ڏکڻ آفريڪا ۾ هلندڙ فوٽ بال ورلڊ پنهنجي اختمام طرف گامزن آهي۔۔۔۔ منهنجي پسند جي ٽيم ارجنٽينا پڻ جرمني کان ڪوارٽر فائينل هارائي مقابلي کان ٻاهر ٿي وئي جنهن جو ڪافي ڏک به آهي پر هتي مان توهان کي 2010 جي ورلڊ ڪپ کان اڳ جي ورلڊ ڪپس بابت ڪجهه ٻڌائڻ گهران ٿو۔۔۔
سڀ کان پهريان 1930ع ۾ ورلڊ ڪپ ٿيو جيڪو يوروگائي کٽي ورتو ۔۔۔ هن مقابلي ۾ ٽوٽل 13 ٽيمن حصو ورتو۔۔۔۔
ٻيو ورلڊ ڪپ 1934 ٿيو جنهن ۾ اٽلي سان تعلقات خراب هجڻ ڪري يوروگائي مقابلي ۾ حصو نه ورتو ۽ 16 ٽيمن تي مشتمل هن ٽورنامينٽ جو فاتح اٽلي ٿيو۔۔۔۔
1938ع ۾ ٿيندڙ ٽيون ورلڊ ڪپ فرانس ۾ ٿيو ۔۔۔ جن ۾ 15 ٽيمن حصو ورتو۔۔۔ هن ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽينا، انگلينڊ، اسپين ۽ يوروگائي ملڪن جي غير موجودگي جو فائدو وٺندي اٽلي هڪ دفعو ٻيهر فاتح بڻيو۔۔۔۔
12 سالن جي طويل عرصي کان پوءِ1950ع ۾ برازيل ۾ ٿيندڙ چوٿين ورلڊ ڪپ ۾ 13 ٽيمن حصو ورتو ۔۔۔ هن دفعي وري پوين ٻن ورلڊ ڪپس شرڪت نه ڪندڙ ملڪ يوروگائي فاتح بڻيو۔۔۔۔
1954ع ۾ سوئيزرلينڊ ٿيندڙ پنجين ورلڊ ڪپ ۾ ٽوٽل 16 ٽيمن حصو ورتو ۔۔۔ ۽ هن دفعي فاتح اولهه جرمني ٿيو۔۔۔
سيوڊن ۾ 16 ٽيمن تي مشتمل ڇهون ورلڊ ڪپ 1958ع ۾ ٿيو ۔۔۔ جيڪو پهريون دفعو برازيل کٽيو۔۔۔۔
سن 1962 ۾ ٿيندڙ چلي ۾ ورلڊ ڪپ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو ۽ برازيل ٻيو ڀيرو هن ورلڊ ڪپ کٽي ورتو۔۔۔۔
1966ع جي اٺون ورلڊ ڪپ انگلينڊ ۾ ٿيو ۔۔۔ جنهن ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو ۔۔۔ميزباني جو ڀرپور فائدو وٺندي انگلينڊ پهريون دفعو ورلڊ ڪپ جو فاتح بڻيو۔۔۔۔
ميڪسيڪو 1970ع ۾ نائين ورلڊڪپ جو ميزبان ٿيو۔۔۔ ۽ 16 ٽيمن تي مشتمل هن مقابلي جو فاتح هڪ دفعو وري برازيل بڻيو ۔۔۔ ياد رهي ته هي ٽيون موقعو هو جو برازيل فاتح بڻيو۔۔۔
اولهه جرمني 1974ع ۾ ڏهين ورلڊڪپ جي ميزباني حاصل ڪئي ۔۔۔ ۽ 16 ٽيمن تي مشتمل هي ٽورنامينٽ کٽي ورتي۔۔۔