منهنجي طرفان: ـ 19ـ محمد خان سيال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2018۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    * بلوچستان طرفان سنڌ جي علائقن تي قبضي ڪرڻ جي خطرناڪ سازش، سنڌي قومپرستن کي گھرجي ته ماٺ ٽوڙي ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان سچي وفاداري ڏيکاري بلوچستان سرڪارکي نندين ـ ٻئي طرف، بلوچستان اسيمبليءَ طرفان سنڌ جي علائقن تي دعوا خلاف سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي ته ڏيڍ صديءَ جو رڪارڊ موجود آهي ته اهي علائقا سنڌ جا آهن ـ
    * ٽي ورهيه اڳ 10 ۽ 11اپريل 2015 رات جو، بلوچستان جي شهر تربت لڳ بلوچ قومپرست ڊاڪٽرالله نذر بلوچ (سربراهه بي ايل ايف) قومي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري 20 سنڌي پورهيت قتل ڪيا هئا جڏهن ته بلوچ پورهيتن کي ڇڏي ڏنو هو ـ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته تربت لڳ بلوچ قومپرستن هٿان، قومي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيل 20 بيگناهه سنڌي پورهيتن جي بلوچ قاتلن جا حامي يعني سنڌي قومپرست منهنجي فيس بوڪ جي فرينڊز لسٽ تي آهن، بهتر آهي ته اهڙا پاڻ ئي انفرينڊ ٿي وڃن ـ منهنجي اهڙي درخواست تي هڪ ڏسڻو وائسڻو سنڌي قومپرست ليکڪ، 20 بيگناهه سنڌي مقتول پورهيتن سان همدردي ڏيکارڻ بدران، سندن قاتل بلوچ قومپرست جي پٺڀرائي ڪندي، پاڻ ئي انفرينڊ ٿي ويو ـ
    * سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه (پ پ پ) جي صدارت هيٺ وزارت جي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾، وڏي وزيرجي هدايت ڪندي چيو ته: ڪراچي سنڌ آهي سو ان کي الڳ نه لکو ـ جيتوڻيڪ سنڌ جي وڏي وزير، ”ڪراچي ۽ سنڌ“ لکڻ خلاف وزارت کان اهڙو فيصلو ڪرايو پر اچرج جي ڳالهه آهي ته ”سنڌ جي ٺيڪيدارن“ اهڙي فيصلي جي هيلتائين آجيان نه ڪئي آهي ـ سٺي ڪم کي سٺو چوڻ گھرجي ۽ غلط ڪم کي غلط، چاهي اهو ڪير به ڪري ـ
    * مونکي چڱي ريت يادآهي ته ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌ اندر پ پ پ سرڪار ٺهي ته انهن ”ڪراچي ۽ سنڌ“ لکڻ خلاف مهم هلائي هئي، اردو پريس وقتي ماٺ ڪئي سو مرحوم مخدوم طالب المولى اردو پريس جو ٿورو مڃيو هو پر مونکي ياد آهي ته اها خبر ڇپجڻ لاءِ جڏهن مون وٽ آهي ته مون ذاتي طور زباني رمارڪ ڏنا: ڀلي اردو پريس جو ٿورو مڃيو پرهو پنهنجن حرڪتن کان مُڙندي ڪو نه ـ وقت ثابت ڪيو ته منهنجي سوچ گھڻي وقت کانپوءِ درست نڪتي ـ
    * سنڌ گورنر محمد زبير چواڻي: شهبازشريف نون ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ته 10 منٽن اندراهڙو فيصلو ڪيم ۽ پارٽيءَ ۾ ريفارم پلان ٺاهيم ـ هاڻ هر هڪ سمجھي سگھي ٿو ته سنڌ جي گورنر جي همدردي، سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن بدران سنڌ دشمن نواز ليگ سان ڇوآهي؟
    * اسلام آباد: نواز شريف به ”ڪراچي ۽ سنڌ“ جو راڳ ڳايوآهي ـ
    * ڪجھه دوستن جا ڪنهنجي واکاڻ ۾ تبصرا پڙهي صدمو رسيو، لڳي ٿو ته اهي سنڌ اندر تازو سياست ۾ آيل شيطان صفت انسان کي فرشتو ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن ـ
    * نون ليگ جي 8 ميمبرن استعيفائون ڏنيون، ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ ٺاهڻ جو اعلان (يعني سرائيڪين لاءِ الڳ صوبو) ـ
    * منهنجي ڇنڊڇاڻ جومقصد، بي ريا تبصرو ڪرڻ هوندو آهي جنهن ۾ منهنجي پسند يا ناپسند جو واسطو ڪونه هوندو آهي، دوست نوٽ ڪن: محمد خان سيال ـ
    * ڪنهن دوست فيس بوڪ تي لکيو: بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي مان چونڊ وڙهڻ کان نٽائي پيو (هارائڻ جي ڊپ کان). منهنجي ڇنڊڇاڻ موجب سنڌ مان جتان به بلاول بيهي ته وڏي گهڻائيءَ سان کٽندو، جيڪڏهن اهو دوست چاهي ته ڀلي مون سان شرط لڳائي ـ
    * ڪرپٽ ڪهڙي به واشنگ مشين ۾ ڇو نه هليا وڃن، سندس داغ نه ڌوئبا: سراج الحق، سربراهه جماعت اسلامي ـ
    * عمران خان پنهنجي تڪ 56 ۾ 2013 ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ 4 ورهين 10 مهينن کانپوءِ آيو ، ٿورو سوچيو ته جنهن کي پنهنجو اصلي چونڊيل تڪ، ياد ناهي ته سو وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ کي ياد رکندو مطلب ته ترقياتي ڪم وغيرهه ڪرائيندو؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو