سنڌ مدرسته الاسلام ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت ۽ اهميت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 اپريل 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    "سنڌ مدرسته الاسلام ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت ۽ اهميت" جي عنوان سان 15 اپريل 2018ع تي سچل ڳوٺ ڪراچي جي بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريريءَ ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڄاڻايل يونيورسٽيون چند سال اڳ وجود ۾ آيون. اهي ادارا جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي ڪم ڪري رهيا هئا تڏهن اتي سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ٿيندي هئي پر يونيورسٽين جو درجو ملڻ کان پوءِ اتي سنڌي شعبا نه کوليا ويا. سنڌ جي انهن قديم ادارن ۾ سنڌي شعبن جي اڻاٺ کي محسوس ڪندي "سنڌي شعبن لاءِ جاکوڙيندڙ سٿ" پاران ڄاڻايل مادر علمين ۾ سنڌي شعبا کولرائڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي وئي، ان ڏس ۾ اڄوڪو سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد ان ڏس ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي شعبن جي قيام لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ادارن جي سربراهن ۽ سرڪار کي سنڌي شعبن جي اهميت ۽ ضرورت کان واقف ڪرڻ هو. سيمينار کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر بدر سومري، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر ڦلو ميگهواڙ، ڊاڪٽر احمد سومري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر برڪت ڏاهري، ڊاڪٽر علي اڪبر چانڊيي، شفقت نوناري، محمد سليمان وساڻ، اسد چنه، نظر ملاح، جاويد شيخ، اشرف کوهاري، ڪيلاش ميگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سڀني مقررن سنڌي شعبن جي تدريسي ۽ تحقيقي اهميت تي ڳالهايو ۽ سيمينار جي آخر ۾ ڄاڻايل يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو. اميد ته اڄوڪو سيمينار لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جا ساڃاھ وند هن اشو کي اجتماعي سمجهي هن ڏس ۾ هلندڙ مهم ۾ شامل ٿيندا. سڀني دوستن کي هن مهم کي پنهنجائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي اپيل ڪجي ٿي.

    ھن سيمينار جي وڊيو لنڪ لاءِ ھتي ٺڙڪ ڪيو
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. جمال مصطفيٰ شورو

    جمال مصطفيٰ شورو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2018
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پيسن عيوض سماجي خذمتون
    ماڳ:
    سکر
    سٺو ڪم پر ان حوالي سان ڪو گروپ ضرور جوڙيو وڃي جيڪو انهن ادارن جي اڳواڻن سان ۽ استاد تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙيون قردادون پيش ڪري.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو