جيڪر اڃا به نه ته پوء آخر ڪڏهن؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    انهيء کي اسان جي بدقسمتي چئجي يا غلط هلت جو اسان شروع کان ڏاڍ جي جنهن چنبي ۾ جڪڙيل آهيون انهيء مان جان ڇٽڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن وڌيڪ قابو ٿيندا ٿا وڃون.انهيء جو هڪڙو بنيادي سبب اسان جي ذهني غلاميء واري ڪيفيت به آهي جنهن مان اسان جي سوچ ۽ عمل جي ڪابه ڪنڊ آزاد ناهي. جيڪر اسان تي پنهنجن افعالن ۽ اعمالن سبب به ڪا مصيبت اچي ٿي ته ان کي “خدا جي مرضي” قرار ڏيئي هروقت قسمت کي پاراتا ڏيندا رهندا آهيون.ڪيڏو به وڏو سانحو يا حادثو پيش اچي ته ان جي سببن تي غور ڪري آئيندي انهيء جو تدارڪ ڪرڻ بدران پنهنجون سڀ نااهليون ۽ بي عمليون لڪائي هڪٻئي تي الزام تراشين جي برسات شروع ڪري ڏيندا آهيون.اها جا ايڏي وڏي گڏيل بي عملي ۽ نااهلي اسان جي سماج جو اڻٽٽ انگ بڻجي ويئي آهي ان جو اهم سبب پنهنجي سوچ سمجھه جي قوت ۽ صلاحيت کي استعمال نه ڪرڻ آهي.اسان جي سمجھه ۾ اڃا تائين اها ڳالهه ناهي ويٺي ته اهي جن کي اسان پنهنجي لاء هي سماجي نظام سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ لاء مٿي موڪليون ٿا ، ڏاڍ،ڏهڪاء ۽ ناانصافيء جو هي سڄو سرشتو انهن جو ئي پنهنجو پيدا ڪيل آهي.جن کي اسان پنهنجن صدين جي مسئلن جو حل سمجھيو آهي اهي پاڻ ئي اسان لاء هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهن.عوام دوستي ۽ عوام آزاريء جون سموريون سچائيون اسان تي کلي چڪيون آهن.پر اسان وڏي بي نيازيء سان اهي ساڳيا تجربا ڪندا ٿا رهون ۽ جڏهن اسان پاران پاڻ پنهنجن سرن تي ٿاڦيل اها مخلوق اسان کي ستمن جي ديوار ۾ دفن ڪري ٿي ته اسان پٽڻ ۽ پاراتا ڏيڻ شروع ڪيو ڏيون ته اي عدالتن وارو! وارو ڪيو،اي ورديء وارو! ڊوڙي اچو،اي ميڊيا وارو! اسان کي هنن رهزنن کان بچايو.وغيره وغيره.۽ جڏهن ڏسندا آهيون ته انهن جي ڪوبه ٻانهن پڪڙڻ وارو ڪونهي ته پوء چوندا آهيون ته خدا تعاليٰ انهن کي سزا ڇو نٿو ڏئي،قدرت انهن کان انتقام ڇو نٿي وٺي؟زمين انهن کي جيئرو ڳهي ڇو نٿي وڃي ۽ آسمان انهن مٿان ڪري ڇو نٿو؟ ايئن پٽيندي،پاراتا ڏيندي ۽ رڙيون ڪندي وري اهو وقت اچيو وڃي جڏهن اسان کي پنهنجي فيصلن تي نظرثانيء جو موقعو ملي ٿو ۽ انهيء بيوفا ۽ بي درد مخلوق کي جوڳي سزا ڏيڻ جو مناسب موقعو ميسر ٿئي ٿو پر تڏهن به اسان جو فيصلو اهو ئي ساڳيو!اها ئي بخشش،اها ئي عام معافي،اها ئي عظيم درگذر يا وري اهي ئي ننڍيون ننڍيون خواهشون،اهي ئي معمولي معمولي مفاد،ايستائين جو بريانيء جون ديڳيون به اسان کان ساڳيا فيصلا ڪرايو ڇڏين.جن کان به پڇبو سي پنهنجن ئي چونڊيل نمائندن ۽ حڪمرانن جي ظلم جا داستان ٻڌائيندي ۽ پنهنجن مصيبتن ۽ محرومين جو ماتم ڪندي ۽ پنهنجن رهبرن جي رهزنيين جا ساري سمورا سور سڻائيندي ته ضرور نظر ايندا پر انهي سموري سماج کي ڪنهن سکن جي وسنديء ۾ بدلائڻ جي ڪيميا جيڪا صرف هنن جي هٿن ۾ آهي سا ڪو به ڪڏهن به استعمال ڪرڻ لاء هرگز تيار نٿو ٿئي.سچ اهو آهي ته مجموعي طور تي بي عمل بنيل قوم وٽ سواء پٽن،پاراتن ۽ شڪايتن جي ٻيو ڪجهه هوندو به ناهي. اسان جي زندگين سان راند رهڻ وارا ته جيڪا راند کيڏندا رهيا آهن سا کيڏندا آيا آهن پر اسان به سدائين پنهنجو پاڻ سان هڪڙو وڏو کلواڙ اهو ڪندو رهيا آهيون ته “اسين انهن راجائن کي گھوڙي تي ضرور ويهارينداسين ۽ ويهارڻ کان پوء جڏهن سندن اختيارن جو بدمست گھوڙو اسان کي لتاڙڻ لڳي ته خدا جا ڪي نيڪ بندا ڊوڙي اچن ۽ اچي ان گھوڙي جو لغام جھلين! ” اسان عوام به پنهنجي پوري سياسي تاريخ ۾ اها سمجھه کان چڙهيل راند نه کيڏندا رهيا آهيون ته پوء ٻيو ڇا ڪندا رهيا آهيون؟ ٻئي طرف چالاڪ،سالن کان وڙهيل ۽ چڙهيل اسان جا حڪمران آهن جيڪي اسان جي نج نفسيات،بي همتي ۽ بي عمليء کي چڱي نموني سمجھي ۽ اندازو لڳائي چڪا آهن تنهن ڪري کين پنهنجن موروثي سياسي گادين تي وري رونق افروز ٿيڻ لاء ڪنهن وڏي ڪشالي ڪڍڻ يا پاپڙ ويلڻ جي تڪليف ڪرڻي نٿي پوي. عدالتون آخر ڪهڙي ڪهڙي درد جو درمان ٿين،احتسابي ادارا ڪيترن پويان ڪيتري وقت لاء ڪات ڪهاڙا کڻي ڊوڙن.دنياجي سڌريل جمهوري سماجن ۾ ڪٿي به ورديء وارن کي عوام جي اهنجن جو ازالو نٿو سمجھيو وڃي. حڪمراني ۽ قانونسازي انهن مان ڪنهنجو به ڪم ناهي ،اهو ڪم بي شڪ عوام جي چونڊيل نمائندن جو ئي آهي ،عوامي نمائندن جو احتساب به عوام ڪري سگھي ٿو. اصولن جي شوڪيس ۾ سجائڻ لاء اها ڏاڍي سونهاري سوچ آهي ۽ هر حالت ۾ ايئن ئي هئڻ گھرجي پر معاف ڪجو ٿيندو ڇا رهيو آهي ؟ عوام اڄ تائين ڪنهنجو احتساب ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي ناقص ڪارڪردگيء،غلط بياني،دوکيبازي ۽ ڪرپشن جي ڏوهن ۾ ٻيهر اسيمبلين ۾ پهچڻ کان روڪيو آهي؟اهو ئي ته ويل ۽ ستم آهي جو هتي ڪوبه پنهنجو ڪم ڪرڻ لاء تيار ناهي،نه حڪمران،نه ادارا ۽ نه ئي عوام! سماجي انصاف،سياسي برابري ۽ بنيادي انساني حقن جي نظام جي پوري عمارت ئي زمين بوس ٿي چڪي آهي،رات جي وقت ڪجھه دانشور ۽ صحافي جيڪي ٽي ويء تي اچي جمهوريت،آئين ۽ سول بالادستيء جا گردان پڙهن ٿا ڪو انهن کان اهو ته پڇي ته اهو،آئين،جمهوريت ۽ سول بالادستي صرف حڪمرانن لاء ئي آهي يا انهيء ۾ عوام جو به ڪو حصو آهي؟عوام ڇا ڪري اهڙي ترقيء جو جيڪا انهن کي ٻن وقتن جي ماني ڏيئي نٿي سگھي؟عوامي حڪمرانيء جي دعويدارن جي حالت ڏسو جو ملڪ ۾ پاڻيء جي کوٽ آهي سو هروڀرو ڪالاباغ ڊيم ئي ٺهندو. ٽن صوبن جو جيڪو عوام ان هاڃيڪار رٿا کي مڪمل رد ڪري چڪو آهي ان عوام جي راء جي بالادستيء جو به ڪو تصور آهي يا سول بالادستيء جو مطلب اهو ته حڪمران اشرافيا جي بالادستي؟عوام کي اڄ تائين ان نام نهاد عوامي حڪمرانيء مان ڇا مليو ۽ ڇا سريو اهو سڀ سمجھڻ جي باوجود سمجھه ۾ نٿو اچي ته عوام سمجھي ڇو نٿو؟ ستم رڳو اهو ناهي جو رهبرن عوام سان رهزني ڪئي پر وڏو ستم اهو جو عوام پاڻ پنهنجن هٿن سان انهن رهزنن جي سر تي فضيلت جا دستار سجائي کين رهبريء جي هربار سند ڏيئي ڇڏي.هاڻي به جيڪر عوام سڀ ڪجهه سمجھندي به ڪجھه به نه سمجھيو ته سمجھبو ته صدين تي پکڙيل سندن سورن لاء عوام به اوترو ئي ذميدار آهي جيترا حڪمران! جيڪر اڃا به نه ته پوء آخر ڪڏهن ؟ڇوته “ جيڪر هاڻي نه ته پوء ڪڏهن به نه! ”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو