ڪڏهن ڀلا ائين بہ سوچيو اٿئي تہ تو بن منهنجون راتيون ۽ ڏينهن ڪئين گذرنديون هونديون، تو بن منهنجا خيال ۽ خواهشون ڪئين تڪميل تائين پهچنديون هونديون تو بن منهجيون ڪيفيتون ڪهڙيون هونديون ؟؟؟ تو بن منهنجي حالت ڪهڙي هوندي ؟؟؟ تو تہ ڪڏهن بہ ائين سوچي بہ نہ ٿي سگهي، ڇو تہ تنهنجي شهر جا عظيم ديوار منهنجي خيالن کي تو کان ڪوھ ڏور رکنديون اينديون آهن، جنهن سبب منهنجي اندر جون سڀئي ڪيفيتون وقت کان اڳ ئي مري کپي وينديون آهن منهنجي من جون سڀ آسون توڙي اميدون آپگهات ڪري مون کي هيڪل هن جهان ۾ ويتر اڪيلو ڪري وينديون آهن، آءُ من ئي من ۾ تڙپندو رهندو آهيان، هت ڪو بہ منهنجي اڪيلائين جو اندازو نہ ٿو لڳائي سگهي تو کي ڪهڙي نموني پنهنجي اندر جي احوال کان واقف ڪريان، رابطي ڪرڻ جا سڀ رسمي رستا تو کان ڪٽيل آهن، سڀ واٽون، سڀ رستا، مون کي تون تائين پهچائڻ کان سنئو سڌو انڪاري آهن منهنجا سڀ خواب وقت کان اڳ چڪنا چور ٿي ڪري ڪنهن ردي جي ٽوڪري ۾ هليا وڃن ٿا، منهنجي اکڙين منجھ سُلجندڙ سڀ سپنا دفن ٿي ڪري ابدي خاموشي اختيار ڪري وڃن ٿا اي ڪاش !!! جي تون منهنجي حالتن کان واقف هجي ها اي ڪاش !!! جي تون کي منهنجي هاڻوڪي حالت جي خبر هجي ها