شفيق الرحمان شاڪر ڪپتان جي سياست به سمجھڻ کان زور آهي.ڪڏهن جاويد هاشميء جهڙن “باغين “ کي پنهنجي پارٽيء ۾ گھهليو اچي ته ڪڏهن سنڌ جي روايتي وڏيرن جي مٿي تي شفقت جو هٿ گهمايو ويهي. “تبديليء ” جي نعري جي چئمپين پنهنجي پارٽيء سان اهڙو ته حشرڪيو آهي جو ٻيو ڪجھه تبديل ٿئي يا نه پر سندس پارٽي ضرور تبديل ٿي چڪي آهي.“ ٻوٿ ٻاڪرو ۽ پڇ ريڍو ” واري چوڻيء تي جيڪر ڪنهن ماڻهوء دنيا ۾ نهايت ئي سهڻي نموني عمل ڪري ڏيکاريو آهي ته اهو جناب عمران خان آهي.سندس پارٽي خوشقسمتي يا بدقسمتيء سان “ هليم جي ديڳ “ بڻجي ويئي آهي جنهن ۾ جيڪا به جنس اندر وجھجي سا قبول پئجيو وڃي.مارشلائن جون حمايتون ڪرڻ وارا ۽ جمهوريت جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ وارا سڀ هڪڙي ئي جھهنڊي هيٺان هڪ آهن.طالبان سان همدرديون جتائڻ وارا توڙي پاڪستان ۾ لبرل ۽ ماڊريٽ سماج جا پرچارڪ پڻ ڪپتان سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيٺل نظر اچن ٿا.پارليامينٽ تي لعنتون وجھندڙ توڙي پارليامينٽ ذريعي ڪپتان جي وزيراعظم ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ سڀ جا سڀ انهيء ئي محفل جا مور آهن.مطلب ته “ تيري محفل مين جو پهنچي سڀي ايڪ هوئي.” تازو هڪڙي ٽي وي اينڪر کي عدالت سڳوريء طرفان ڪجھه سزا پلئي پيئي آهي ،سندس ڏوهه اهو ڳڻايو ويو ته هن پنهنجي ٽاڪ شو ذريعي ملڪ ۽ عوام ۾ “هيجان” جي ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،ڪئي هوندائين،پاڻ ڪير ٿيندا آهيون عدالتن جي فيصلن ۾ ٽنگ اڙائڻ وارا!پر هي جيڪي سياسي اداڪار صبح سانجھيء نت نين خيالي اڳڪٿين جا بم عوام تي وسائيندا ۽ هڪٻئي تي بدزبانين ڀريل الزامن جا ڊرون ڪيرائيندا ٿا رهن،حقيقيت ۾ ڪورٽ سڳوريء کي گهرجي ته انهن کي به اهڙن اڪيلن“ حجرن ” جو مزو چکايو وڃي جتي ماڻهو يا ماڻهوء جي ذات به نه هجي. پوء ڏسون ته اهي پنهنجن تقريرن، پيشنگوين۽الزام تراشين جا جوهر ڪيئن ٿا ڏيکارين . انهن ته عوام جا مٿا چريا ۽ ذهن مائوف ڪري ڇڏيا آهن.بهرحال ڳالهه پئي هلي جناب عمران خان جي سياست جي سو هن وٽ هڪڙو قيمتي سياسي “ هيرو “ شيخ رشيد جي صورت ۾ اڳيئي موجود هو،توڙي جو هو باقائدي سندس جماعت ۾ ناهي پر پنهنجي ٽانگا پارٽيء سميت عمران جي سموري سياسي راند جو اوپنر رانديگر بڻيل آهي. رهي سهي ڪسر هڪ ٻئي صحافتي “ ماڻڪ ” جي اچڻ سان پوري ٿي ويئي آهي.هاڻي “ گھوٽ جي ماء ڇو نه نچي” وارو سهرو ڪورس جي انداز ۾ گڏجي ڇو نه ڳائجي؟شيخ صاحب جهڙي کٽاري گاڏيء سهاري ڪپتان “تبديلي“ جي منزل تي پهچندو سو ته دنيا ڏسندي پرشيخ صاحب وٽ وڃائڻ لاء ڪجھه ڪونهي تنهن ڪري ڪو به سياسي صدقو ونڊڻ لاء سندس هٿ سڌو ڪپتان جي گيدي ۾ وڃي ٿو.خبر ناهي پنڊيء جي ان پراڻي جوڳيء وٽ ڪهڙي گدڙ سنگھي آهي جو سندس گدگدي ڪرڻ سان ڪپتان کليو کليو کيرو ٿيو پوي ۽ انهيء بي خوديء جي عالم ۾ “ شيخ جي” پنهنجا ڪرتب ڏيکاريو وڃي.هونئن شيخ صاحب ۽ “اصولي سياست ” جا لفظ پاڻ ۾ ٺپ ٺهن ئي ڪونه.پنهنجي ئي جيون ڪٿا تي لکيل سندس ڪتاب “ فرزند پاڪستان” شايد عمران خان پورو ناهي پڙهيو جنهن ۾ هن تڏهوڪي نواز شريف کي هڪ خدا ترس،رحمدل ۽ نيڪ نمازي انسان ۽ سندس منهن مبارڪ کي “نوراني چهرو ” سڏيو آهي ،اها ٻي ڳالهه آهي ته شيخ صاحب ڊڪشنريء مان ڪو اهڙو بڇڙو لفظ نه ڇڏيو آهي جيڪو هن اڄوڪي نوازشريف خلاف دهل وڄائي استعمال نه ڪيو هجي.سندس“ دانشمنداڻين “ پيشنگوين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ته هاڻي مطالبن جون ٻوريون کولي ويٺو آهي.مارشلا نه ته جوڊيشل مارشلا ئي سهي.پر مڙيئي ڪم ڪجھه“ نرالي طريقي “ سان ٿي پوي پر ٿيندو ايئن قطعي ڪونه جهڙيون هو آسون رکيو ويٺو آهي. هاڻي اچون ٿا ڪپتان جي سياسي خزاني ۾ نئين وڌيل هڪ ٻئي قيمتي “ ماڻڪ ” طرف جنهنجي سڀ “ لياقت” هڪڙي “آمر ” جي دور ۾ نڪري نروار ٿي هئي.سندس سياست کي هڪ پاسي رکي سندس صحافتي “ خدمتون ” ئي ايتريون ته اڻ کٽ آهن جو انهيء لاء مضمون نه پر ڪئين ڪتابن جي ضرورت آهي.منهنجي خيال ۾ پاڪستاني صحافت جي ميدان ۾ اهو اڪيلو ۽ منفرد ماڻهو هئڻ جو اعزاز رکي ٿو جيڪو بنان رنگ ، نسل ۽ مذهب سڀني جو بنان فرق جي هڪجهڙو پٽڪو ڪيرائيندو ۽ انهيء کي پنهن جي “ باوقار “ زبان جي “ پارلياماني پيرن” ذريعي لتاڙيندو رهيو آهي.ڳالهه مان ڳالهوڙو ٺاهڻ ته ڪو وٽانئس سکي.ڪنهن کي ملڪ دشمن ته ڪنهن کي اسلام دشمن،ڪنهن کي را ۽ سي آئي جو ايجنٽ ته ڪنهن کي غدار وطن،مطلب ته سمورن سرٽيفڪيٽن جو ٿيلو هروقت سندس ڳچيء ۾ لٽڪيل رهي ٿو.تازين خبرن مطابق پي ٽي آئي جي ريل ۾ چڙهڻ جي ترت بعد ان عظيم دانشور کي اوچتو الهام ٿيو آهي ته ڪراچي ڪنهن جو شهر آهي؟ پيپلز پارٽيء وارن جون ته پنج ئي گيهه ۾ ! جيڪر ڪپتان کي وڌيڪ اهڙا ڪجھه نفسياتي نمائندا سنڌ ۾ ملي ويا ته پوء “ هوئي تم دوست جس ڪي،دشمن اس ڪا آسمان ڪيون هو؟” جي مصداق سنڌ ۾ عمران خان جي امڪاني سياست جو خدا ئي حافظ آهي. ان ماڻڪ جي رنگين زندگيء جا ڪيئي رنگ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.ميديا جي هٿيار کي جهڙيء طرح هن مخالفن جي ڪردارڪشيء لاء استعمال ڪيو آهي ڪنهن سڌريل ۽ مهذب سماج ۾ ان جو سوچي به نٿو سگھجي.ايستائين جو انهيء مقصد لاء هو مذهب جي نالي جو به بيدردريء سان استعمال ڪندو رهيو آهي.جڏهن ڀائي صاحب سان گڏ هو ته ان جي شان ۾ خوشامدن جا درياء وهائي ڇڏيندو هو پر صرف هڪڙي رات کيس ڪنهن خاص “حجري“ جي زيارت ڪرائي کيس اهڙو ته “ذڪر فڪر” ڏسيو ويو جو صبح ٿيندي ئي هن تي ڀائي صاحب جون سڀ نحوستون کلي وييون ۽ هن متحده کي ٽي طلاقون هڪ ئي وقت ڏيئي ڇڏيون.ڪڏهن مقتدر ادارن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ ته ڪڏهن انهن جو پاڻمرادو ترجمان سڏائيندڙ اهو شخص جڏهن به ڳالهائي ٿو ته صرف دليون ئي گھائي ٿو. ٻه ڀيرا الطاف اينڊ ڪمپنيء جي نوڪري ڇڏيندڙ “بي لاڳ ” صحافت ۽ “ اصول پسند” سياست جي ان ٿنڀي پنهن جي سياسي توڙي صحافتي زندگيء ۾ خبر ناهي ڪيتريون ڪلٽيون کاڌيون آهن.هاڻي ملڪ ۾ “تبديلي“ جي خواهشمندن کي سندس خدمتون گھربل آهن ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ مخالفن کي انمول گاريون ڏيارڻ جي “اصولي” سياست ڪري ملڪ ۾“ تهذيب“ ۽ “ برداشت “ واري سياسي ڪلچر جو بنياد وجهي سگھجي. “ تبديلي اچي نه پيئي، تبديلي اچي چڪي آهي.” ڪپتان صاحب کي ٻئي ماڻڪ مبارڪ هجن!