سماجي تبديلي ۽ اِصلاح اسلم آزاد وقت ۽ حالتون هر معاشري کي تبديليءَ واري گهاڻي جي عمل مان گذارينديون آهن ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جي ڳالهه ته هر خرابيءَ يا تخبير ۾ تعمير جو عنصر هوندو آهي، اڄڪلهه سنڌ ۾ سماجي تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇو ته هر طرف بي راهه روي ۽ ڇڙواڳي آهي، معاشري ۾ رشوت، لاقانونيت، بدمعاشي ۽ داداگيري جو راڄ آهي ۽ حالتون نيٺ ته ڪنهن منطقي انجام تي پهچنديون، سماجي تبديلي، اصلاح ۽ سڌارو فطري عمل آهي. مون سٺ سالن جي عمر تائين، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان وابسته رهندي بي شمار سياسي ۽ سماجي لاها چاڙها ڏٺا آهن ۽ انهن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. آئون شروعات 1960ع کان ڪندس جڏهن ايوبي آمريت، مارشل لا جي عذاب جي صورت ۾ ملڪ تي نازل ٿي چڪي هئي ۽ اڳتي هلي عوام خاص طور سنڌي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو ڦاهو وڌو ويو، نيٺ باهه ڀڙڪو کاڌو ۽ انهيءَ دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن کان تنگ آيل نوجوانن 4 مارچ 1967ع ملهائي ڏيکاريو. آئون انهيءَ سال ۾ ئي روزانا عبرت اخبار ۾ صحافت جي سکيا وٺڻ آيس ۽ سال ڏيڍ اندر ان جي شاگردن واري ايڊيشن ۽ معاملن جو انچارج بنيس. 1972 تائين ان دور جي نوجوان طبقي جي انتها سياسي ۽ سماجي تبديليون ڏٺيون. ون يونٽ خلاف تحريڪ، ايوبي آمريت جي پڄاڻي، جنرل يحيٰ طرفان 1970 جو اليڪشن، 1971 ۾ جنگ ۽ بنگلاديش جو دنيا جي نقشي تي اڀرڻ ۽ پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت، انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جو نوجوان طبقو اندروني ڀڃ ڊاهه ۽ ذهني تبديلين مان گذريو. عبرت جو شاگردن وارو صفحو يونيورسٽي ليول تائين وارن نوجوانن ۽ پير مظهر عرف ماما موجي جي نگرانيءَ ۾ ٻارن جو صفحو اسڪول ليول وارن جي ذهني تربيت ۾ اڳڀرو رهيو. 1969 ۾ وري گل محمد مستوئي سان گڏجي مون اسٽوڊنٽس پبليڪيشن جو بنياد وڌو ۽ جيئن ته ان دور ۾ طارق اشرف جي رسالي سهڻي ۽ حميد سنڌيءَ جي ماهوار روح رهاڻ تي بندش لڳي ته ان حالت ۾ اسانجا ڪتابڙا نوجوان طبقي لاءِ وڏو سهارو هئا ۽ رڳو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسٽوڊنٽس پبليڪيشن جون 700 ڪاپيون هلنديون هيون، ڀٽي صاحب جي دور ۾ بي شمار نوجوان گريجوئيٽس کي نوڪريون مليون ۽ اڃا هنن ساهه مس کنيو ته 1977 ۾ جنرل ضياءَ جي مارشل لا لڳي ۽ 1979 ۾ ڀٽو صاحب کي شهيد ڪيو ويو، هاڻي ٻيو نوجوان نسل مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو هو، 1980 ۾ آئون هلال پاڪستان اخبار ۾ هيس ته اتفاق سان مون کي پي ٽي وي تي وينجهار پروگرام ملي ويو ۽ هن ڀيري نوجوان نسل سان ٻيهر ويجهڙائپ ٿي، تڏهن پروڊيوسر اعجاز عقيلي ۽ مون محسوس ڪيو ته نئون نسل وري سخت مايوسيءَ جو شڪار آهي ۽ ان جو ڪو حل ڳولڻو پوندو. سال کن ته اسان اها پلاننگ ڪندا رهياسين ته اليڪٽرانڪ ميڊيا کي نوجوانن جي ذهني اوسر، تربيت، اعتماد ۽ رهنمائي ڏيڻ جي تحريڪ ڪيئن بنائجي. نيٺ 1982 ۾ ان سوچ پرک جو روپ ورتو ۽ 25 سالن جي عرصي ۾ اسانجي ٽيم گهٽ ۾ گهٽ ٻن نسلن جي نوجوانن کي ذهني صلاحيتن اجاگر ڪرڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ڏنو. تبديلي ۽ اصلاح ذهن کي ڌونڌاڙڻ جو نالو آهي ۽ انسان جڏهن ان عمل مان گذري ٿو ته ان ۾ پنهنجي محاسبي ۽ پاڻ کي سڌارڻ جو احساس جاڳي ٿو، وقت ڪيئن ٿو سيکاري، ان جا ٻه مثال آئون ڏيندس، جوانيءَ وقت هڪ ڏينهن آئون ڪراچي ايئرپورٽ وڃي رهيو هئس ته ڊرگ روڊ تي ڀرسان لنگهندڙ ڪار واري مونکي بيهڻ لاءِ چيو، اهو منهنجو لاڙڪاڻي جو دوست منظور قاضي هو ۽ اسان گاڏيون غلط نموني گڏ بيهاري ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، ڪجهه دير کانپوءِ هڪ ڪار اسانجي پٺيان اچي بيٺي، جنهن مان پيرسن شخص لهي اسان کي چيو ”هن کي به اوهان دادو لاڙڪاڻي جو روڊ سمجهيو آهي ڇا، ٻين گاڏين جو ته خيال ڪريو“ يقين ڪريو ته مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿي ۽ پنهنجي غلطيءَ جو احساس به، ٻئي ڀيري اهڙو واقعو پي اِي سي ايڇ سوسائٽي ۾ ٿيو، جتي آئون هڪ دوست واجد بلوچ وٽ ويندو هيس ۽ اڄڪلهه جي نوجوانن وانگر زور شور سان هارن وڄائي کيس پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيندو هيس! اتي به هڪڙيءَ شام ائين ٿيو جو هڪ جهونو ڪنهن بنگلي مان نڪتو ۽ مون کي پيار سان چيائين ته ”گاڏيءَ مان لهي پنهنجي دوست جو دروازو کڙڪاءِ يا گهنٽي وڄاءِ، آئون دل جو مريض آهيان ۽ هتي تيز هارن مون کي تڪليف ڏئي ٿو“ اڄ جڏهن منهنجي عمر 60 سال کي پهتي آهي تڏهن نسيم نگر يا علي پئلس جي علائقن ۾ اجائي ”پين پان“ ٻڌي مون کي به تڪليف ٿيندي آهي. مٿي عرض ڪيو هيم ته سنڌ جي ويجهي تاريخ ۾ اِصلاح، سڌاري يا تبديليءَ جو ذڪر 1964 ۾ سوويت يونين ۾ روسي ٻوليءَ ۾ شائع ٿيندڙ ڪتاب ”پاڪستان جون قوميتون“ ۾ به موجود آهي، جنهن جو مصنف يوري گنڪو فسڪي آهي. هيءُ ڪتاب وسيع پيماني جي ريسرچ تي مشتمل آهي، جنهن جو انگريزي ترجمو 1971 جي ابتدا ۾ ڇپيو، 1976 ۾ هن ڪتاب جو اردو ترجمو شائع ٿيو، جنهن جي صفحي 187 تي لکيل آهي ته: ”19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ ۾ اهڙيون عوامي تنظيمون اڀرڻ شروع ٿيون، جن جو مقصد قومي اصلاح هو، انهيءَ اثر جي ڪري مغربي يعني يورپين طرز جا اسڪول قائم ٿيا، جتي سنڌيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي.“ مٿين جملن مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته تبديلي يا اصلاح جو پهريون قدم تعليم آهي، ڪتاب جي صفحي 185 تي مصنف لکي ٿو: ”صوبي ۾ بيٺڪي نظام هئڻ سبب سنڌي هاري، مزدور طبقي جي جوڙ جڪ تي ناڪاري يا منفي اثر پيا ۽ اهي، پورهيتن کي گهٽ اجورو ملڻ ۽ تعليم عام نه ٿيڻ جو سبب بڻيا“ هنن جملن مان اها ڳالهه ثابت آهي ته تبديليءَ لاءِ ٻه شيون ضروري آهن، پهرين ته ماڻهوءَ جو پيٽ ڀرجڻ يا خرچ پورا ٿيڻ ۽ ٻيو: تعليم. آئون هن خشڪ موضوع جي ڊيگهه ۾ نٿو وڃڻ چاهيان ڇو ته اسين داخلي مسئلن کي روح جي غذا راڳ ذريعي مدهوش ڪندڙ هوائن ڏانهن موڪلڻ جا عادي بڻجي ويا آهيون، پر اهو ضرور لکبو ته پورهيتن سان گڏ سرمايو رکندڙ زميندار بورزوا طبقو به گهٽ علم سبب ترقيءَ کان محروم رهجي ويو. ڪالم جي پڄاڻي داغستاني شاعر ابو طالب جي هنن جملن سان: ”اديب ۽ ليکڪ کي يا ته اهڙو بگهڙ بڻجڻ گهرجي جنهن ڪو سِهڙ (سهو) شڪار ڪري کاڌو هجي، يا وري کيس اهڙو سهو بڻجڻ گهرجي جنهن بگهڙ جي خوني چنبن کان پاڻ کي بچايو هجي
جواب: سماجي تبديلي ۽ اِصلاح ادا تمام سٺي شيئرنگ آهي مهرباني سائين اسلم آزاد صاحب جو هي ليک ونڊي اوهان اسان تي مهرباني ڪري ڇڏي ادا ممتاز يقينن اسان جو دين اسلام به تبديليءَ خاطر انهن ٻني شين تي زور ڏئي ٿو هڪ تعليم ۽ ٻيو روزگار انهن ٻنهي شين کان انسان جو ذهن مطمئن هوندو ته هو اصلاح ڏانهن به متوجه ٿي سگهندو ۽ تبديليءَ ڏانهن پڻ يقينن اسان جا مفڪر حضرات پنهنجا خيالات قرآن جي روشني مان پرائن ٿا جيڪا اسان جي خوش نصيبي آهي
جواب: سماجي تبديلي ۽ اِصلاح سائين مهربانيون توهان دوستن جون جو همت افزائي ڪري اسان جو هوسلو وڌائين ٿا۔