سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون پريشان ڪندڙ پاليسيون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏6 اپريل 2018۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جون پريشان ڪندڙ پاليسيون!
    محمد طارق مهيسر/ خيرپور
    سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن صوبائي سطح تي سرڪاري کاتن ۾ ٿيندڙ ڀرتين جو تمام وڏو ادارو آهي. وڏي اداري هئڻ جي ناتي هن اداري جي سوچ به هميشه وڏي رهي آھي، جنهن جي ڪري هي ادارو هميشه نوجوانن جي فٽن تي لوڻ ٻرڪيندو رهي ٿو۔ ميرٽ تي نوڪري ملڻ جو فقدان، وقت سر امتحان نه وٺڻ، ۽ انهن جا نتيجا وقت سر نه ڏيڻ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پراڻي روايت رهي آهي۔ هميشه پيپر ڏنل نصاب کان ٻاهر وٺڻ ۽ ڏنل نصاب تي عمل نه ڪرڻ ته هن ڪميشن جي منشور ۾ شامل آهي۔ ۽ هاڻي وري نوجوانن ۾ نوان نوان مونجهارا پيدا ڪرڻ لاء آنلائين فارم ڀرائڻ سميت ٻيا فضول، اڻ وزنائتا، بي معني، تڪليف ڏيندڙ شرط مڙهيا پيا وڃن۔ گزريل ستن-اٺن سالن کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ڪنهن به نوڪري لاء آنلائين فارم متعارف ڪرايو ويو آهي۔ جنهن جي ذريعي ڪنهن به نوڪري جي حاصلات لاء آنلائين فارم ڀريو ويندو هو، ۽ ان جي ڪا به هارڊ ڪاپي اداري کي ڪونه موڪلي ويندي هئي پر هاڻي بيروزگار نوجوانن جا اهنج اڃان وڌيڪ وڌائڻ لاء ڪميشن پاران وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪيون ويون آهن۔ هڪ ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو آنلائين فارم هڪ چڪر ڀرڻ سان هميشه ان ئي فارم سان جڙيو رهڻو ٿو پوي۔ معني هڪ چڪر اپلاء ڪرڻ سان سڄي زندگي اهو فارم محفوظ ٿي ٿو وڃي۔ ۽ ٻيهر فارم ڀرڻ لاء جڏهن آنلائين فارم جي ويجهو وڃون ٿا ته اهو ڇڳل ڄار ۾ جيئن مڇي جو ڦاسڻ مشڪل آھي ائين ئي ٻيهر فارم ڀرڻ به ڏکيو آھي۔ هاڻي جنهن ملڪ ۾ ڪمپيوٽر جي سکيا هر هڪ نوجوان کي ڪونهي، انٽرنيٽ جي سهولت ڪيترن ئي علائقن ۾ ميسر نه آهي اتي جو نوجوان مجبورن پنج سئو روپيا ڪرايو ڪري اچي ڪنهن شهر جو پاسو وٺندو ۽ اتي موجود ڪنهن ڪمپيوٽر واري دوڪان جي ڳولا ڪري ان کي فارم ڀري ڏيڻ لاء عرض ڪندو، جنهن تي ڪمپيوٽر وارو پنهنجا هٿ ٺوڪيا اگھ ٻڌائيندو ۽ هڪ فارم جا ٻه سئو کان چار سئو روپيا عيوضو وٺي ٿو۔ جنهن تي ويچارو نوجوان هن کي منهن گهريا پئسا ڏيڻ لاء راضي ٿئي ٿو ۽ کيس فارم ڀرڻ جو چوي ٿو۔ ڪمپيوٽر وارو فارم ڀرڻ جي شروعات ۾ ئي کانئس شناختي ڪارڊ نمبر سان گڏ پاسورڊ جي به گهر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته توهان جو پهريان ئي فارم ڀريل آھي جنهن جو پاسورڊ گهربل آهي۔۔ جنهن تي ويچارو نوجوان اچرج ۾ پئجي وڃي ٿو ته ان فارم کي ته چار کان پنج سال ٿي ويا آهن، هاڻي ان جو پاسورڊ مان ڪٿان آڻيان۔ جنهن تي ڪمپيوٽر وارو ان کي جواب ڏئي موٽائي ڇڏي ٿو ته جڏهن پاسورڊ ياد اچئي ته پوء اچجانء۔ جنهن تي نوجوان وري ڪنهن مهل وقار ڏي پنڌ ڪري ٿو ته ڪنهن مهل ڪنهن منير، يا وحيد يا جاويد جو پاسو وٺي ٿو ۽ انهن کي قصو ٻڌائي ٿو ته مونسان هيء ويڌن آهي براء مهرباني مونکي ڪو ٽڪي فوٽو ڏيو۔ جنهن تي نوجوان کي اهو مشورو ڏين ٿا ته هي ڪميشن وارن جو فون نمبر ٿي انهن سان رابطو ڪر ۽ انهن کان پاسورڊ جي گهر ڪر۔ جڏهن نوجوان ڪميشن انتظاميا سان رابطو ڪري انهن کي اها وينتي ڪري ٿو ته مونکي پنهنجي کاتي جو پاسورڊ ڏيو؟ ته هو پاسورڊ ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ مشورو ڏين ٿا ته توهان کي پاسورڊ حاصل ڪرڻ لاء ڪميشن جي هيڊ آفيس اچڻو پوندو۔ ڪميشن وارن جي انهي جواب تي ويچارو نوجوان ٻڏتر جو شڪار ٿي گهر ۾ موجود ڪو جانور يا ٻي قيمتي شئي وڪڻي ڪري انهن پئسن مان ڪميشن جي هيڊ آفيس وڃڻ جي تياري ڪري ٿو۔ ڪميشن آفيس پهچڻ تي کيس ڪو آفيسر يا ملازم لفٽ ڪونه ٿو ڪرائي ۽ مجبورن ڪنهن کي چانهن ڪنهن کي پاڻي ڪنهن کي ماني کارائي ٿو تڏهن وڃي کيس پاسورڊ ملي ٿو۔ جڏهن پاسورڊ ملي وڃي ٿو ته خوشي خوشي وري ڪنهن ڪمپيوٽر واري ڏي وڃي ٿو۔ ۽ ڪمپيوٽر وارو کيس فارم ڀري ڏئي ٿو جنهن تي وري ٻيا ڳرا شرط لکيل هجن ٿا ته ان آنلائين فارم جون چار هارڊ ڪاپيون اداري کي ڏياري موڪليو جنهنن تي نوجوان ان سوچ ۾ پئجي ٿو وڃي ته هي ڪميشن وارا نوڪري جو فارم ٿا ڀرائين يا وري ڪو نڪاح نامو ٿا ڀرائين۔ بحرحال آنلائين فارم سان گڏ ان جون چار ڪاپيون آهن ته صرف هڪ بيروزگار نوجوان جي فٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر۔ هي قصو ته هڪڙي نوجوان جو هو گهٽ ۾ گهٽ لکين اميدوار اهو فارم ڀريندا هوندا انهن سان ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اينديون هونديون اهو ته هن هڪ نوجوان جي قصي مان ئي سمجهي سگهجي ٿو۔ تنهن ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جيئن وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو آنلائين فارم انتهائي سولي نموني جو آهي ائين ئي صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن جو فارم به آسان هئڻ گهرجي ۽ هر درخواست لاء الڳ الڳ فارم هجي۔ جيسيتائين نئون ڪو آسان طريقو متعارف ٿئي تيسيتائين پاسورڊ فون جي ذريعي ٻڌايو وڃي۔ يا وري آء بي اي سکر جيان ٻئي سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون ته جيڪو آنلائين اپلاء ڪرڻ چاهي جيڪو مينيوئل ڪرڻ چاهي فارم ڀري سگهي ٿو۔ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ٻين واڳ ڌڻين کي اپيل آهي ته خدارا ڪنهن به نوجوان جي زندگي سان ايترو نه کيڏو ۽ جيترو ٿي سگهي انهن کي سهولتون مهيا ڪيو ته جيئن انهن پريشانين کان بچي سگهجي۔
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ها سائين اها ويڌن مون سان به ٿي مون به ڪجهه سال اڳ اپلائي ڪيو هو، آنلائين تي هاڻ ته سائين پاسورڊ نٿي پئي مليو، آخر وڏي هڻ هڻان کانپو مون پاسورڊ هٿ ڪري وڌو... وڏي جٺ ٿا ڪن
     
    محمد طارق مهيسر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو