اچو ته خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرون.

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”Grand Theft Auto Vice City ” راڪسٽر نارٿ طرفان جوڙيل هڪڙي ڪمپيوٽر گيم آهي جيڪا ٻين عام راندين جيان رڳو هڪڙي راند نه پر تصورن سان ٽمٽار هڪ ٻي زندگي آهي.جنهن ۾ توهان روزمره جي زندگيء جا سمورا ڪم ڪري سگھو ٿا.ايستائين جو راند جي اندر ئي اوهان کاڌو کائي، لباس خريدي ۽ وار سنواري سگھو ٿا.جتي ماڻهن جون باقائدي دوستيون ۽ دشمنيون ٿين ٿيون.جتي ٽيڪسي هلائي يا ٻيو ڪوبه پسند جو ڪاروبار ڪري پئسو ڪمائي سگھجي ٿو،هٿيار خريد ڪري ۽ دشمن کي سبق سيکاري سگھجي ٿو.دنيا جي وڏن وڏن بااثر ماڻهن سان لاڳاپا قائم ڪري سگھجن ٿا.مطلب ته اها راند اسان جي عام زندگيء جي متوازي هڪ پوري زندگي آهي پر آهي سڄي خيالي ۽ تصوراتي.جنهن کي به تصوراتي زندگي Virtual Life جو سچ پچ صحيح اندازو لڳائڻو آهي ته اها گيم گھڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي.جڏهن ڪو هڪ ڀيرو تصوراتي دنيا جي ان راند ۾ داخل ٿئي ٿو ته بس اڳتي وڌندو وڃي ٿو.مثال، ڪنهن ان راند ۾ ڏوڪڙ گڏ ڪري جائيداد خريد ڪئي ته اهو جيئن جيئن وڌيڪ ڏوڪڙ گڏ ڪندو ۽ وڌيڪ جائيداد خريد ڪندو وڃي ٿو تيئن تيئن سندس ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ جائيداد خريد ڪرڻ جي طلب ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو.جيئن جيئن هو پنهنجن دشمنن جو انت آڻيندو وڃي ٿو تيئن تيئن هن جا وڌيڪ دشمن پيدا ٿيندا وڃن ٿا ۽ هو انهن دشمنن جو دنيا مان نالو نشان مٽائڻ ۽ پنهنجي شان شوڪت جا جھنڊا پوري دنيا ۾ ڦڙڪائڻ جي مستيء ۾ مست ٿيندو ٿو وڃي.جيڪر تصوراتي دنيا ۾ انسان کي هٿ آيل دولت،شهرت ۽ طاقت جو نشو ايتري قدر آهي ته پوء اندازو لڳايو ته جيڪر اهي شيون انسان کي حقيقي دنيا م هٿ اينديون هونديون ته انسان ڇا ڇا نه ڪندو هوندو! پر ان سموري راند جو مايوس ڪندڙ مرحلو اهو ته انهن مان ڪابه ڪاميابي انسان حقيقي طور تي حاصل نٿو ڪري.جيئن ئي ڪمپيوٽر بند ٿيو خواهشن ۽ خوشين جا سڀ خوبصورت محل مسمار ٿيو وڃن ۽ زندگيء جي سخت حقيقتن جو راڪاس وات کوليو انسان کي ڳڙڪائڻ لاء سامهون بيٺل نظر اچي ٿو.

    اهي مسئلا ڪهڙا آهن؟ شاگرد لاء پڙهائي،بي روزگار لاء نوڪري، بکئي لاء ماني،بي گھر لاء پناهه وغيره وغيره.ان راند جو هڪ ٻيو پهلو اهو ته جڏهن انسان تصوراتي دنيا جي راند ۾ مصروف ٿئي ٿو ته هو عملي زندگيء مان آئوٽ ٿي وڃي ٿو ڇو ته عملي زندگيء جا ڪم نهايت ئي ڏکيا ۽ مرحلا نهايت ئي صبر آزما آهن.عملي زندگيء ۾ پئسو ڪمائڻ لاء تصوراتي دنيا واري راند جيان صرف بٽڻ دٻائڻو نٿو پوي پر گھڻا پاپڙ ويلڻا پون ٿا.اها ته محنتن ۽ مشقتن جي دنيا آهي جتي دشمنن کي مات ڏيڻ ايڏو آسان ڪم ناهي نه ئي توهان انهن جي ايئن آسانيء سان مرمت حجامت ڪري سگھو ٿا جو انهيء کان اڳ اوهان جي پنهنجي مرمت حجامت جو خطرو رهي ٿو.تصوراتي دنيا ۾ دنيا جا سمورا مشڪل ترين ڪم به بلڪل آسان آهن، مثال؛ اونهن کڏن کوٻن مان گاڏيء کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي اچڻ،رستي ۾ ڪنهن سواريء کي لاهي ماري ڇڏڻ، رستي هلندي ڪنهن به ڏٽي مٽي تي مڪن ۽ لتن جو وسڪاروڪرڻ يا هٿيار ڏيکاري پئسا ڦرڻ، پيڇو ڪندڙ پوليس کي بيوقوف بنائي بچي نڪرڻ،ايستائين جو مرڻ جي صورت ۾ به پريشانيء جي ڪا ڳالهه ڪانهي توهان صرف هڪڙو بٽن دٻائي پنهنجي زندگي وري شروع ڪري سگھو ٿا ڇوته اها حقيقي نه پر تصوراتي دنيا آهي. وائيس سٽي راند سان گڏوگڏ تصوراتي دنيا جو هڪ ٻيو مثال فيس بڪ آهي.وائيس سٽيء ۾ ته توهان اهو سڀ ڪجھه اڪيلي ڪري رهيا هوندا آهيو پر فيس بڪ تي اوهان کي جيئرن جاڳندن انسانن جو ساٿ ميسر هوندو آهي.اوهين روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تڪراري موضوعن کي تبصرن جو نشانو بڻائي ماڻهن کان ڍير سارو داد وصول ڪري سگھو ٿا.پنهنجو فين ڪلب ٺاهي سگھو ٿا،پنهنجن پسند ڪندڙن ۾ واڌاري لاء اوهان کي ٻين فيس بڪي ڀائرن سان ڀائي بنديء جو تعلق نڀائڻو پوي ٿو جو جيترو توهان ٻين فيس بڪي ليکڪن جو ساٿ ڏيندا اوتروئي اهي توهان سان دوستي نڀائيندا.اوهان جي حيثيت اوهان کي مليل پسنديدگين مان پرکي وڃي ٿي. توهان جي پوسٽ تي تبصرا ڪندڙن جو به توهان کي شڪريو ادا ڪرڻو آهي ته جيئن اهي آئيندي به تبصرا ڪندا رهن،ڏينهن ۾ ٽن چئن موضوعن تي راء ڏيڻ،تبصرا پڙهڻ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ،منفي تبصرن جي صورت ۾ پنهن جو بچاء ڪرڻ ۽انهن جو جواب ڏيڻ،ٻين لکندڙن جي پوسٽن ۽ تبصرن کي ڏسڻ ۽ انهن تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ،ان سموري ڪم لاء توهان کي روزانو 6 کان 12 ڪلاڪن جو وقت گھربل هوندو آهي.ٻي ڳالهه اها ته ڪيترن ئي مقبول ڪالم نگارن ۽ ٽي وي اينڪرن به فيس بڪ تي پنهنجا فين پيج جوڙي رکيا آهن،توڙي جو انهن وٽ ايترو وقت ناهي جو ويٺا سمورا تبصرا پڙهن پر تڏهن به جيڪر سندن پيج تي ڪو منفي تبصرو يا تنقيد وغيره جا لفظ اچي ويا ته پوء جواب ۽ جواب در جواب جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو وڃي۽ انا جي هڪڙي جنگ جو طويل سلسلو به شروع ٿي سگھي ٿو جيڪو سالن تائين جاري رهي سگھي ٿو.ان معاملي جو نهايت ئي خطرناڪ پاسو اهو آهي جو اسان جي عملي يا حقيقي زندگيء جو پورو اڌ حصو سوشل ميڊيا يا ڪمپيوٽر جي اها تصوراتي دنيا آسانيء سان هضم ڪيو وڃي.ان سڄي کيل تماشي ۾ انسان اهڙو ته مست ٿي وڃي ٿو جو پورو ڏينهن ٽنگون ٽيڙي ننڍي يا وڏي اسڪرين سامهون تصوراتي زندگيء جي هر ميدان ۾ پنهنجين ڪاميابين ۽ ڪامراننين جا خيالي جھنڊا جھولائيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي جڏهن ته سندس پلئه ۾ پائي به ناهي هوندي.زال، ٻار ۽ ماء پيء اهڙي “ارسطو” کي حيرت ۽ پريشانيء وچان ڏسندا ۽ دعائون گھرندي نظر ايندا ته الاهي! اسان جي هن عقل جي اڪابر کي تصوراتي دنيا مان ڪڍي واپس حقيقي دنيا ۾ آڻ.خيالي دنيا ۾ پنهنجن عظيم خيالن جا موتي ۽ ڏاهپ جا هيرا ونڊيدڙ کي اها توفيق به ڏي ته هو حقيقي زندگيء ۾ به ڪو ڪم ڍنگ سان ڪري سگھي. تصوراتي دنيا جي اهڙي ئي هڪ عظيم باشندي کان سندس دوست هن جي کنڊريل وارن جو سبب پڇيو ته فرمائڻ لڳو ته آئن اسٽائين جا وار هميشه ايئن کنڊريل هوندا هئا.سو جيڪر رڳو وار کنڊيرڻ سان ڪو آئن اسٽائين بڻجي سگھي ٿو ته پوء ملڪ جا پاڳل خانا اهڙن آئن اسٽائينن سان سٿيا پيا آهن. آئين اسٽائين وار کنڊيرڻ سان گڏ حقيقي زندگيء ۾ ٻيا به ڪيئي اهم ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. سوشل ميڊيا جي ان تصوراتي دنيا ۾ وڏن وڏن ليکڪن ۽ ڏاهن تي بنان سوچڻ سمجھڻ جي تنقيد ڪرڻ وارن جي به هڪڙي فوج موجود آهي.هڪڙو صاحب جيڪو سوشل ميڊيا تي ڪاپي پيسٽ ذريعي دانشور بڻيو آهي تنهن شاه عبدالطيف جي شاعريء تي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي. اهڙيء طرح هڪڙو صاحب جيڪو سرڪاري ٽي وي ۾ ملازم هو تنهن حضرت علي هجويري يعني داتا گنج بخش رحه جي ڪتاب ڪشف المحجوب جون خاميون ڳڻائڻ شروع ڪري ڇڏيون. ننڍپڻ ۾ اسان خيالي دنيا جي ٻن ڪردارن “ ديون ” ۽ “بونن “ جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن، ديو جيڪي انسان جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسان کان ڳري مخلوق آهي جيڪا انسانن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي جڏهن ته بونا انسانن جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسانن کان پتڪڙي مخلوق آهي جيڪي انسان کي مختلف شرارتن ذريعي ايذائين ۽ ستائين ٿا.بس تصوراتي دنيا ۾ ته رڳو ديو يا بوناهوندا آهن باقي انسان ته حقيقي ۽ عملي دنيا جا پابند ۽ زمان ۽ مڪان جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا آهن سو زماني سان گڏ هلڻ جو مقصد خلائن ۾ خيالن جا محل تعمير ڪرڻ نه پر زماني جي حقيقتن کي سمجھڻ،انهن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.هن ڪائنات ۾ انسان جيڪر پنهنجي اصل فطري حقيت ۽ حيثيت کان منهن موڙي خيالن جي دنيا م پنهنجي لاء ڪو ٻيو مقام ڳولهڻ جي غير حقيقي ۽ غير فطري ڪوشش ڪندو ته يا ته اهو ديو بڻجي ويندو يا بونو! دنيا تماشي جي جڳهه ضرور آهي پر هر ماڻهوء خاص طور تي نوجوانن کي اڄ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته زندگيء جي تلخ حقيقيتن کي اکيون اکين ۾ وجھي منهن ڏيڻو آهي يا وري زندگيء جي پرفريب ۽ وڻندڙ خيالي رڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پاڻ کي رتورت ڪرڻو آهي.اهو خيال رهي ته خيالي دنيا جو هر خيال رڳو رڃ آهي ۽ رڃ مان مان اڃ جو اجھامڻ حقيقت جي دنيا ۾ اڃا صرف هڪڙو خيال آهي.
     
    Zeeshan Ali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو