“ضرورتن” جي قبر ۾ دفن ٿيندڙ “ نظريا ”.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جو محترم ميان صاحب “نظرياتي ” ڇا ٿيو،سڄي دنيا سندس پويان هٿ ڌوئي پئجي ويئي.لڳي ٿو ته اسان جي مٺڙي ملڪ ۾ ماڻهن مان گھڻن کي ميان صاحب جو ان نموني نظرياتي بڻجڻ اصل نه وڻيو آهي.ڪو چوي ته آخر رات وچ ۾ ميان صاحب مٿان ڪهڙي “ اهل نظر” جي نظر پئجي ويئي جو هو اوچتو اهڙو انقلابي بڻجي ويو.خبر ناهي ته انهن کي اصل اعتراض ميان صاحب جي نظرياتي بڻجڻ تي آهي يا ڪنهن “اهل نظر“ جي نظر وجھڻ تي؟بهرحال ڪيئن به هجي ميان صاحب سوسيڪڙو نظرياتي هو ۽ هن وقت به آهي، ان حقيقت کي هاڻي هرڪنهن کي دل ۽ جان سان تسليم ڪرڻ گھرجي. البته ميان صاحب جو نظريو آخر آهي ڪهڙو؟ انهيء تي ضرور تحقيق ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگھجي ٿي.جيستائين ڪنهن اهل نظر جي نظر جو تعلق آهي ته هروقت ڪاري چادر ۾ ويڙهيل بلوچستان جي هڪ “ انقلابي ” سياستدان کان ميان صاحب کي فيض پرائڻ جو موقعو حاصل رهيو آهي جيڪو ماضيء ۾ مختلف اکرن وارين سمورين مسلم ليگن کي اسٽيبلشمينٽ ۽ آئي ايس آئي جي پيداوار سڏيندو رهيو آهي.هينئر هو به جيڪر ميان نواز شريف کي نظرياتي هئڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي رهيو آهي ته پوء ان جو مطلب اهو ٿيو ته يا ته ماڻهن ميان صاحب واري نون ليگ کي اڃا سمجھيو ئي ناهي يا وري خود ان چادر واري سياسي پير جو نظريو بدلجي چڪو آهي. خير، ايترو اجايو دماغ تي زور ڏيڻ جي به ڪا خاص حاجت ڪانهي.ميان صاحب جي نظريي جو پسمنظر سمجھڻ لاء رڳو ٿوري دير لاء ماضيء ۾ جھاتي پائڻ ۽ هلندڙ ڏينهن ۾ “ نظريي ” جي راهه ۾ ميان صاحب جي ڪجهه“ عظيم قربانين” تي نظر ڊوڙائڻ جي ضرورت آهي.ڏاها چون ٿا ته نظريا به عقيدن جيان ستيء ۾ گھوٽي پياريا ويندا آهن جيڪي انساني سريڙ ۾ داخل ٿيندي ئي ان جي رت ۽ نسس نس ۾ شامل ٿي سندس دل ۽دماغ کي سدائين لاء مفلوج ڪري پنهنجو تابع بنائي ڇڏيندا آهن ۽ اهي قبر تائين انسان سان گڏ هلندا آهن.نظرين جي ان اوت ۾ اهڙو ته نشو هوندو آهي جو انسان هر قسم جي خوف،لالچ،نفعي ۽ نقصان کان بي نياز بڻجي ان وقت به پنهنجو سفر جاري رکندو آهي جڏهن رستي جا سمورا ساٿي هن کي هيڪلو ڪري هليا ويندا آهن.ان سان هرگز بحث ناهي ته اهي نظريا صحيح هجن يا غلط.سو جيڪر ڪنهن کي اهو شڪ آهي ته ميان صاحب اوچتو نطرياتي بڻيو آهي انهن کي پنهنجي راء جو ٻيهر جائزو وٺڻ گھرجي.مرحوم محمد خان جوڻيجو جي هٿن مان مسلم ليگ جو جھنڊو ڦري انهيء تي جڏهن نون جي نظرياتي چتي هنئي ويئي هئي ته پورو پنجاب “ جاڳ پنجابي جاڳ،تنهنجي پڳ کي لڳي ويو داڳ“ جي اڀ ڦاريندڙ نعرن سان گونجي اٿيو هو.حقيقت ۾ اهو ميان صاحب جي نظريي جو پهريون باقائدي اظهار هو ته هن ملڪ جي هر اختيار ،اداري ۽ وسيلن تي صرف وڏي ڀاء جو حق آهي،ٻين کي جيڪر سياسي ونڊ مان ڪو خيرات ذرو ملي به ٿو ته اهو انهن تي ٿورو ۽ احسان آهي.محترمه شهيد جي ڪردار ڪشيء جي جيڪا شرمناڪ مهم هلائي ويئي ۽ سندس ملڪ دشمنيء جا ڪوڙا افسانا گھڙي کيس ملڪ جي لاء سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيڻ به ان نظريي جو ئي شاخسانو هو ته جيئن پنجاب کانسواء ٻئي ڪنهن به صوبي جي قيادت ملڪ جي اعليٰ رياستي ۽ حڪومتي عهدن تي نه رسي سگھي. قيامت تائين اقتدار ۾ رهڻ واري سوچ جي ان نظريي ملڪ ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياسي رانديگرن کي اهڙي ته چالاڪي ۽ چمڪ ذريعي استعمال ڪيو جو ملڪ ۾ “ نه ڪوئي بندا رها نه بندا نواز“ مطلب ته سڀ ڪجھه مڪس ٿي ويو. عام طور تي پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جي سياست کي هميشه روس سان ۽ ساڄي ڌر جي سياست کي آمريڪا سان ملايو ويندو هو. نواز شريف کي نظريي جي شيرواني پارائيندڙ ۽ سندس مٿي تي سياست جي پڳ رکندڙ جنرل جيلاني جو پنهنجو نظرياتي حسب نسب به روس سان بغض رکڻ ۽ آمريڪا جا هٿ چمڻ ۾ سندس نظرياتي مرشد ضياء الحق جي سياسي گاديء سان ملي ٿو. جنرل ضياء الحق پنهنجي سياسي مريد جي مٿي تي شفقت جو هٿ گھمائيندي سندس زندگي به ميان صاحب کي عنايت ٿيڻ جي درويشي دعا ڏني هئي.ضياءالحق جي پيالو پيئڻ کان پوء هن سندس مزار جي سياسي مجاوري ڪرڻ جي صدق دل سان پوري ڪوشش ڪئي پر شايد ان درويش جي اصل فرزند ارجمند جي موجودگيء ۾ سندس وارثي واري دعويٰ وارو کائي نه سگھي.تنهن ڪري هن “قدم وڌاء نواز شريف،اسين توسان گڏ آهيون” جي ساز تي اڪيلي ئي سياسي ڌمال شروع ڪري ڏني جيڪا بنان وقفي جي اڃا تائين جاري آهي.سياست “ نظريات “ جي هجي يا “ضروريات” جي،آهي ڏاڍو ڏکيو ڪم.ڪڏهن نظريا ضرورتن سان ٽڪراء ۾ اچن ٿا ته ڪڏهن ضرورتون ٻين جي ضرورتن جي رستي جي رڪاوٽ بڻجن ٿيون.جڏهن هوس ۽ هٻڇ جو نظريو پنهنجون سڀ حدون اورانگھي ٿو ته سموري انتظام باوجود “ الٽي هوگئين سب تدبيرين،ڪڇ نه دوا ني ڪام ڪيا.” جي مصداق نه آئيني ترميمون ۽ نه ئي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت 111 برگيڊ کي سرڪاري ادارن جون ديوارون ٽپڻ کان روڪي سگھي. جڏهن اها صورتحال پيدا ٿي ته ميان صاحب پنهنجي نظريي کي ڪجھه وقت لاء ننڊ سمهاري خاندان سميت ڏهن سالن جي معاهدي تي سڳوري ملڪ جو سفر اختيار ڪيو.محترمه سان مشرف جي معاهدي جي صدقي ميان صاحب کي ملڪ موٽڻ ته نصيب ٿيو پر سندس نظريو هڪ دفعو وري ڊگھي ننڊ مان سجاڳ ٿيو ۽ هن پنهنجي پسنديده عدليا جي بحاليء لاء ان وقت جي پي پي پي حڪومت خلاف اهڙو نظرياتي لانگ مارچ ڪيو جنهنجو انت آخرڪار پنڊيء مان ايندڙ پيغام تي ٿيو.هن ڀيري اقتدار جي بدمست هاٿيء تان هيٺ ڪرڻ کان پوء جو نظرگھمائي ڏٺائين ته انصاف جي ديويء جي هٿن ۾ ساهميء جا وٽ بدلجي چڪا هئا.اهي عدالتون نه رهيون هيون جيڪي هن جي نظريي سامهون انصاف جون ڪرسيون خالي ڪري ڀڄي وڃن.اڄ جو سچ ڪجھه ٻيو آهي ۽ ڪلهه جو سچ دفن ٿي چڪو آهي.اڄ ان نظريي هڪ نئون روپ اختيار ڪيو آهي ته “ ووٽ کي عزت ڏيو.“ پر جڏهن سندس ئي وزيراعظم ووٽ سان چونڊيل آئيني ۽ جمهوري چيئرمين سينيٽ کي بي عزت ۽ جعلي سڏيندي ساڻس ملاقات کان انڪار ڪري ٿو ته ان نظريي جا سمورا نقش ۽ نشان پوريء ريت پڌرا ٿي پون ٿا.صرف ان ووٽ جو ئي تقدس ناهي جيڪو اوهان کي کٽرائي ٿو ،ان ووٽ جو به اوتروئي احترام آهي جيڪو اوهان کي هارائي ٿو.نظرين ۽ اصولن جا ڀاشڻ ڏيندڙ اهو ٻڌائڻ به پسند ڪن ته سندن پارٽيء جو پنهنجو وزيراعظم ڪهڙن نظرين ۽ اصولن جي حفاظت لاء ملڪ جي چيف جسٽس سان ملاقاتون ڪري ٿو؟اوهان ته هڪ عظيم نظريي تحت عوام جي اصل حڪمرانيء لاء جدوجهد ڪري رهيا آهيو پوء رياستي ادارن سان ڪهڙي قسم جي مفاهمت جون ڳالهيون چاهيو ٿا؟ لڳي ٿو ته في الحال نظريي جي ان لاش کي دفن ڪرڻ لاء وري ڪنهن قبر جي تلاش آهي.پر ياد رکڻ جي ڳالهه اها ته قبرون صرف زمين ۾ ئي ناهن هونديون،قبرون تاريخ جي صفحن ۾ به هونديون آهن جن ۾ هڪ طرف ابن علي، ارسطو،گليلو،منصور ۽ نيلسن منڊيلا جي نظرين جا مينار هوندا آهن جيڪي صدين پڄاڻان به پنهنجي جوت جرڪائيندا رهندا آهن جڏهن ته ٻئي طرف زمين ۾ دٻجي ويل شاهي محلن جا کنڊر هوندا آهن جن کي صرف عبرت جي اک سان ئي ڏٺو ويندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو