شفيق الرحمان شاڪر منهنجي خيال ۾ اسان پاڪستاني قوم کي هاڻي گڏجي پاڪستاني سياستدانن، جنرلن،ججن ۽ صحافين وغيره جي خدمت ۾ باقائدي لکت ۾ هڪڙي درخواست ڏيڻ گھرجي جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو وڃي ته مهرباني ڪري پنهنجن لڙاين جھڳڙن،ڳالهه ٻولهه ۽ تقريرن ۾ آئيندي ويچاري غريب عوام جو نالو استعمال نه ڪن.اهو سندن هتان جي غريب عوام تي وڏو ٿورو ۽ احسان مڃيو ويندو ڇو ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جو الميو اهو آهي جو شاهوڪار ڪارپوريٽ ڪمپنين،وڏن وڏن ميديا هائوسن ۽ ارب پتي سياستدانن جي موجودگيء ۾ جمهوريت به هڪڙي جنس بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي،جيڪا ڪنهن به وڏي ۾ وڏي ٻولي لڳائيندڙ اڳيان وڪرو ٿيڻ لاء هروقت تيار ملي ٿي.پاڪستان ۾ ته تماشو اهو آهي جو لڙائي طاقتور طبقن جي پاڻ ۾ هوندي آهي ۽ هروڀرو ويچاري عوام جو نالو وچ ۾ گهلبو آهي.تمام ويجھڙ ۾ ان اصول جي لاڳو ٿيڻ جو چٽو مثال سينيٽ جون چونڊون آهن. هاڻي جيڪر ڪابه سياسي جماعت ،سياسي تجزيي نگار يا پردي پويان ويٺل ڪي ٻيون ڌريون ان کي عوام جي فتح يا شڪست سان تعبير ڪن ته ان کان وڌيڪ عوام سان مذاق ٻي ڪهڙي ٿيندي؟ چونڊن جي حوالي سان هونئن به اسان جي ماضيء جو سمورو رڪارڊ اهڙين مسخرين سان ڀريو پيو آهي.جنهن ملڪ ۾ پاڪستان جي بانيء جي ڀيڻ هڪڙي آمر سامهون اليڪشن هارائي وڃي ان ملڪ ۾ عوام جي ووٽ جي عزت ۽ طاقت جي ڳالهه ڪرڻ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي.1977ع جي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جا الزام لڳا بلڪه هڪ وڏي تحريڪ ئي ڌانڌلين کي بنياد بنائي هلائي ويئي. 1985ع ۾ آمريت جي ڇانو ۾ غير جماعتي چونڊن جو تجربو ٿيو پر گھڻن سياستدانن جي نظر ۾ اهي چونڊون “جمهوري ۽ صاف شفاف “ هيون ان ڪري جو اهي پاڻ انهن چونڊن ۾ کٽي جمهوريت جا حقيقي وارث بڻيا هئا.1988ع ۾ جيڪا راند رچائي ويئي ان جي به سڀني کي خبر آهي. 1990ع ۾“ جمهوريت جي چيئمپين” آئي جي آئي ٺهي،ڪنهن ٺاهي ۽ ڪيئن ٺاهي، پوء ڪهڙيء ڦڙتيء سان اسرندڙ جمهوريت جي ڪمزور ٻچي جا کنڀ پٽيا ويا،انهيء حقيقت جي ڪاراڻ اصغر خان ڪيس جي صورت ۾ اڄ به تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي.1997ع ۾ ڪنهن کي ڪهڙيء طرح ڳري مينڊيٽ ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جو آب حيات پياريو ويو ۽ عوام جي راء کي ڪچري جي ڍير ۾ اڇليو ويو،اها به اسان جي جمهوري ”حسن“ جي هڪ جھلڪ آهي. 2002ع جي مشرف واري اليڪشن لاء شايد چئي سگھجي ٿو ته ان ۾ رياستي سطح تي ڪا منظم ڌانڌلي نه ٿي هجي توڙي جو اميدوارن انفرادي طور تي ان ۾ به وسان نه گھٽايو.ان کي مشرف جي سادگي چئجي يا ٻيو ڪجھه جو هن پيپلز پارٽيء کي ٽوڙي ان مان“ پيٽرياٽ“ جهڙو جمهوري خزانو هٿ ڪيونه ته جيڪر هو چاهي ها ته پنهن جي پياري قاف ليگ کي اڪيلي ئي ايتريون سيٽون عنايت ڪري ڇڏي ها جو “عوامي“ حڪومت جي ديڳ پچائڻ لاء کيس ان “پيٽرياٽ ڇاپ مصالحي” به ضرورت نه پوي ها. 2008ع جي اليڪشن ٻن مکيه سياسي رانديگرن ۾ فڪس ٿيل ميچ هئي.2013ع جي اليڪشن کي پاڻ اهي سياسي ڌريون ئي “آر اوجي اليڪشن” جو تاج پارائي چڪيون آهن.2018ع جون چونڊون خبر ناهي ڪهڙا گل ڪڍنديون پر عوام تي اها مهرباني ٿئي جو سندن نالو استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي.اها اصل ۾ طاقتور پهلوانن جي لڙائي آهي سو جيڪو کٽي اهو ايئن چوي ته اسان اهو مقابلو پنهنجي ”طاقت” سان کٽيو آهي .مثال 2013ع جي اليڪشن کان پوء ميان صاحب کي چوڻ گھربو هو ته مون اسٽيبلشمينٽ سان ملي 2013ع جي پوري اليڪشن خريد ڪري ورتي آهي.عوام کي نه پر مون کي مبارڪباد ڏيو،منهن جي طاقت ۽ پئسي جي چمڪ کي کيرون ڏيو. هاڻوڪين سينيٽ چونڊن کان پوء زرداري صاحب کي چوڻ گھربو هو ته مون پئسي ۽ پردي پويان ويٺلن جي آشيرواد سان اليڪشن کٽي آهي،“جيڪر روڪي سگھو ته روڪي ڏيکاريو.” مبارڪون اڪيلي مون کي ڏيو.2008غ جي اليڪشن کان پوء ميان صاحب ۽ زرداري صاحب ٻنهي کي چوڻ گھربو هو ته اسان گڏجي ڪري دعوت جو پروگرام ٺاهيو هو،عوام جو ان ۾ ڪجھه نه وڃي!، سنڌ اسيمبليء جي ڊپٽي اسپيڪر سچ ڳالهائي تاريخ ۾ هڪ بهترين مثال قائم ڪري ورتو آهي،هن هڪڙي ٽي وي پروگرام ۾ چيو ته ” مريم نواز چيو هو ته جيڪر روڪي سگھو ته روڪي وٺو،سو ڏسو،اسان روڪي ورتو.” نواز شريف جي سياسي خوبي ئي اها آهي جو جيڪر هو کٽي وڃي ته اها عوام جي يا نون جي سوڀ آهي پر جي هارائي وجھي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن سان ٻٽ بڻيل سازشي سياسي اداڪارن جو هٿ آهي! انهن رٽيل الزامن مان عوام جي ڪنن جي جان ڇڏائڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته انهن سياسي کٽراڳن ۾ عوام جو نالو استعمال ڪرڻ تي بندش هجي.هآڻي سوال رهجي ويو 2018غ جي ايندڙ اليڪشن جو ته عوام کي اليڪشن تي ڪو اعتراض ناهي،ڀلي ڪرايو،سال ۾ پنج پنج دفعا ڪرايو،وڏي ميان صاحب کي اڻ وڻندڙ شخصيتن جي فهرست ۾ وجھي ،ڀلي ننڍي ميان صاحب جو ڪڻو ڪڍو يا ٻئي ڪنهن امڪي ڊمڪي کي پٽڪو ٻڌايو پر “سڀ ڪجھه ڪرڻ وارن” کي عوام جي صرف هڪ ئي نماڻي گذارش آهي ته هاڻي هن قوم تي ڪجھه رحم کائو ۽ ان سموري فضول راند ۾ عوام جو نالو استعمال ڪري عوام کي فٽبال نه بڻايو.هڪڙا ڪرسين تان لهن ۽ ٻيا ويهن،انهيء سان عوام کي اهو ئي ملڻو آهي جيڪو انهن کي هيستائين مليو آهي.هڪڙن جي رستا روڪ جيڪر ان ڪري پيئي ٿئي جو انهن ملڪي ۽ عوامي خزاني جي ستيا ناس ڪئي آهي ته پوء ان جي جڳهه والارڻ لاء جن به فرشتن کي اڳتي ڪيو انهن جي پوئين حساب ڪتاب واري کاتي تي ڪراس جو نشان لڳائي،کيس سياسي گنگا مان ٽٻي هڻائي پوء عوام جي مٿان ڀلي مسلط ڪيو،توهان کي ڪير ٿو روڪي؟ “ ڇٽو“ ويو، “ڏنو” آيو،.”صابوء“ هار ڏنا ۽ ”ڏني ”هار پاتا.يا وري “ ادو مو،ادي ڄائي،اسين اوتري جا اوترا.“سو ٻيلي مرضيء جا مالڪ آهيو،ڪجهه همدرد وس وارن کي ڪارپوريٽ صلاحون ڏيئي رهيا آهن ته وڏي ميان جي زخمن تي ملم رکڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته ننڍي ميان کي حڪومت جي رانديڪي سان راند ڪرڻ ڏني وڃي.اڳي به اهڙين ئي پرتڪلف راندين ۾ عوام هر بار تماشو بڻبو رهيو آهي،هڪڙو تماشو ٻيو سهي!ان سڄي کيل ۾ انهن کي آخر ڪهڙو تئو ايندو جيڪي اوهان جي ئي چوڻ مطابق اربن ڊالرڻ جو خزانو پنهنجن گودڙين ۾ ليٽائي چڪا آهن.جيڪر عوام جي پگھر جو اهو پئسو واپس ملڪ نٿو موٽي ته پوء ان خزاني جا هاڻوڪا مالڪ جي ڏيهه ۾ ويهي عوام جي سيني تي مڱ ڏرين ته ڇا ۽ جيڪر پنهنجي اصل وطن اسهن ته ڇا! جيڪر انهن جي مايا محفوظ آهي ته سمجھو ته سڀ ڪجهه محفوظ آهي جنهن جي برڪت سان اهي 2018ع ته ٺهيو پر 2023ع جون چونڊون به کٽي وڃن ته عوام جو ڇا! ڪرڻ وارا ماضيء جيان ضرور تجربا ڪن پر ايئن نه ٿئي جو ڪنهن اوچتي تجرباتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪو وڌيڪ وڏو قاتل ۽ ڌاڙيل سياسي خودڪش جيڪيٽ اوڍي سڄي ملڪ کي سورن جي سوريء تي ٽنگي چڏي ! ڪرڻو ته سڀ ڪجھه انهن کي ئي آهي جيڪي ملڪ جا اصل مالڪ آهن باقي عوام کي گھرجي ته 2018ع جي اليڪشن جي موسم ۾ وافر مقدار ۾ ميسر برياني شريف جي چڱي نموني وڏي عام ڀڃ اپت ضرورڪڍي جو عوام کي ان سموري رونشي مان اها برياني ئي سرڻي آهي.پرجن جي برياني کائي انهن کي ووٽ نه ڏئي ۽ جڏهن پنهنجو ووٽ ڏيڻ وڃي ته بيلٽ پيپر تي هي جملو ضرور لکي ته “ جمهوريت هڪ اهڙي فلم آهي جنهن ۾ فلم جو هيرو (عوام) پهرئين ئي سين (اليڪشن) ۾ مري وڃي ٿو!”