شفيق الرحمان شاڪر هاڻوڪو “ٺٽو ” ماضيء جي “ ننگر” کان بلڪل مختلف آهي. ٽٽل ڦٽل رستا،مٿي ۾ سور وجھندڙ لارين گاڏين جو اڻ وڻندڙ شور ۽ دونهون،ڳتيل ۽ دماغ چڪرائيندڙ گھٽيون ۽ بازارون،قدم قدم تي گند ڪچري جا ڍير ۽ ڪني پاڻيء جا دٻا،مدرسا آهن جيڪي ڪيتري عرصي کان بي قدرين ۽ ويرانين جي اس سهندي ٽٽي ڦٽي ۽ ڊهي چڪا آهن.پوري شهر ۾ پکڙيل ڪورين جي آڏاڻن جو ڄار هاڻي ماضيء جو قصو معلوم ٿئي ٿو. ٺٽو جنهن جي سونهن جي باري ۾ ڪنهن لکيو هو ته “ ننگر ٺٽو هيري جهڙو سهڻو شهر آهي،هتي هرطرف خوبصورت ساوا فصل آهن،هتي ويڪرا باغ،گھاٽا جھنگل ۽ ٽپا ڏيندڙ هرڻ آهن.” اها حقيقت آهي ته ٺٽي جا باغ مشهور هئا،خاص طور تي کجيون ۽ ڏاڙهون پنهنجي منفرد ذائقي ۽ مٺاڻ سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هئا. “امير خسرو” جنهنجي وفات 1325ع ۾ ٿي تنهن پنهنجي هڪ غزل ۾ محبوب کي ٺٽي جي گلن سان تشبيهه ڏني آهي. “ تاريخ طاهري ” جو ليکڪ لکي ٿو ته “ ٺٽي جو بنياد ڪنهن سٺي ساعت ۾ پيو هو،ٺٽي شهر ۾ چار هزار کن خاندان ڪپڙو اڻندڙ ڪورين جا هئا. “ٿيوناٽ ” جيڪو 1667ع ۾ هتي آيو هو ان لکيو آهي ته “ هي صوبي جو مشهور شهر آهي،سڄي هندستان جا واپاري اڪثر هتي تيار ٿيل شيون خريد ڪن ٿا،هي ملڪ جي اهم مارڪيٽ آهي،هي شهر ٽي ميل ڊيگھه ۽ ڏيڍ ميل ويڪر ۾ پکڙيل آهي،هي شهر مذهب،ٻولين ۽ سياست جي علمن جو مرڪز آهي،شهر ۾ چار سو کان وڌيڪ مدرسا آهن.هي عظيم شهر آهي.” “آئين اڪبري” مطابق؛ ” ٺٽو هڪ آباد بندر آهي جتي ننڍيون وڏيون هزارين ٻيڙيون بيٺل نظر اچن ٿيون.” جيڪر غور سان ڏٺو وڃي ته ننگر جي تاريخ ڪيترين ئي اڻ وڻندڙ حقيقتن سان ڀريل آهي.هڪ اهڙي تاريخ جنهنجي هر موڙ تي حيرت بيٺل آهي.ڪيتريون ئي روئاڙڻ ۽ کلائڻ واريون ڪهاڻيون جن ۾ ٻڌڻ ۽ سوچڻ لاء گھڻو مواد موجود آهي.سياست جون خوني چالبازيون،حاڪمن جو هر وقت جنگي جنون ۾ رهڻ،انا جي تسڪين لاء ٿيندڙ بربادين سان ڀرپور لڙايون ۽ انهن جي نتيجي ۾ هزارين انسانن جا بي ڪفن ۽ بي قبر لاش! پر ايئن به ڪونهي ته ٺٽي جو ماضي صرف انهن ئي بدنصيبين جو مجموعو آهي.هتي ڪاليج هئا،مدرسا هئا،ليکڪ،دانشور ۽ عالم هئا،شاعر،موسيقار ۽ سنگتراش هئا جن جي علم،دانش ۽ تخليقن ۾ لفظن جي مٺاڻ ۽ رنگيني،سنوارت ۽ سينگار جي مثبت ڪارنامن ٺٽي شهر کي هڪ عظيم“ ننگر ٺٽو” بنائي ڇڏيو.خوبصورت ۽ لازوال! صدين جي سيني تي حڪومت ڪندڙ اهڙو شهر جتي عالم،اڪابر ۽ علم جا اڃارا ڇڪجي آيا ٿي. “سرمد ”جي شهادت جو واقعو 1659ع ۾ دهليء ۾ ٿيو پر ان عشق جي چڻنگ هن کي ٺٽي جي گھٽين مان ئي لڳي هئي جو هو “اڀي چند“ جي اکين ۾ پنهنجي هستي وڃا ئي ويراڳ جو واپار اختيار ڪري چڪو هو. ڇهه سو سالن تائين پنهنجي اوج ۽ ڪمال کي برقرار رکندڙ ٺٽي جي پرتگالين سان پهرين ۽ خوني ملاقات 1555ع ۾ ٿي هئي.پرتگالين سان ڪيل وعدو پورو ته “ مرزا عيسيٰ ” نه ڪيو پر نتيجي ۾ ست سو سپاهين جي غصي جو نشانو بڻجي ويو ويچارو ٺٽو! اٺ هزار شهري قتل ڪيا ويا،ڪروڙن جي ڦرلٽ ڪئي ويئي ۽ آخر ۾ شهر کي باهه لڳائي ويئي.انهن اها پوري ڪاروائي پوري سڪون سان ڪئي ۽ آرام سان لٽيل سامان سان سندن جهاز لڏي هندستان روانا ڪيا ۽ پاڻ “طغرل آباد” جي قلعي جي ٿڌي ڇانو ۾ ويهي سڙندڙ شهر جو دونهن ڏسڻ لڳا. 1696ع ۾ ملڪ ۾ طاعون جي وبا پکڙي جنهن ڪري رڳو ٺٽي ۽ ان جي آسپاس هزارين ماڻهو مري ويا.1739ع ۾ نادرشاهه پنهنجي لکين فوجن سميت پندرهن ڏينهن تائين ٺٽي ۾ رهي ميان نور محمد جي دعوت کائيندو رهيو.ٺٽي جي ان خوني درٻار کي شايد تاريخ وساري نه سگھي جنهن جي تخت تي ويهي 1718ع ۾ نواب اعظم خان ، صوفي شاهه عنايت کي دوکي سان پنهنجي دربار ۾ گهرائي شهيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.ٺٽي ۾ سومرن جي دور جي تختگاهه “ساموئي ” هاڻي شايد ڳولهيندي به نه لڀي جتي دولهه دريا خان ٺٽي جي آسمان کي آخري دفعو ڏٺو هو. ٺٽي جون اهي گھٽيون ۽ محلا،مڪتب ۽ مدرسا،مسجدون ۽ خانقاهون جتي مذهب،فلسفي ۽ تصوف تي بحث ٿيندا هئا،جتي شريعت ۽ طريقت تي سوين ڪتاب تحرير ٿيا،اڄ اتي چڀندڙ ويراني،غمگين ڪندڙ اداسي ۽ ساهه منجھائيندڙ خاموشيء کان سواء ڪجھه به نه آهي.ادب،تخليق ۽ زندگيء جي مرڪن جا ڏيئا ڪڏهوڪا اجھامي چڪا ۽ حالتن جي بي رحم دز اڏامي رهي آهي.پنهنجي ماضيء جي منزلت ۽ حال جي بي قدريء تي ماتم ڪندڙ هڪ “مسجد اميرخاني” به آهي،ويران،خاموش ۽ ٽٽل ڦٽل حال ۾! اها مسجد 1039ع ۾ “ميرابو البقاء” جوڙائي هئي.انهن گھٽين مان گذري ٿورو اڳتي وڃبو ته “شاهجهاني مسجد ” آهي،ايراني فن اڏاوت جو هڪ نرالو نمونو،سرن ۽ رنگن جي ميلاپ جو دل کسيندڙ منظر! ميناڪاريء جي اهڙي ڪاريگري جو روح کي راحت اچي وڃي.گنبذن تي پچڪاري ۽ رنگن جي اهڙي سونهن جنهن هن کي صدين جي سفر ۾ زندهه جاويد بڻائي ڇڏيو آهي.جامع مسجد کان اڳيان ڏکڻ طرف “داهگير مسجد” جا قديم نشان آهن،اها مسجد 996هه ۾ “خسرو خان چرڪس” جوڙائي هئي.خسرو خان هڪ علم دوست انسان هو،هن ٺٽي جي آسپاس اٽڪل 360 مسجدون، پاڻيء جا کوهه ، تلاء ۽ پليون تعمير ڪرايون هيون.ان مسجد ۾ هر جمعي تي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وعظ ڪندو هو ۽ سندس وفات بعد اهو سلسلو سندس فرزند مخدوم عبد اللطيف به جاري رکيو. ٺٽي شهر جو هڪ اهم حصو “مڪليء جي ٽڪري ” آهي.مڪلي آهي ته ويران ۽ خاموش هنڌ پر ان خاموشيء جي سيني ۾ خبر ناهي ڪيترا داستان لڪيل آهن جيڪي دردن جي ڏيئن جيان هروقت اجھامندا ۽ ٻرندا رهن ٿا.مير علي شير قانع جنهن 1148هه ۾ ڪتاب “مڪلي نامو “ لکيو سو مڪليء جي سونهن جي باري ۾ لکي ٿو ته “ مڪليء تي ميلن ۽ مجلسن جي پنهنجي سونهن آهي، مينهن وسندو آهي ته ميلا لڳي ويندا آهن،ان وقت غم ۽ غبار،ڏک ۽ تڪليف جو ڪو احساس باقي نٿو رهي.” مير علي شير مطابق؛ “ ڄام نظام جي مقبري جي اوڀر ۾ تلاء هو جنهنجي آسپاس ساوڪ ئي ساوڪ ۽ وڻڪار هئي،“ کنڊسر” کوهه جو پاڻي ماکيء جهڙو مٺو هو،ڪنارن تي سنياسين ۽ جوڳين جا عبادتي آستانا هئا.” مير علي شير جنهن مڪليء جي سونهن جي ساراه ڪئي آهي اڄ نه اها مڪلي آهي،نه اها ساوڪ ۽ وڻڪار،نه اهي مٺا کوهه ۽ نه ئي سناسين جا اهي سامان! نه اهي دوڪانن جون قطارون ۽ نه اهي شاگردن جون ٽوليون جيڪي هر خميس جي شام بزرگن جي مزارن تي فاتحا پڙهڻ حاضر ٿيندا هئا.هاڻي ته رڳو ٿوهرن جا بي ڊولا ۽ ڪنڊن سان ڀريل ٻيا ڪجهه وڻ ئي نظر اچن ٿا جيڪي اداسين جي احساس کي ويتر وڌايو ڇڏين. مڪليء جي شروعات اتر کان “شيخ جھنڊو ” جي مزار سان ٿئي ٿي انهيء علائقي کي “ساموئي” به چون ٿا.درگاهه جي اولهه ۾ ستن عورتن جون قبرون آهن جن کي “ستين جو آستان“ چيو وڃي ٿو.ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي پکڙيل مڪليء جو دنگ ڏکڻ پاسي “طغرل آباد قلعي“ کان به ڪجهه اڳتي آهي.مڪلي رڳو مزارن،مقبرن،مسجدن ۽ قبرن جو نالو ڪونهي پر انهن مزارن جي پيڙهن ۽ انهن تي سنگتراشيء سان ٿيل نقشن ۽ نگارن ۾ ماضيء جون ڪيئي ڪڙيون مٺيون حقيقتون لڪيل آهن.انهن اڪريل ڪنول جي گلن،مڪليء جي زرد شامن،ويران مندر جي آهن ۽ هنڌان هنڌان ٽتل انهن مسجدن ۽ مقبرن جي ديوارن ۾ ٺٽي جي انهن ڏينهن جو حسن لڪيل آهي جڏهن سونهن۽ سڀيتا جو ٻيو نالو ٺٽو يا ننگر هو.مڪليء جي انهن پراڻن آثارن جي سيني تي سورهين صديء جي آخري سالن جون اهي صبح شامون ضرور نقش هونديون جڏهن ٺٽي جي قسمت جا ستارا گردش ۾ آيا هئا.اهي ان جي زوال جا شروعاتي ڏينهن هئا. اهو ٺٽو عرش کان فرش تي ڪريو ۽ سندس بربادي ۽ زوال جي ڪهاڻي مڪمل ٿيڻ ۾ ڏيڍ سو سالن جو عرصو لڳو.درياء ۾ واري ڀرجڻ سبب ان جي جيڪا اهم بندرگاهه واري حيثيت هئي سا ختم ٿيڻ لڳي.اوڻويهين صديء جي آخري اڌ ۾ جڏهن “ پاٽنجر ” هتي آيو هو ته انهن ڏينهن ۾ٺٽي جي جوڀن جا ڏينهن گذري چڪا هئا.هو لکي ٿو ته “ سڄو شهر اداس هو،آبادي ٻن هزارن کان به گھٽ رهجي ويئي هئي،” سنڌو درياء جنهن ٺٽي کي سموري سونهن بخشي هئي،جنهن ان کي آباد ڪيو هو انهيء ئي دريا کيس برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.جنهن شهر جي ڀيٽ پيرس سان ڪئي ويندي هئي اهو ٺٽو وقت جي ظالم وير هثان خبر ناهي ڪيڏانهن وهي ويو! هاڻي سچائي اها آهي ته ٺٽي جي اها سموري سونهن،سڀيتا،سڪون،سرور،ساوڪ سڀ سپنو بڻجي ويئي آهي. نه اهي علم ۽ عرفان جا اڃارا ٿا لڀن ۽ نه ئي “اقراء “ جا اهي دلپسند آواز ٿا ٻڌڻ ۾ اچن،نه ڪا مسند درس تدريس ٿي آباد نظر اچي ۽ نه ئي قلب ۽ روح جي صفائيء جا اهي شفاخانا ٿا پسجن. ٺٽو ننگر اڄ به اتي موجود آهي پر نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون، پسيو بازاريون، هينئون مون لوڻ ٿئي.