• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : منھنجي محبوب کي وڃي چئو سڪ ڏاڍي لڳي آھي

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي،
جي رُٺل آ مونسان دلبر تھ ڏيو پرچائي.
منھنجي محبوب کي وڃي چئو..........


پنھنجي جاني کي ڏسڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب آھيان،
ڇو ٿو مجبور ماڻھوءَ کي ھُو ستائڻ چاھي،
منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي...


منھنجي تڙپڻ جو خدارا ڪُجهہ احساس ڪريو،
آڻيو گڏ پاڻ سان پيارو، ھِي ڪرم فرمائي.
منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي..


نماڻي نور احمد جو اٿؤ ھِي عرض مِٺا!
جانِي ھڪ ڀيرو مڙوئي جي اچي ڳل لائي..
منھنجي محبوب کي وڃي چئو سِڪ ڏاڍي لڳي آھي..



ٻول : نماڻو نور احمد
آواز : شمن علي ميرالي

 
Back
Top