هڪ اهم ڳالهه !!! دوستن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته HIV/AIDS جا ويجهڙ ۾ حيدرآباد مان ڳچ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالھ آهي. ياد رکو هي بيماري شدت اختيار ڪري رهي آهي، پنهنجو بچاءُ ئي بهترين واٽ آهي. زندگي جا ڪجهه هيٺ ڏنل اصول اسانکي وڏي تباهي کان بچائي سگهن ٿا: - پنهنجي همسفر سان وفاداري - رت واري هر شي کان پاسو - رت ڏيڻ يا وٺڻ مھل ليبارٽري کان چڪاس ڪرائڻ - علاج وقت نئين سرنج، ڊرپ سيٽ وغيره جو استعمال - حجم کان پاسو يا پنهنجي نئي استري / بليڊ / پاڪي / ريزر جو استعمال. - ذاتي ٽوٿ برش، ريزر، نهن ڪٽري، سُئي، ٽوال وغيره ڪنھن سان به شيئر نه ڪرڻ. مان پي پي ايڇ آئي سنڌ لاءِ ائچ آئي وي/ايڊز ڪنٽرول Guidelines جوڙي رهيو آهيان. جلد اوھان سان به شيئر ڪندس. دعائن جو طلبگار ڊاڪٽر بهارعلي وساڻ سانگهڙ (ڊاڪٽر بهار علي وساڻ جي فيسبڪ وال تان)