• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي طرفان...17...محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* روم، اٽلي: عيسائين جي مذهبي سربراهه پوپ پال کي، عيسائي دانيال بشير، سنڌي اجرڪ پهرايو جيڪو هن خوشيءَ سان پاتو ـ
* روئيداد خان لکي ٿو: ڊرائنگ روم ۾، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز ڀُٽو ملڻ لاءِ ويٺو هو سو ساڻس ملڻ لاءِ لهي هيٺ آيس جنهن پهريون سوال ڪيو: اڃا ڀٽو زندهه آهي؟ روئيداد خان پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو: ”ماڻهو ڏاڍا پٿر دل هوندا آهن“ حوالو: روئيداد خان جو لکيل اردو ڪتاب: پاڪستان انقلاب ڪے دھانے پر ـ
*پي آءِ اي جي جهازن جي پڇ جي ڊزائين بدلائڻ لاءِ وري تياريون شروع، نئين ڊزائين موجب قومي جانور مارخور جو فوٽو شامل ڪيو ويندو ـ
* نوابشاهه: سنڌ جي وڏي بيماري آصف علي زرداري آهي، بلوچستان ۾ به ايتري غربت ناهي جيتري اندورن سنڌ ۾ آهي: عمران خان.سربراهه پي ٽي آءِ ـ
* بلوچستان سرڪار جو ناجائزمطالبو: سنڌ 1991 کان اسان جي حصي جو پاڻي ڪتب آڻڻ تي هڪ کرب 30 ارب رپيا ڀري ڏئي ـ
* فيس بوڪ تي ڪيترا، پوسٽنگ ذريعي دل جي باهه ڪڍن ٿا ته ٻيا وري شريف ماڻهن جا پٽڪا لاهيندي به دير نٿا ڪن ـ منهنجي خيال ۾ فيس بوڪ، سنڌين کي فائدو گھٽ ۽ نقصان گھڻو رسايو آهي جو سنڌين ۾ ويڇا گھڻو وڌي ويا آهن ـ دوست پنهنجي راءِ ظاهر ڪن، اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪنهن کي حق آهي (محمد خان سيال) ـ
 
Back
Top