سرڪار ۽ سڀيتا وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ڪيئن ختم ٿيندي............................۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جمهوري ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام لاءِ سرڪار ۽ سڀيتا وچ ۾ اعتماد ائين هجڻ ضروري هوندو آهي جيئن پنن تي پهرو ڏيندڙِ لفظن جو ڪتابن تي هوندو آهي، پر جيڪڏهن سڀيتا جو صنفن تي ويـل ڪارندن مٿان اعتبار جو پکي اڏامي ويندو ته ملڪ ڪنهن ستم ظريفي جي پيچرن ڏانهن ڌڪجي به سگهي ٿو.
    62 سالن جي عرصي ۾ جمهوريتي راهون جڏهن همنوا ٿيون آهن، تڏهن ايوانن تائين پهچندڙ عوامي نمائندن سرڪار ۽ عوام وچ ۾ پيدا ٿيل ويڇا ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، پر آمريت جا ڳرا پير جمهوريت تي راتاها هڻي قوم جي عصمت کي هميشه سرِبازار نيلام ڪيو آهي، آمرن پنهنجون عداوت ذريعي سياسي اڳواڻڻ ۽ جمهوريت پسندن مٿان غير اعتمادي پيرا ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي.
    پاڪستان جو ڳچ عرصو آمريت جي پاڇي ۾ گذريو آهي، هر ان دور ۾ جڏهن عوام آمريت جي پاچي مان آجپي جي التجا ڪندو آهي ته ديس واسين تي مڙهيل آمريت جون خامين نما خوبيون بيان ڪري عوام ۽ جمهوريت پسندن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ جڏهن جمهوري راهدارن کي اعتماد جي بحالي ۾ شفافيت جون گهڙيون ملن ٿيون تڏهن ميڊيا جا ڪجهه پايا آمريتي قدمن جي پوئواري ڪندي ويجهڙائي تي پهتل اعتماد کي ختم ڪري ويڇن ۾ واڌ ڪريو ڇڏين ٿا. جمهوريت، اظهار جي آزادي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي ڇاڪاڻ تي جمهوريت آمريت جي هر قدم جي مخالف آهي ۽ اظهار جي آزادي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪرڻ جمهوري اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
    امريڪي رياست ليگزنگٽن Lexington)) جي اڳوڻي ميئر ٽيريسا آسيڪ (TERESA ISAAC) سان ملاقات ٿي جنهن ۾ حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جي بحالي ۽ شفافيت بابت ڳالهيون ٿيون. ان دوران شهري مامرن ۾ شهرين کي برابر شرڪت جو موقعو ڏيڻ تي گهڻو بحث ٿيو. شهرين جي رسائي انتظامي سربراهن تائين يقيني بڻائڻ سان عوام کي مسئلن مان تڪڙو ڇوٽڪارو ملندو ۽ انتظامي مامرا ننڍن بنيادن تي جوڙڻ سان عوام جي پهچ پڻ يقيني بڻجندي، جيڪڏهن پنجن ضلعن کي هڪ ضلعو جوڙيي انتظام هڪ شخص جي حوالي ڪيا وڃن ته ان سان انتظاميا ۽ شهرين وچ ۾ رابطي جو خال جنم وٺندو، پر جيڪڏهن انتظامي مامرا هيٺين سطح تي منظم ڪيا ويندا ته عوامي امنگن جي ساڀيان سچي ثابت ٿيندي. آمريت جي هر دور ۾ پاڪستان کي گهڻ ٻولي ملڪ قرار ڏئي لساني ۽ نسلي فسادن کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪوٺڻ، سنڌين ۽ ارود ڳالهائيندڙ سنڌين يا پختونن ۾ نفرتون ڦهلائي رتوڇاڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. جمهوري حڪومت اهڙين فرقن کي ختم ڪري ڪنهن به قسم جي نفرت ڦهلائڻ واري عمل کي پري رکندي پوري ملڪ واسين کي هڪ پاڪستاني هجڻ جو نعرو بلند ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو. موجودا سرڪار پاران چئني صوبن جي اتفاق راءِ سان قومي مالياتي ايوارڊ جي منظوري کي پڻ ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ماضي ۾ ننڍن صوبن سان رواداري واري راهه اپنائيندي انهن لاءِ اڪيلائيءَ جون موسمون پيدا ڪري ساٿ ڏيڻ کان سڌي ريت انڪار ڪيو ويو، انهن صوبن ۾ ڏوهاري ڪارروائين کي هٿي ڏياري، پرامن اڳوانڻ مٿان جبر جا الزام مڙهي کين موت جي ننڍ سمهاريو ويو، بلوچ اڳواڻ اڪبر بگٽي کي آپريشن قتل ڪيو ويو، جنهن کي آمريت جي ننڍن صوبن سان ڪيل ڪٺور ڏوهه قرار ڏيڻ نامناسب نه لڳندو. جمهوري سرڪار کي اعتماد جي بحالي لاءِ اڄ بهتر گهڙيون مليون آهي، سرڪاري سڄاڻ جيڪڏهن پنهنجي تڪن ۾ کليل ڪچهريون ڪري مونجهاري سبب بي وس بڻجي ويل سانگيئڙن جون مهجور داستانون ٻڌي انهن لاءِ جائز جاکوڙ ڪن ته عوام جو من سندن راهن ۾ پيدا ٿيل ويڇن کي وساري موهجي سگهي ٿو، پر عوام سان واعدا ڪري سندن سڪونن ۾ خلل وجهڻ سان عوام جو من ويڇن کي گهٽائڻ نه پر آسان ڄاڻايل جمهوري سفر ۾ دربدر ٿي سگهي ٿو ۽ شايد اهو وري ان ساڳي ستم جي وهڪري ۾ وڃائجي سگهي ٿو جنهن لاءِ آمريتي ڇانو جي خاتمي جي انتظار ڪندو آهي.
    بدامني ۽ جمهوريت جي خاتمي لاءِ لوڪل بنيادن تي تربيتي ادارا کولي عوام جي محافظن يعني پوليس عملدارن کي تربيت ڏئي وڃي. ٽيريسا آسيڪ (TERESA ISAAC) پنهنجي رياست ۾ ڪيل ڪمن جون ساروڻيون ٻڌايئيندي چيو ته بدامني ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سندس حڪومت ننڍي سطح تي پوليس کاتي جا تربيتي ادارا کوليا، جنهن ۾ کين پنهنجي حقيقي ذميوارين بابت آگاهي ڏني ويندي هئي.ٻئي طرف هر طبقي جي رهائشين کي پوليس جي سرگرمين مٿان اعتماد جي بحالي لاءِ ڪچهريون رٿيون ويون، جنهن کانپوءِ هر اهڙي بدامني يا ڪرپشن تي ضابطو اچي ويو، اهريءَ ريت عوام ۽ محافظن وچ ۾ پيدا ٿيل خال ڀرجي ويو.
    ان ڏس تي جيڪڏهن عمل ڪري پاڪستان ۾ هيٺين سطح تي پوليس کاتي جا تربيتي ادارا قائم ڪري کين پنهنجين حقيقي ذميوارين جو احساس ڏيارجي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ ڪڏهن به ڪو بي ڏوهي نه ماريو ويندو يا واٽ ويندڙ ڪنهن اهلڪار کي ڏسي نه ڪنبدو، معشوق بروهي جهڙو واقعو رونما نه ٿيندو يا وري پوليس کان اختيار کسي رينجرس حوالي نه ڪيا ويندا. شهري انهن کي پنهنجو محافظ سمجهي ڳاٺ اوچو ڪري هلندو ۽ هر قسم جي بدامني يا ڪرپشن کي ٻنجو اچي ويندو.
    ليگزنگٽن Lexington)) جي اڳوڻي ميئر تيريسا آسيڪ (TERESA ISAAC لوڪل نظام جي مظبوطي کان اڳ صوبن کي سگهارو بڻائڻ واري ڳالهه کي اهم ڪوٺيو، ڇاڪاڻ ته صوبائي يونٽس، رياستن جو وفاق کي سگهارو بڻائن ۾ اهم ڪردار هجي ٿو.جيترو وڌيڪ صوبا مضبوط هوندا، مڪاني نظام اوترو سگهارو ثابت ٿيندو. صوبن کي سگهارو بڻائڻ ۽ لساني مونجهارن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت آئين ۾ 18 هين ترميم آڻي واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، ان سان صوبن کي خودمختياري سميت پنهنجو هر اهو حق ملندو، جيڪو آمر پاران آئين کي چڪنا جور ڪرڻ کان پوءِ رڳو وفاق جي وس ڪيو ويو هو. موجودا سرڪار چئني صوبن جي اتقاق راءِ سان قومي مالياتي ايوارڊ منظور ڪرائي پڻ سمورن صوبن کي پنهنجو حق ڏياريو آهي، جنهن جي اڳ ڪڏهن به حقيقي نموني ورهاست نه ٿي. مالياتي ايوارڊ سان حڪومت ۽ عوام وچ ۾ اعتماد جو سرشتو وڌيڪ سگهارو ٿيو آهي، پر جيڪڏهن ملڪ لاءِ ناسور بڻجي ويل دهشتگردي، بدامني، ادارن ۾ پيدا ٿيل ڪرپشن کي ختم ڪري هيٺين سطح تي انتظام منتقل ڪري عوام سان رابطا بهتر بڻايا وڃن ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ پيدا ٿيل سمورا خال ڀرجي ويندا.
    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
    hafeezkaka@yahoo.com
    03332945417
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سرڪار ۽ سڀيتا وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ڪيئن ختم ٿيندي............................۔

    ادا حفظ الله
    اوهان جي پهرين تحرير
    پهريون موضوع
    ۽ اهو به ايترو بهترين
    پنهنجو تعارف به ڪرائيندا ته واه واه ٿي ويندي دوست
    اسان پنهنجي اڱڻ تي پڻ اوهان کي خوش آمديد چئون ٿا
     
  3. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: سرڪار ۽ سڀيتا وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ڪيئن ختم ٿيندي............................۔

    سائين اوهان جي دعائن سان اسان غريب صحافي آهيون، حيدرآباد جو رهاڪو آهيان.

    اوهان جو دعاگو
    حفظ الله ڪاڪا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سرڪار ۽ سڀيتا وچ ۾ اعتماد جي کوٽ ڪيئن ختم ٿيندي............................۔

    ادا حفظ الله اوهان کي ڀليڪار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو