ائنڊرائيڊ سمارٽ ڊوائسز ۾ تہ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ کان سواءِ ئي سنڌي ٻوليءَ جا اکر صحي نظر اچن ٿا پر آئي فون ۽ آئي پيڊ ۾ ائين ناھي، ان لاءِ توھان کي سيٽنگ ڪرڻي پوندي. ڇوتہ جيڪو اسان آئي_فون وٺون ٿا تہ ان ۾ اسان ريجن واري آپشن ۾ پاڪستان رکون ٿا، جنھن جي ڪري آئي فون پاڻمرادو اردو ٻوليءَ کي پنھنجي سسٽم ۾ پاڻمرادو داخل ڪريو ڇڏي ۽ آئي فون ۾ تہ وڏو مسئلو اِھو آھي جو آئي فون ڪمپنيءَ پاڪستان جي ساڄي کان کاٻي پاسي طرف لکجندڙ ٻولين جو ڊفالٽ فونٽ نستعليق ڪري ڇڏيو آ جنھن سان سنڌي اکر صحي نظر نٿا اچن، ۽ آئي فون ۾ پنھنجا فونٽ انسٽال ڪرڻ لاءِ ھڪ ايپليڪيشن خريد ڪرڻي پوي ٿِي جنھن جو نالو ۽ تفصيل ھيٺ ڏِنل آھن.. بھرحال! اسان اُھا اپيليڪيشن خريد نٿا ڪريون ۽ نستعليق فونٽ ختم ٿا ڪريون، ڪرڻو ھيئن آھي، سڀ کان پھرين توھان آئي فون جي ”سيٽنگ“ ۾ وڃو، پوءِ جنرل جي آپشن ۾ وڃو ۽ اُتان language and Region جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو ھاڻ آئي فون ۾ ساڄي پاسي مٿان کان نظر ايندڙ Edit جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ اردو ٻوليءَ جي آپشن جي ڀر ۾ ڏنل ڳاڙھي رنگ جي ڪاٽوءَ جي نشان تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڊليٽ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. ڪُجهہ ئي گهڙين ۾ توھانجي آئي فون جي سيٽنگ مان اردو نستعليق فونٽ ختم ٿي ويندو ۽ آئي فون جو ڊفالٽ فونٽ ظاھر ٿي پوندو. _ ھاڻ اچو تہ آئي فون ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ سِکون، سڀ کان پھرين ايپل جي اسٽور ۾ وڃو ۽ اُتي انگريزيءَ ۾ِ Sindhi Keyboard لکو، جتان توھان کي ڪاري رنگ جي لوگو ۾ ”سنڌي“ لکيل ايپليڪيشن انسٽال ڪرڻي پوندي (لنڪ ھيٺ ڏِجي ٿو)، جئن ئي ايپليڪيشن انسٽال ٿيندي تہ ان ۾ ڪيبورڊ سيٽنگ ڏنل ھوندي پر جيڪڏھن اھا سيٽنگ نظر نہ اچي تہ توھان ھيٺيون طريقو آزمايو. 1. سيٽنگ ۾ وڃي اُتان General سيٽنگ جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو 2. ڪيبورڊ (Keyboard) جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو 3. Add New Keyboard جي آپشن تي ڪلڪ ڪريو ۽ اُتان کان سنڌي ڪيبورڊ ڳولھا ڪريو ۽ ان تي ڪلڪ ڪريو. سنڌي ڪيبورڊ ايپيليڪشن لِنڪ : https://itunes.apple.com/…/app/keyboard-sindhi/id1159832760… آل فونٽ ايپليڪيشن iPhone App : All Fonts LINK : https://itunes.apple.com/…/all-fonts-install-…/id1248281769… PRICE : 0.66$ _ _