• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسان سبحان اعظم شان ،

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Arif Mohyal
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Arif Mohyal

سينيئر رڪن
انسان سبحان اعظم شان،
چُوني بيچُوني انسان اعليٰ

ڪٿي آدمؑ شيثؑ اظهار ٿيا
ڪٿي ھابيل قابيل تڪرار ٿيا
ڪاٿي نوحؑ نبي عاد نروار ٿيا
بيرنگي رنگوني انسان اعليٰ

ڪاٿي دائودؑ دھشت سليمانؑ ٿيا۔
ڪٿي موسيٰؑ بہ عيسيٰ عمران ٿيا
ڪٿي ابراھيمؑ آذر نيشان ٿيا
دروني بيروني انسان اعليٰ

ڪٿي ادريسؑ الياسؑ آثار ٿيا
ڪٿي يعقوبؑ يوسفؑ دلدار ٿيا
ڪٿي اسماعيلؑ اسحاقؑ ذبح دار ٿيا
خوني صيهوني انسان اعليٰ

ڪٿي افلاطون،طاليس،لقمان ٿيا
ڪٿي بھرام،باقا،خاقان ٿيا
ڪٿي سڪندر،دارا، شاھان ٿيا
گُوني بگوني انسان اعليٰ

ڪٿي نمرود،شداد،فرعون ٿيا
ڪٿي بلقيس،بھلول،ھارونؑ ٿيا
ڪاٿي حاتم،ھامان،قارون ٿيا۔
ديني بيديني انسان اعليٰ

ڪٿي عبداللّٰه احمّد ختم النبيؐ
ڪٿي حسنؑ،حسينؑ و خاتون عليؑ
ڪٿي اصحاب القاب عبد النبي
نگيني نگوني انسان اعليٰ

ڪٿي رھبر ھادي رحمان ٿيا
ڪٿي معشوق،عاشق پريشان ٿيا
ڪٿي سائين خادم حُڪمان ٿيا
نموني نموني انسان اعليٰ

ڪٿي موسيٰ مدھوش ڪوه طور ٿيا
ڪٿي سولي برسر منصور ٿيا
ڪٿي مذهب مُلن مذڪور ٿيا
ناحقوني حقوني انسان اعليٰ

ڪٿي مائٽ دوست برادر ٿيا
ڪٿي مُدعي مُدعا شران شِر ٿيا
ڪٿي حاڪم حڪمت سراسر ٿيا
دُوني يڪوني انسان اعليٰ

ڪٿي موج ”محمدڻ“ مسرور ٿيا
ڪٿي راز پوشي مشڪور ٿيا
جِٿ ڪِٿ ھر رنگ حضور ٿيا
باطوني ظهوني انسان اعليٰ .

چيف سردار محمود خان گهوٽو
المعروف
شھنشاه سخي سردار محمدڻ فقير صوفي قادري قلندر
 
آخري ترميم:
Back
Top