* روم، اٽلي: عيسائين جي مذهبي سربراهه پوپ پال کي، عيسائي دانيال بشير، سنڌي اجرڪ پهرايو جيڪو هن خوشيءَ سان پاتو ـ * روئيداد خان لکي ٿو: ڊرائنگ روم ۾، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز ڀُٽو ملڻ لاءِ ويٺو هو سو ساڻس ملڻ لاءِ لهي هيٺ آيس جنهن پهريون سوال ڪيو: اڃا ڀٽو زندهه آهي؟ روئيداد خان پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو: ”ماڻهو ڏاڍا پٿر دل هوندا آهن“ حوالو: روئيداد خان جو لکيل اردو ڪتاب: پاڪستان انقلاب ڪے دھانے پر ـ *پي آءِ اي جي جهازن جي پڇ جي ڊزائين بدلائڻ لاءِ وري تياريون شروع، نئين ڊزائين موجب قومي جانور مارخور جو فوٽو شامل ڪيو ويندو ـ * نوابشاهه: سنڌ جي وڏي بيماري آصف علي زرداري آهي، بلوچستان ۾ به ايتري غربت ناهي جيتري اندورن سنڌ ۾ آهي: عمران خان.سربراهه پي ٽي آءِ ـ * بلوچستان سرڪار جو ناجائزمطالبو: سنڌ 1991 کان اسان جي حصي جو پاڻي ڪتب آڻڻ تي هڪ کرب 30 ارب رپيا ڀري ڏئي ـ * فيس بوڪ تي ڪيترا، پوسٽنگ ذريعي دل جي باهه ڪڍن ٿا ته ٻيا وري شريف ماڻهن جا پٽڪا لاهيندي به دير نٿا ڪن ـ منهنجي خيال ۾ فيس بوڪ، سنڌين کي فائدو گھٽ ۽ نقصان گھڻو رسايو آهي جو سنڌين ۾ ويڇا گھڻو وڌي ويا آهن ـ دوست پنهنجي راءِ ظاهر ڪن، اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي (محمد خان سيال) ـ