شفيق الرحمان شاڪر “مسٽر ڏونگھو” وڏي وثوق سان چوي ٿو ته هميشه جيان ايندڙ عام چونڊن ۾ به عوام هارائي ويندو ۽ اهي ئي کٽيندا جيڪي سدائين بنان خطري جي کٽيندا رهيا آهن.ڪهڙي ڪارڪردگي، ڪهڙو ترقياتي ڪمن جو گذريل ريڪارڊ،ڇا جا عوامي ڀلائيء جا منصوبا ۽ ڪهڙا معاشي خوشحاليء جا منشور! هن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم خاص طور تي سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا رحمدل،سٻاجھا،مهمان نواز ۽ ويساهه وسوڙا آهن.انهن کي انيڪ اذيتون ۽ عذاب ڏيندڙ،انهن سان مڪاريء جو بار بار ناٽڪ ڪندڙ ۽ قدم قدم تي انهن سان ڪوڙ هڻندڙ،انهن کي پنهنجن پيرن ۾ لتاڙيندڙ،انهن سان دوکي جو ڌنڌو ڪندڙ،انهن کي ذلتن جون زنجيرون پارائيندڙ ۽ انهن کي مصيبت جي گھاڻي ۾ پيڙهيندڙ ،انهن کي پنهنجن آفيسن ۽ اوطاقن جي درن تان ڌڪاريندڙ،انهن جي پگھر جي ڪمائيء جو پئسو ڦري هڙپ ڪندڙ،انهن سان جانورن وارو سلوڪ ڪندڙ،انهن کي گندو پاڻي پياري سندن پيٽ سڄائيندڙ،انهن تي ناجائز محصول مڙهي کين مهانگائيء جي اونهي اوڙاهه ۾ اڇلائيندڙ،ڄوئرن جيان سندن سريڙ جو رت ست چوسيندڙ،اهي سڀ جا سڀ ستمگر عوامي عدالت مان هرڀيري آسانيء سان غير مشروط معافيء جا حقداربنجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. اها هتان جي “ باشعور” عوام جي “دريا دلي” ناهي ته ڇا آهي؟ سڄا سارا پورا پنج سال قومن جي سياسي زندگيء ۾ ڪو معمولي عرصو ته ناهن.پر ڇا ڳالهه ڪجي اسان جي قوم جي “ سخاوت ڀري دل” جي جو اهي هر ڀيري پنجن سالن جو بلينڪ چيڪ صحيح ڪري انهن اجنبين حوالي ڪري ڇڏين ٿا.رڳو چيڪ ئي حوالي نٿا ڪن پر انهن لاء تاڙيون وڄائي پنهنجون ٻانهون ٿڪايو،سندن شان ۾ ميگزيميم واليم سان نعرا هڻندي پنهنجون نڙيون سڪايو ۽ سندن ميلن ۾ نچندي پنهنجا پير پٿون ڪيو ويهن.اهي جن سياسي صنمن تان ساهه صدقوڪن ٿا اهي انهن کان صرف ان ڪري پري رهن ٿا ته متان ساڻن محبت ۾ مرندڙ مخلوق ۾ موجود مختلف مرضن جا جراثيم ان آسماني مخلوق جي جيء کي نه ڪو جوکو رسائي رکن. سو اهي سهڻا جي سالن تائين عوام کي پنهنجي صورت نه پسائين ته خير آهي،ڪنهن شوخ حسينا جيان جي پورا پنج سال پنهنجن ووٽرن کان پردو ڪندا رهن ته ڪهڙو ٿو فرق پوي! ڪنهن مرڻي ۾ اچي منهڙو پسايائون ته سڀ صدما لهي ويا. ڪنهن دعوت وليما ۾ ور ڪري گھوٽيتن کي مبارڪون ڏنائون ته سڀ ٿڪ لهي ويا ۽ سموري اڌار وسري ويئي.جيڪر ڪنهن بدنصيب ڳوٺ ۾ نامراد ڳوٺاڻن کي اڃا تائين پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي ته دل سوڙهي ڇو ڪجي.چونڊن جي چانڊاڻ ۾ اچي ان ڳوٺ جو چڪر هنيائون ته اڃايلن جي اڃ اجھائجي ويئي.روڊن رستن نه هئڻ تي روح رنج ڇو ڪجي.بس، صاحبن جي لينڊڪروزرن جو خير هجي جيڪي ڌوڙ اڏائينديون وينديون ۽ انهن جي اڳيان پويان نچندڙ روڊن رستن کان محروم مخلوق جا منهن ڌوڙ ڪنديون رهنديون. مسٽر ڏونگھو شايد صحيح ٿو چوي ته ماڻهو انهن کي ووٽ ڏين ٿا ۽ آئندهه به انهن کي ئي ووٽ ڏيندا رهندا.جو انهن وٽ ووٽن جي واپار جو ڏانء ۽ سياست جي راند جو راز آهي.اهي عوام جي دلين جا بي تاج بادشاه آهن عوام پئدائشي طور تي انهن جو راڄ ۽ رعيت آهي.ٻئي کي ڪهڙو ٿو حق پهچي جو انهن راجائن ۽ سندن رعيت وچ ۾ ويڇا وجھي! مسٽر ڏونگھي کي سوشل ميڊيا تي به ڏاڍي ڪاوڙ آهي.چوي ٿو ته سوشل ميڊيا ته هيڪاري سودو سستو ڪري ڇڏيو آهي.صرف هڪڙي سيلفيء جو سوال آهي.ڪٿي ويٺي ته ڪٿي بيٺي،ابتي سبتي،سڌي، ڦڏي،پاسيري پر صرف هڪ سيلفي.ڪٿي ٽوپي ڏنگ تي، ته ڪٿي چشمو نڪ تي. ڪٿي واڇون ٽڙيل ته ڪٿي اکيون ڦريل.ڪٿي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ته ڪٿي ڀاڪر پائيندي ته ڪٿ اجرڪ يا ٽوپي پارائيندي،ڪڏهن هڪڙي سياسي گروپ يا پارٽيء مان ٻي پارٽيء ۾ ٽپو ڏيندي،ڪڏهن ڪنهن دعوت ۾ استقبال ڪندي ۽ هٿ ملائيندي ته ڪڏهن ڪنهن کي الوداع ڪرڻ مهل هٿ لوڏيندي،مطلب ته سراسر سيلفين جي سونهن ئي سونهن ۽ سرهاڻ آهي. مسٽر ڏونگھي جي چوڻ موجب سوشل ميڊيا ڌوڙ سماجي سجاڳي آندي آهي! ان ته سڄي سماج کي ئي سيلفي زده بڻائي ڇڏيو آهي. توڙي جو آئون ذاتي طور تي مسٽر ڏونگھي جي سماجي ميڊيا جي شان ۾ ڪيل ان عظيم گستاخيء واري خيال سان سهمت نه آهيان پر جيڪر اوهان سندس ان سوچ جو ساٿ ڏيڻ چاهيو ته اسان کي ڪهڙو اعتراض! هو چوي ٿو ته ووٽ وري به انهن کي ملندا جن وٽ ڏنڊ ۽ ڏنڊي ٻنهي جي طاقت آهي. جن وٽ پوليس ۽ پئسو ٻئي آهن. جن وٽ پيري،مريدي،درگاهون،گاديون،سرداريون،مردا،قربانين جون ڪهاڻيون،الف ليلا جون آکاڻيون ۽ ٻيوبه ان قسم جو گھڻو ئي سامان آهي.اسين ته قرب وارا ماڻهو آهيون ڪو ڪهي آيو ته ان کي طعنو مهڻو نه ڏبو.ڪنهن تڏي تي پير پاتو ته ست خون به معاف!ڪو ڀاڪر پائي مليو ته هانء ئي ٺريو پوي.نس نس ۾ نينهن وسيو وڃي.من محبتن سان ڀرجيو وڃي.ساراهن سان ئي ساهه نڪريو وڃي.سو سياست جي ڪري صدين جا لڳل ٽوپا ڪونه ٽوڙبا.ووٽ گهرڻ مهل ڪنهن کي پنهنجن ڏکن ڏولائن جا ڏوراپا ڏيئي خلق نه کلائبي.ووٽ ڪالهه به انهن جو هو ۽ اڄ به انهن جو آهي جو هوش اسان کي نه اڳ هو نه هاڻي آهي. اچو ته کلون،نچون،ٽپون،ڌمال وجھون،هنبوڇيون هڻون،راڳ ۽ سهرا ڳايون،اچو ته تاڙيون وڄايون،جھمريون پايون،نعرا لڳايون،بينر سجايون،اچو ته اسان به هڪ سيلفي ڪڍايون.سيلفي جيڪا آزاِديء جو گيت به آهي ۽ تبديليء جو اهڃاڻ به.سيلفي جنهن سان اسان ترقيء جون سڀ منزلون طيء ڪري سگھون ٿا.سيلفي جنهن سان سنسار مان سڀ سور ختم ٿيندا ۽ سکن جو سج اڀرندو.جيڪو سيلفيء کان محروم آهي اهو دنيا جي هر نعمت کان محروم آهي.هاء سيلفي،واه سيلفي! هاء سيلفي،واه سيلفي!!!