌين جي جنگ لڳي هئي هتي به ڪي يادگار هوندا پر ڪاريءَ وارا ڪک هئا هتي ديوين جا وڻ لئي جا وڻ ٻيا وڻ هئا جيڪي روئي پنهنجي تڪليفن جو داستان هوا جي جھونڪن جي صورت ۾ ٻڌائي رهيا هئا ته انهن کي پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي انهن جا پن ڇڻي ويا آهن انهن جو حسن ختم ٿي ويو آهي هتي رڳو مايسي ۽ بيوسي جا داستان هئا هتي هيڏي سنڌ خاطر جنگ لڳي پر ڪوبه يادگار نه آهي اسان جا نوجوان ڪيئن اعتبار ڪندا سنڌي انگريزن سان هتي وڙهيا هئا انگريزن ٽوٽا چٻاڙائي ڇڏيا هئا . هن ايريا تي سنيڌين ڄڻ گوريلا جنگ ڪئي هئي ، ڪافي اڳتي نڪري بند جي ويجھُ پهتاسين پر هر طرف اسان کي خاموش ماحول ڏسڻ ۾ آيو هڪ جاءِ تي هڪ گونگو ٻڪرار ٻڪريون چاري رهيو هو جنهن اسان کي اشارن سان ٻڌايو ته اسان غلظ رستو ورتو آهي ڀلجي ويا آهيون . هن مياڻي ٻيلي جي باري ۾ نيٽ تي آهي ته مياڻي وٽ لشڪر گڏ ٿيو سنڌي ٻاويهه هزار هئا انگريز 28 سو يا هزار هئا ميرن جي توبچي هاويل جي غداري سبب توبخاني تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو ميرن جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي ويئي مير نصير ٽالپر يارهن سو سوار وٺي حيدرآباد جي قلعي ۾ پهتو .ڪيپٽن پوسٽنس پنهنجي ڪتاب پرسنل آبزرويشن آف سنڌ لکي ٿو ته سنڌي فوج انگريز فوج حملي آور ن خلاف وڙهيا جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي زندگي به بدرجا عزيز ڪنهن شيءِ تي وڙهندو آهي مياڻي جي جنگ 17 فيبروري 1843 ع حيدرآباد جي شهداداڻي ٽالپرن جي حاڪم مير نصير خان ٽالپر ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي جنرل چارلس نيپيئر جي وچ ۾ ڦليلي واهه جي ڪناري وٽ لڳي هئي ( نيٽ تان ورتل )
    اتان کان مايوس من سان مٽياري طرف رخ رکيوسين جيئن ته جمعي جو ڏينهن هو ان ڪري مٽياري روڊ کان چنڊڻ روڊ اتان الهڏنو ساند روڊ پهتاسين جتي اسان کي اسان جي اسڪول جي ساٿي سيد غلام حيدر شاھ بخاري کي مڪي مديني مان عمرو ڪري آيل ساٿي سائين عبدالفتح دائودپوٽي جو ڏنل تحفو ڏيڻو هو ،اهو ڏيئي سومرا موري جو رستو وٺي اچي نصرپور ۾ پهتاسين . جتي شاهجهاني مسجد ( اڳ نصر مسجد ) ۾ جمعي نماز پڙهي پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿياسين اهو مختصر سفر سنڌ جي سورمي شهيد هوش محمد شيدي جي شهادت واري ڏينهن يعني 23 مارڄ تي ڪيوسين گھڻن جو خيال آهي ته هوش محمد شهيد جي شهادت 24 مارچ آهي واقعي جيڪي يادگار هئا اتي به 24 مارچ لکيل آهي اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا هي ٻئي جنگيون سنڌين ۽ انگريزن جي وچ ۾ تاريخي جنگيون آهن انهن علائقن جي حفاظت ڪئي وڃي اتي يادگار ٺاهيا وڃن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو