بيوقوف گڏهه نفيس علي لغاري هڪ جهنگ ۾ تمام گهڻا جانور گڏ رهندا هئا، انهن جانورن ۾ شينهن ۽ گڏهه جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ٿي وئي، ٻئي سڄو ڏينهن هڪٻئي سان گڏ رهندا هئا، شينهن جانورن جو شڪار ڪري کاِئيندو هو ۽ گڏهه وري ننڍا وڏا ٻوٽا ۽ گاهه کائي گذارو ڪندو هو. ٻئي جتي به ويندا هئا، شينهن جي خوف سبب سمورا جانور اتان رڙيون ڪري پري ڀڄڻ لڳندا هئا ۽ جهنگ ۾ افراتفري مچي ويندي هئي. جڏهن مسلسل ائين ٿيڻ لڳو ته بيوقوف گڏهه کي لڳو ته سمورا جانور هُن کان ڊپ ڪن ٿا ، ان احساس گڏهه ۾ وڏائي آڻي ڇڏي ۽ هو جهنگ ۾ آڪڙجي هلڻ لڳو، هڪ ڏينهن جڏهن گڏهه شينهن سان گڏ جهنگ ۾ گهمي رهيو هو ته کيس بگهڙن جو ولر ڏسڻ ۾ آيو، گڏهه بگهڙن کي ڏسي غرور سان ڪنڌ لوڏيو ۽ سوچڻ لڳو ته بگهڙن جي اها مجال جو مونکي ڏسي پڻ هتي ئي بيٺا آهن هن سوچيو ته ڇو نه بگهڙن کي جهنگ مان لوڌي ڪڍجي، سو هُن ڪاوڙ ۾ اچي وڏي آواز سان هينگ ڪرڻ شروع ڪري ڏني. بگهڙن جڏهن هن ڏانهن ڏٺو ته هُنن کي گڏهه سان گڏ شينهن پڻ ڏسڻ ۾ آيو ، بگهڙ شينهن کي ڏسي جان بچائي ڀڄڻ لڳا، گڏهه کي لڳو ته بگهڙ مونکي ڏسي ڀڄي رهيا آهن سو هو بگهڙن کي وڌيڪ خوفزدهه ڪرڻ لاءِ انهن جي ڪڍ ڀڄڻ لڳو. گڏهه ڀڄندو ڀڄندو شينهن کان ڪافي پري نڪري آيو، بگهڙن به جڏهن ڏٺو ته گڏهه شينهن کان پري ٿي ويو آهي ته هو گڏهه کي پنهنجي گهيري ۾ آڻڻ لڳا، گڏهه ته وري به گڏهه هو سو بگهڙن کي سامهون ٿي ڏند ڪُرٽڻ لڳو. تيسين هڪ بگهڙ مٿس حملو ڪري کيس ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. ائين بيوقوف گڏهه پنهنجي بيوقوفي جي ڪري پنهنجي جان وڃائي ويٺو، ٻارو اسان کي به سدائين پنهنجي طاقت ۽ اهميت کي سمجهڻ گهرجي ۽ ٻي جي طاقت تي ناز نه ڪرڻ گهرجي.