مست
سينيئر رڪن
مسلم دنيا جي عملن ۽ انهن جي طور طريقن کي دقيانوسي سڏڻ وارا هي دنيا وارا هاڻ پاڻ دقيانوسي ٿيندا پيا وڃن..
فال ڪڍڻ هڪ پراڻو فن آهي ۽ طوطن کان فال ڪڍڻ ته اسان جي ملڪن ۾ عام آهي، گهڻا ماڻهو پيرن فقيرن کان فال ڪڍرائيندا آهن، مرشد، جيجيون، اهي سنڌين ۾ عام جام آهن جيڪي يا ته مفت ۾ يا ڪجهه پئسن عيوض فال ڪڍي ڏين ٿيون....
پر جرمنيءَ جو به قصو ٻڌو جتي هڪ ڪيڪڙو يعني آڪٽوپس ماڻهن کي فال ڪڍي ڏئي ٿو ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته هن جيڪي به فالون هن وقت تائين ڪڍيون آهن سڀ صحيح ثابت ٿيون آهن.
هلندڙ فٽ بال ورلڊ ڪپ جي نشي ۾ ورتل جرمني جي ماڻهن هن ڪيڪڙي کان فال ڪڍڻ لاءِ جيڪو طريقو رکيو آهي ڏاڍو عجيب آهي.. هن جي اڳيان ٻن دٻن ۾ کاڌو رکيو وڃي ٿو، ٻنهي دٻن تي انهن ٻنهي ٽيمن جي جهنڊي جو رنگ هوندو آهي جنهن جو ميچ ٿيڻ وارو هوندو آهي، ڪيڪڙو جنهن دٻي مان پهرين کاڌو کڻي ٿو ان دٻي جي جهنڊي واري ٽيم جي متعلق اهو يقين ڪيو وڃي ٿو ته اها ٽيم ئي ميچ کٽندي. ڪالهه 3 جولائي تي ٿيندڙ جرمني ۽ دنيا جي مڃيل فٽ بال چيمپيئن ارجنٽينا جي ميچ جي متعلق جڏهن 2 جولائي تي انهيءَ طريقي سان فال ڪڍي وئي ته نتيجو جرمنيءَ جي حق ۾ نڪتو جنهن جو ڪيترن ئي ماڻهن کي يقين نه آيو پر ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين 4 ميچن ۾ فال ڪڍرايل ميچن جا درست نتيجا ڏيندڙ هي ڪيڪڙو هن پنجين ميچ ۾ به صحيح ثابت ٿيو ۽ جرمني ميچ کٽي ورتو... ارجنٽينا جي شڪست ايتري ناقابلِ يقين هئي جو ان جي ڪيتري چاهيندڙن ته ميچ جي نتيجي کان پوءِ خودڪشي به ڪري ورتي..