پروفيسر مولا بخش محمدي مولانا ذوالفقار علي طاهر بن حمزه علي (متوفي 2005ع) بن غلام حيدر (متوفي 1983ع) جن تعلقو کپرو ضلعو سانگهڙ (حال تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپورخاص) جي هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺ سامارو موري ۾ 4 مارچ 1972ع ۾ پيدا ٿيو، مولانا ذوالفقار علي طاهر مرحوم جسم ۾ ڀريل، ويڪرو مُهانڊو، ڳورو رنگ ۽ وچولو قد ڊگھي سونهاري ۽ سندس وڏيون ديد سان پُر جھانديده اکيون، ويڪري ڇاتي، مٿي تي سفيد ڄاري واري ٽوپي، شلوار قميص ۾ ملبوس شاه سائين جي هنن سٽن جو هو بهو عڪس نظر ايندا هئا. جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس، جھڙي ڌڻي ڏني هئس صورت اهڙي ئي خوبين ڀري هُئن سيرت، گفتگو جا گوهر، علم و ادب، سنجيدگي ۽ سياڻپ سندس سڃاڻ هئي، سندن ڳوٺ کي جيڪا علمي مڃتا مليل هئي ان ۾ به هن ڳڻن جي ڳهير شخص جو وڏو حصو هوندو هو، مولانا طاهر مرحوم سدائين مک تي مرڪ سجائي، اندر ۾ اڻ ڳڻيا ارمان سانڍي پڻ مجسمه محبت پيا نظر ايندا هئا، توڙي جو هن جي حياتي جو وڏو حصو ڪراچي جي اساتذه ڪرام، عُلماءِ عظام ذي وقار حفاظ ۽صُلحاءَ سان گڏ گذريو. مگر، ان هوندي هو علم اڃايل طلباء کي سُرت، ساڃاه، علم و ادب، ڏات ۽ ڏاهپ جي ڏيئي سان پيا روشني بخشيندا هئا، هن ۾ ٻين ناليوارن کان وڌيڪ ڳڻ ته هئا مگر اوڳڻن کي هن ڪڏهن به اڳيان اچڻ نه ڏنو،صفات ۾ پاڻ ساڌا، سچار، جھيڻون ۽ ٿور ڳالهائو، هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ، دلبر ۽ معتبر ماڻهون هوندا هئا، پاڻ ساري حياتي قال الله وقال الرسول جي دائري ۾ گھاريندي، ڪتاب و سنت جي خالص تعليم پرائيندي ۽ پڙاهائيندي صبغت الله جي احسن صبغته ۾ رڱجي ريٽا ٿي ويا هئا، پاڻ تقليدي طوق بجاءِ هر معقول دليل کي تسليم ڪرڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻايو نه وري هن ڪڏهن ڪنهن کي به پنهنجي نقطه نگاھ رڳو لفاظيءَ جي آڌار تي زوري مڃرايو، هن وٽ ڪتاب ۽ سنت جو سهڻو سنيهو ئي مفيد معيار هوندو هو. افسوس ! جو حياتيءَ ۾ هن کي پنهنجا توڙي پراوا صحيح نموني سمجھي نه سگھيا ڪاش اسان پنهنجي سپوٽن جو حياتي ۾ ئي قدر ڪرڻ ته سکي وٺون. مولانا طاهر پرائمري پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هائي اسڪول کپري مان پاس ڪرڻ کانپوءِ مدرسه قاسم العلوم ٽنڊوآدم روڊ ميرپورخاص ۾ داخلا وٺي عربي ۽ فارسي جو پورو ڪورس تڪميل تي پهچايو، جنهن کانپوءِ مولانا طاهر مرحوم باقائده علومِ اسلاميه جي تحصيل و تڪميل لاءِ مدرسه تعليم القرآن و الحديث لياقت ڪالوني (گھمن آباد) حيدرآباد ۾ جماعت اول لاءِ داخلا وٺي، سٺن ۽ امتيازي نمبرن سان تڪميل تي پهچائي. 1988ع ۾ عربي جي جماعت دوئم ۾ داخلا لاءِ ڪراچي جي قديم علمي آماجگاھ جامعه دارالحديث رحمانيه سولجر بازار ۾ داخلا وٺي باقاعده معقولات و منقولات تڪميل تي پهچائي، علامه قاري عبدالخالق رحماني رحمه الله ۽ علامه عبدالله ناصر رحماني حفظه الله جي دست مُبارڪ سان دستاربنديءَ جو اعزاز امتيازي نمبرن سان ماڻيو، عجيب اتفاق چئبو جو جڏهن سندن عمرِ عزيز پورن ويهن سالن جي ٿي يعني 4 مارچ 1992ع تي شادي خانه آبادي جو انعقاد پڻ عمل ۾ آيو، جنهن مان کيس ڌڻي پاڪ زبير ۽ زهير جھڙا سپوٽ پٽ عطا ڪيا. 1999ع ۾ فضيلة الشيخ علامه عبدالله ناصر رحماني حفظه الله جي حسن انتخاب مطابق کين الجامعه المعهد السلفيه ۾ فن تنظيم و تدريس لاءِ منتخب ڪيو ويو، پوءِ ڊسمبر 2010ع ۾ کين ماهوار مجلي دعوت اهلحديث جي ادارت جا فرائض پڻ سونپيا ويا جيڪي پڻ هن انتهائي ديانتداري سان دم واپسيءَ تائين نڀايا، مولانا طاهر گھڻ رُخي شخصيت جو ڌڻي، هردلعزيز، منفرد مزاج جو مالڪ، مثالي مقرر، وسيع مطالعه و مشاهده جو مالڪ، معياري مدرس، دلپذير داعي، سٺو نثر نگار، حالات حاضره ۽ عالمي حالات جي آگاهي رکندڙ، افڪار علوم اسلاميه خلاف سيڪيولرزم ۽ قوم پرستي جو نانءُ وٺي ٿيندڙ ويسا گھاتين کان پوري ريت آگاهي رکندڙ انسان هو، هو مزاج ۾ شگفته طبع، عربي فارسي جي اسرار، عبارت، ادب،عاليه صرف، نحو، بلاغت تي عبور رکندڙ ڪهنئه مُشق مثالي مدرس هو، افسوس جو هن جي بلند معيار تقرير، تدريس، تبليغ ۽ تحرير کان هاڻي وري ڪڏهن به استفادو نه ڪري سگھبو. اڱڻ اهي ئي جت نه پسان جوءَ ۾ اوطاقون اوٺين جون سڃيون سڀئي اکڙيون روئي ماڳ نهاري موٽيون هن کي مون ته ٻين عالمن سڳورن جي مقابلي ۾ تمام نهٺو، سنجيده باوقار، گھڻ پاڙهو، ٿور ڳالهائو ٻي کي عزت ڏيڻ جي عادات مطلب ته مون هن ۾ انسانيت ۽ ايمان جا اِلاهي سارا اوصاف ڏٺا، مرحوم مولانا طاهر جن فڪريءَ لحاظ کان علامه دوران، مثالي محدث، سيد بديع الدين شاه راشدي رحمه الله ۽ علامه عبدالله ناصر رحماني حفظه الله کان بيحد متاثر ڏٺو، ۽ هنن جي فڪري رنگ ۾ رنڱيل نظر آيو، مرحوم طاهر جي لکڻين جومنفرد، اسٽائيل، اسلوب ۽ انداز هوندو هو، ڪڏهن ته هن جا ڪارائتا پر مغز اداريه پڻ ذهنن کي ولوڙي ڇڏيندا هئا، هن ۾ وڏي خوبي اها پڻ نظر آئي جو هو هٺ ۽ هوڏ بجاءِ ٻي جي راءِ کي به انتهائي سهپ ۽ سنجيدگيءَ، وقار سان ٻڌڻ جو حوصلو رکندو هو، پوءِ قابل قبول دليل کي قبول ڪرڻ ۾ ڪڏهن به عيب ۽ عار ڪونه سمجھندو هو، وڏي ڳالهه ته هو پنهنجي نظريي کي جارحاڻي انداز ۾ لفاظي جي سهاري ڪنهن تي ڪڏهن به ڪونه مڙهيندو هو، صدائے عام ہے یاراں نکتہ دان کے لیے مولانا طاهر ڪراچي جي هڪ ٽريفڪ روڊ حادثي ۾ 3 جنوري 2018ع جي هڪ سرد ۽ ميرانجھريءَ شام جو داعي اجل کي لبيڪ چئي وڃي خالق حقيقي سان مليو، هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن، انا لله و انا اليه راجعون ! هو پاڻ ته موڪلائي ان ڏيهه ويو جتان وري ڪنهن کي ڪونه ورڻون آهي، مگر هن جا اصول، آدرشون ۽ سڪ ڀريون ساروڻيون نٿيون وسرن. هن تاري، هن روءِ، هتي منهنجا سپرين سڄڻ کٿوريءَ بوءِ مونکي مور نه وسريا هن بيخبرائيءَ ۽ ويڳاڻپ جي دور ۾ جڏهن پنهنجن مان به پهنجائپ، پيار، همدردي، رواداري ۽ سڃاڻپ جي اک پورجي وئي ان وقت طاهر جھڙي هڏڏوکي عبقري انسان جي اوچتي جدائي جيءُ جھوريندڙ آهي، هن جو ته قلم ۽ قرطاس سان اڻ مٽ رشتو هو اها ئي هن جي ڪُل ڪائنات هئي. نگھت گل میری دھلیز پر کیا ٹھرے گی میرے کمرے میں کتابوں کے سوا کچھ بھی نہیں جن ماڻهن تي جيئري لکڻ جي ضرورت هوندي آهي، انهن کي اسين مرڻ پڄاڻان ڇوپيا ياد ڪندا آهيون؟ اهڙو سوال ته سنڌ واسين کان ڪرڻ پڻ اجايو آهي ڇو ته هن مانائتي مثالي قوم وٽ مري ويلن لاءِ پڻ اختلافات ختم ٿي ڪونه سگھبا آهن، شايد وير ۽ ڪروڌ کي هو اڻ ملهه ھيرو ٿا سمجھن اهڙي ماحول ۾ به هن سان قرب ونڊيندڙ جي ڪمي ڪونه هئي، صرف ڪراچي ۾ هڪ ئي رات هن جي ٽي دفعا جم غفير موحدن جي ميڙ جنازه نماز پڙهي پوءِ جڏهن سندن جسم خاڪي ڳوٺ آندو ويو ته اتي به الله وارن جي مثالي ميڙ هن کي رقت قلب سان ياد ڪندي جنازه ۾ شرڪت ڪري مائيٽاڻي مُقام ۾ ابدي آرامي ڪيو، هو هاڻي اسان کان ته ڏور گور غريبان ۾ وڃي خاڪ نشين ٿيو جتي اسانکي به هڪ ڏينهن هلڻون آهي، دل مان دعا ٿي نڪري ته پروردگار جل شانه سندن مرقد تي مغفرت جا مينهن وسائي، سندس بشري ڪوتاهيون پنهنجي مهر سان مرهي کين اعليٰ عليين ۾ مقام عطا فرمائي. آمين يا رب العالمين. سب کہاں کچھ لالہ و گل میں نمایاں ہوگئیں خاک میں کیا کیا صورتیں ہونگی کہ پنہاں ہوگئیں