سنڌ جو سريلو راڳي اسلم تنيو: جنهن جا گيت ڌرتي سان پيار ڪرڻ سيکارن ٿا آصف رضا موريو اسلم تنيو موسيقي جي حوالي سان نه رڳو ٻڌندڙن جي سريلي حلقي جو هيرو رهيو آهي پر هو موسيقي جي آسمان تي چمڪندڙ بيشمار ستارن جو گاڊ فادر پڻ رهيو آهي جيڪو ڪيترا ئي سالن پنهنجي آواز جي جادو سان سنڌي قوم جي مردي دلين ۾ڌرتي ۽ انسانن سان محبت جو ثور ڦوڪيندو رهيو. اڄ سنڌي موسيقي جي زواليت جو دور آهي اهي شاعر ته آهن پر اهي موسيقار، گلوڪار ۽ ٻڌندڙ ڪونه رهيا آهن ۽ انهن جي آکيرن تي چٻ چڙهي آيا آهن. ڪو دور هوندو هيو جو اسلم جا ڳايل خوبصورت قومي، سماجي ۽ اتساهي گيت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل ڳوٺن وسندين، جنگلن ۽ زمينن ۾ گونجندا رهندا ها. ڪنڊين سڱري ٻٻر نه پلڙو سائو نه سلڙو........ اڙي چنڊ اڙي چنڊ پري توته ڏٺو ڻاهي.................................. هي ٽرڙو پٽ وڏيري جو، وسڪار ڪري ٿو گارين جا، ٿو ٻار هيسائي هارين جا....... اسلم تنيو جي پيدائش قمبر ضلع جي تعلقي وارهه جي ننڍري ڳوٺ علي اصحابو ۾............................................................... ٿي. سندس والد رئيس شاهمراد تنيو پنهنجي علائقي جو ننڍڙو زميندار هوندو هيو. اسلم شروعاتي چار جماعتون ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پاس ڪري پنجين جماعت نصيرآباد جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪئي. اهڙي ريت ڏهين جماعت گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان ۽ انٽر، بي اي گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ اقتصاديات ۾ ايم اي سچل ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. سماجي طور تي ڏٺو وڃي ته سندن گهر ۾ هن جو وڏو ڀاءُ خير محمد ئي پڙهيل لکيل هيو جڏهن ته ٻيا ڀائر نه رڳو پاڻ پر سندن اولاد کي به تعليم جي زيور سان صحيح طريقي سان آراسته ڪري ڪونه سگهيا. اسلم تنيو جيئن ئي ڏهين جماعت پاس ڪئي ته سندس وڏي ڀاءُ کيس واپڊا ۾ هيلپر ڀرتي ڪرايو پر هڪ سال کان پوءِ ئي دل برداشتو ٿي اسلم اها نوڪري ڇڏي ڏني جنهن جو سبب شايد اهو به هيو ته نوڪري يا غلامي سندس مزاج ۾ڪونه هئي. طبيعت جي انهيءَ مزاج اڄ تائين اسلم جو ساٿ ڪونه ڇڏيو آهي اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي زندگي ۾ هن هزارين ڪم ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏهن به ٽڪي ڪم ڪونه ڪيو آهي. مگر اها ڳالهه به مڃڻ واري آهي ته اسلم ڏسڻ وارن کي هر دور ۾ هرقسم جي حالات ۽ صورتِ حالات ۾ نه صرف پاڻ ڪم ڪندي نظر ايندو آهي پر پنهنجي مثبت نظرين، تبليغن ۽ وقتي باعمل ارادن سان بيشمار ڪريل ۽ ڪرندڙ نامرادن کي سنڀاليندي انهن لاءِ روشني جي مينار جو ڪم سرانجام ڏيندو رهي ٿو. اسلم تنيو زندگي جو ڪاروهنوار بهتري طريقي سان هلائڻ لاءِ مختلف دورن ۾ بي شمار ڪم ڌنڌا ڪندو رهيو آهي. ڪنهن بهب هڪ ڪم يا ڪرت ۾ ٽڪي نه رهڻ جو سبب سندس جلدبازي هئي، بيوقوفي هئي،، دوستن جي دغابازي يا وري سندس اڃان ڪجهه بهتر ڪري ڏيکارڻ جي سوچ پر اهو پڻ سچ آهي ته اسلم جي بين الاقوامي شهرت ۽ پارس ذهني سان بيشمار پنهنجن پراون لاڀ پراييو ۽ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته غلط ڪونه ٿيندو ته اسلم کي سڀني پنهنجي پنهنجي مقصدن جي حاصلات لاءِ ڀرپور استعمال ڪيو. ڪنهن دور ۾ جڏهن نه رڳو سنڌ ۽ پاڪستان پر ملڪ کان ٻاهر بيشمار فورمن ۾ اسلم تنيو جو نالومعتبر ڀانئيو ويندو هيو تڏهن ڪنهن به ڪم لاءِ سندس نالو سفارش جي حيثيت رکندو هيو. نه کيس شهرت جي ڪمي رهي نه روپئي پيسي جي ان لاءِ هن بي غرضي سان بيشمار دوستن احبابن کي فرش تان کڻي عرش تائين پهچائي ڇڏيو، ڪيترن تي هن پنهنجي سرمايو لڳائي ڪامياب انسان بڻايو پر انهن مان اڪثر يت اوج تي پهچڻ کان پوءِ پهريون اسلم جو ئي بلو ڪيو. اسلم تنيو پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي ريشم گلي لاڙڪاڻو ۾ دي لڪ فيشن جي نالي سان گارمينٽس جي دوڪان کولي جيڪا اڄ به شهر جي بهترين دوڪان مڃي وڃي ٿي پر اڄ صرف اسلم ان دوڪان جي مالڪن ۾ شامل ڪونه آهي. اسلم فرنيچر جو ڪاروبار ڪيو، بيشمار شين جي مارڪيٽنگ ڪئي، دوڪانون هلايون، ميوزڪ ڪمپني کولي، ڪجهه سنڌي چينل کولڻ ۽ کولرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. لاڙڪاڻو حيدرآباد ۽ سکر وغيره ۾ ڪتابن جا ميلا منعقد ڪرائيندو رهيو وغيره وغيره.کيس اها پرواهه ڪونه هوندي هئي ته ڪوسندس ساٿ ڏئي ٿو يا ساٿ ڇڏي ٿو. هو پنهنجي سموري زندگي اهڙو پارس پٿر رهيو جيڪو لوهه جهڙي سرد انسانن کي به آڱر لڳائي سونهري بڻائي ڇڏيندو هيو ۽ پنهنجي محنت جو صلو نه ملڻ تي وري ڪنهن ٻئي آسمان جي وسعتن کي پرکڻ لاءِ نڪري پوندو هيو. اسلم تنيو موسيقي جي دنيا ۾ اچڻ بابت ٻڌايو ته “هرماڻهوءَ وانگر مون کي به جهونگاررڻ جو ننڍي هوندي کان ئي شوق هوندو هيو پر ڪڏهن ڪٿي ڳائڻ جو نه موقعو مليو توڙي جو دوست ۽ گهر وارا منهنجي آواز جا مداح هوندا هيا. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ پڙهائي دوران هڪ آرڪيسٽرا گروپ جڏحن لاڙڪاڻو آيو ته ان کي پرفارم ڪندي ڏسي منهنجي دل ۾ به خواهش جاڳي ته “جيڪر مان به انهن جيان اسٽيج تي ڳايان”. اهو سوچي مان به انتظاميه وارن کي عرض رکيو جنهن جي اجازت به ملي. جڏهن مون اسٽيج تي ڳايو ته ٻڌندڙن پاران تمام گهڻيون تاڙيون وڄائي داد ڏنو. ان وقت جي ڊي سي شفيق الرحمان پراچا مون کي هڪ سو روپيو انعام پڻ ڏنو. ان ڏينهن منهنجو حوصلو وڌيو ته ڪڏهن ڪڏهن موقعو ملڻ ڳائن جو شوق جااري رکندو رهيم. دوستن ۽ عام ماڻهن جي حوصلي افزائي سان اندر جو فنڪار مون کي هن فيلڊ ۾ پر پکيڙڻ لاءِ سدائين ڀڙڪائيندو رهندو هيو.” جيڪڏهن چيو وڃي ته موسيقي اسلم جي رت ست ۾ شامل هئي ته غلط ڪونه ٿيندو. کيس پنجن سالن جي عمر کان ئي راڳن ٻڌڻ جو شوق هوندو هيو. ان دور ۾ جڏهن سندس ڳوٺ کان پندرهن ويهه ڪلوميٽر اوري پري ڪٿي به موسيقي جي محفل ڪانڊبي هئي ته هو پنهنجي والد، چاچي يا مامي سان گڏجي اتان پرائڻ ويندو هيو. ننڍي هوندي کان ئي استاد گلزار علي خان، رسول بخش بٽ (برڪت علي جو والد)، استاد منظور علي خان سندس پسنديده فنڪارن ۾ شامل هوندا هيا. انٽر ۾ پڙهائي دوران اسلم هڪ قومي نوعيت جي فنڪشن ۾ ڳائيندي ڏسي هڪ لوڪ ميوزڪ ڪمپني جي مالڪ پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ اسلم کي ٻئي ڏينهن سندس اسٽوڊيو اچي ملڻ لاءِ چيو. اهڙي ريت ٻئي ڏينهن هن همراهه اسلم جي هٿ ۾ هڪ ڪيسٽ جو شيڊيول ۽ ڪجهه روپيه هٿ تي رکيا ته بي روزگار جي مارئي اسلم به انڪار ڪرڻ جي همت ڪونه ڪئي. ان ڪيسٽ جي عوامي مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ٿي جنهن ۾ سندس دوستن مختيار سمون، گداحسين لغاري، فيض چنو ۽ شمس سومرو گهڻي حوصلي افزائي ڪئي. اسلم جي پهرئين ڪيسٽ ڪا خاص تحقيقي چيز ڪونه هئي جو ان دور ۾ سنڌي موسيقي جو اصل تشخص منافي خور ڪمپني مالڪن، چور قسم جي ڪاپي خور گلوڪارن ۽ جڙتو شاعرن ملي ڪري بگاڙڻ شروع ڪيو هيو. ڪيسٽ ڪمپنين جا مالڪ پيسا ٺاهڻ جي چڪر ۾ انڊيا جي گانن جي طرز تي شاعرن کان گانا تيار ڪرائي گلوڪارن کان ڳائرائي سندن غربت جو ڀرپور فائدو وٺي سلجهيل سنڌي موسيقي ٻڌندڙن جو ذوق ۽ شوق بگاڙڻ جي شروعات ڪري رهيا هيا. جنهن سان سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ نه رڳو تخليق ڪاري کي ان دور ۾ ڪاپاري ڌڪ رسيو پر سنڌي موسيقي ٻڌندڙ جو ذائقو پڻ خراب کان خراب تر ٿيندو ويو جيڪو اڃان تائين واپس ڪونه آيو آهي. هاڻي ته انهن ڪاپي ڪلچر جي ڌڻي مالڪن پيسا ڪمائي پنهنجي سنگت سان چينل به کولي ڇڏيا آهن جن تي اهڙي مارڪيٽنگ واري موسيقي جوڙي رهيا آهن جيڪا خالص موسيقي سان پيار رکڻ وارن لاءِ انتهائي بدبودار ۽ ناقابلِ برداشت آهي. اسلم تنيو پڻ شروع شروع ۾ تخليق جي نالي تي تذليل پکيڙڻ وارن جي فريب ۾ اڄي هوبه شهرت ۽ پيسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ طرزيه گانا ڳايا پر جلدئي کيس اندر جي نج موسيقار ۽ ڳائڻي کيس ملامت ڪري ان گندگي جي دنيا مان جان آجي ڪرائي. سندس ماضي ۾ ڪيل انهن غلطين تي اسلم اڄ به دوستن جي محفلن ۾ شرمندو ٿيندي اعتراف ڪندو آهي ته “ منهنجي پهرئي ڪيسٽ جا بيشتر گانا ڪمپني مالڪن جي مزاج مطابق هيا جيڪي ياد ڪندي اڄ به ملامت ٿيندي آهي ته ڪاش اهي گانا مان نه ڳايان ها. اهو وقت جو تقاضا هيو، ناداني هئي، مجبوري، پيسن ڪمائڻ جي لالچ يا پنهنجي اصليت کان لاعلمي پر افسوس آهي جو اها گندگي جيڪا اڄوڪي نسل جا سمورا گلوڪار فخر سان پکيڙي رهيا آهن ڪنهن دور ۾ مون کان به سرزد ٿي هئي”. پنهنجي غلطي جو احساس ٿيڻ کان پوءِ اسلم تنيو پنهنجي ڳائڻ لاءِ شاعري جو چونڊ جو اختيار ڪمپني مالڪن کي ڏيڻ بجاءِ پنهنجي ضمي ڪري هڪ نئين حوصلي سان هن چور بازار ي مان تخليق جي دنيا ۾ قدم رکڻ جو سانباهو ڪيو. خوبصورت شاعري، تخليقي ذهن ۽ آواز جي فطري لوچ سبب اسلم تنيو جلد ئي نئين نسل جو نمائندو گلوڪار بڻجي ويو. هي اهودور هيو جڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪن جو دور دورو هيو ان لاءِ فطري طور تي پنهنجي قوم سان بي انتها پيار ڪرڻ واري اسلم قومي گيتن تي طبع آزمائي ڪرڻ کي سدائين ترجيح ڏيندو هيو. اسلم تنيو سدائين سنڌ جي مٽي، پاڻي، جنگل، ڪينجهر، ڪارونجهر، جهوپڙين، ڌڻن، ڌنارن، مالوندن، ميربحرن، مزدورن، هارين، ٿر، ڪاڇي وغيره جهڙن ڪردارن تي قلم کڻڻدڙ شاعرن جي چونڊ ڪندو رهيو. اسلم پنهنجي ڳائڻ لاءِ سدائين ان سوچ جو انتخاب ڪيو جيڪو سماج جي گندي ڪردارن، بدبودار روين ۽ غليظ ارادن کي بي نقاب ڪندي هئي. جڏهن انسان جي دل ۾ پنهنجي ڪم سان سچائي ۽ ڪردار جي پختگي جنم وٺندي آهي ته هو ڪنهن به جابر، ظالم يا ڪروڌي کان ڪبندو ڪونه آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلم جنرل ضيا جي ڪاري دور ۾ جڏهن سنڌ ۾ رياستي فوج پنهنجي تاريخ جو مڪروهه ترين ڪردار ادا ڪري رهي هئي ۽ سندن ڪڌن ڪرتوتن تي آڱر کڻڻ به جرم سمجهيو ويندو هيو پر اسلم انهن جي ظلمن خلام پنهنجي مظلوم ماڻهن لاءِ هر محاذ تي آواز اٿاري. اسلم تنيو سنڌ جي ظالم وڏيرن جي آزارن، خارجي گهس پيٽين، استحصالي قوتن ۽ ديس دروهين جي غليظ ارادن کي پنهنجي گيتن ۾ سرِعام اگهاڙو ڪندي پنهنجي مٽي جو قرض ادا ڪندو رهيو. اسلم تنيو جي خيال ۾ استاد بخاري جي شاعري عوامي مزاج رکندي عام ماڻهن لاءِ سولائي سان سمجهڻ جوڳي آهي نه ته شيخ اياز جي شاعري ۾ گهڻي پختگي آهي. اسلم تنيو جون قريبن 30 جي ويجهو ڪيسٽيو منظرِ عام تي آيو جن ۾ سندس ڳايل شيخ اياز، ابراهيم منشي، زاهد شيخ، عبدالغفار تبسم، منظور سولنگي وغيره جا قومي گيت اڄ به مرده دلين تي ڄميل بي حسي جي برف پگهيرڻ جي طاقت رکن ٿا. اسلم تنيو جو خيال آهي ته “ مان، سرمد سنڌي ۽ سڄڻ سنڌي صرف آواز سبب اڳتي نڪري آياسين نه ته ان دور ۾ اسان ٽنهي کي موسيقي جو ڪجهه به ادراڪ ڪونه هوندو هيو. ان کان علاوه جيئن ته جنرل ضيا جو دور هيو جنهن ۾ قوم ۽ ڌرتي جي ڳالهه ڪرڻ تي به تعزيرون ڏنيون وينديون هيون پر جڏهن اسان بي ڊپا ٿي قومي گيت الاپيا ته عوام پڻ اسان جي تمام گهڻي حوصلا افزا.ي ڪئي.” اسلم وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته “مان ۽ منهنجا ڪيترائي دوست ٿيندي ٿيندي فنڪار ٿيا ڇوته آواز ته اسان وٽ هئي پر نه رڳو تربيت جي گهٽتائي هئي پر راڳ ۽ موسيقي جي علم جي به ڪا خاص ڄاڻ ڪونه هئي”. سندس خيال آهي ته “سنڌي موسيقي جي دنيا ۾ اڄ به ڪنهن کي مڪمل فنڪار ڪونه ٿو چئي سگهجي. ڪٿي ڪٿي فوڪ رنگ وانگر ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل ۾ ٻه چار نالا وٺي سگهجن ٿا جيڪي پنهنجي پنهنجي ڪم جي لڄ رکندي نظر اچن ٿا”. اسلم پنهنجي وقت ۾ ملڪ اندر توڙي ٻاهر ايتري قدرر مقبول هوندو هيو جو ورلڊ سنڌي ڪانگريس وارن کيس دعت ڏئي لنڊن به گهرايو هيو جتي رهائش پذير سنڌي ۽ هندو تنظيمن سندس مان ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايا. ان کان علاوه برمنگهم ۽ مانچيسٽر ۾ به سنڌي ڪميونٽين اسلم لاءِ فنڪشن منعقد ڪرايا. اسلم تنيو دوبئي، شارجه، سعودي عرب ۽ بينڪاڪ به پروگرام ڪري آيو آهي. شروعاتي ڏينهن ۾ اسلم پڻ ٻين ڪيترن فنڪارن جيان قومي تحريڪ جو بي لوث ڪارڪن هوندو هيو. ان دور ۾ سياسي يا قومي تحريڪن لاءِ ضروري هوندو هيو ته ماڻهن کي جمع ڪرڻ لاءِ سريلي گلوڪارن کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل رکن اهڙي ريت قومي تحريڪ جي بينرن تي پهريون گلوڪارن جا نالا لکيا ويندا هيا بعد ۾ سياستدانن جا. گلوڪارن کي ٻڌڻ جي شوق ۾ ماڻهو ڪٺا ٿيندا هيا سندن گيت هجوم جي دلين کي قومي گيتن سان موهي ميڻ ڪندا هيا ته آخر ۾ سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ انهن تائين پنهنجو پروگرام پهچائيندا هيا. قومي تحريڪ جي موجوده صورتحال اسلم جهڙن بي لوث ڪارڪنن جي قربانين تي ماتم ڪندي نظر اچن ٿيون پر اسلم انهن حالتن مان مايوس ناهي سندس چوڻ آهي ته “اسان ان دور ۾ هر ان ماڻهو کان مٿاثر ٿي ويندا هياسين جيڪو سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هيو ۽ جنهن ۾ اسان کي قومي جذبو نظر ايندو هيو ان لاءِ اسان انهن ماڻهن جو ساٿ ڏنو. اسان پنهنجو فرض نڀايو تنهن کان بعد جو ڪم اسان جي اڳواڻن جوهيو جيڪو مان سمجهان ٿوپنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿو”. سنڌ جي قومي اڳواڻن جي ناڪامي جو سبب اسلم تنيو ٻڌائي ٿو ته “انهن سان وڏو الميو آهو آهي ته انهن ۾ تعليم، ڌرتي سان سچائي ۽ عوام سان ايمانداري جي کوٽ هئي ان لاڱءِ ئي اهي اڳواڻ جن کي شروع ۾ پنهنجي گهٽ عقلي سبب مان مهان تصور ڪندو هيم هاڻي اهي انتهائي بندرا لڳندا آهن. ۽ پوءِ اهو پڻ سچ آهي ته هي سفر به ڊگهو آهي ماڻهو تڪجي به پون ٿا، ماڻهو وڪجي به وڃن ٿا، لالچ جي ور به چڙهين وڃن ٿا، ڪجهه رستو ۽ آدرش به بدلائي ويهن ٿا۽ ماڻهو مري به وڃن ٿا”. اسلم تنيو گزريل ويهن سالن جي موسيقي ۽ موجوده نئين موسيقي جي باري ۾ راءِ ڏيندي چوي ٿو ته “موسيقي ۾ زندگي جي ٻين شعبن وانگي فرق اچڻ ناگزير آهي پر بنيادي اصول ساڳا رهندا آهن جهڙي ريت ستن سرن کي سرگم کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. پر ها وقت سان گڏ انداز بدلجي ويندا آهن. ويهه سال پراڻي موسيقي ۾ سادگي ۽ اصليت هئي. جيڪڏهن ان ۾ ڪا ڪلاسيقيت به هئي ته اصولن کان هٽيل ڪونه هئي. تهذيب، ڌرتي ۽ عام ماڻهن جي پيداوار فوڪ موسيقي جو پنهنجو هڪ رنگ هوندو هيو مگر موسيقي جي موجوده ڪنهن به رنگ ڍنگ ۾ ڪا اصليت نظر ڪونه ٿي اچي. اڄڪلهه ته اسان جا گلوڪار دوست موسيقيي جي رنگن کي عجيب و غريب طريقن سان ملائي آمليٽ ٺاهيندا رهن ٿا ۽ پڏائيندي ٻڌائڻ ٿا ته اهو گلوبل وليج جي موسيقي جا اثرات آهن انهن کي هينئين سان هنڊايو نه ته سنڌي موسيقي تباهه ٿي ويندي.” اڄ ڪلهه اسلم تنيو موسيقي جي دنيا کان الڳ ٿلڳ نظر ايندا آهي جنهن متعلق سندس چوڻ آهي ته “مان پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي سمجهي نه ٿو سگهان ۽ جيسيتائين پاڻ کي سمجهيو آهيان ته فنڪار منهنجي اندر جو “ميجر ٿاٽ” ڪونه هيو. اهو حادٿاتي يا قومي تحريڪ سان متاثر هڪ واقعو هيو جنهن ي ڪجهه ماڻهن جي پذيرائي ڪجهه پيسن جي لالچ وڌايو ويجهايو. ان خيال تي هاڻي منهنجون سماجي سوچون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان موقعو ملڻ تي اثر انداز ٿينديون رهنديون آهن. ميڊيا سان دوري جو سبب اسلم تنيو ٻڌائي ٿو ته “پهريون قوت برداشت گهٽ هئي طبيعت ۾ به لچڪ ٺڦ ڪونه هوندي هئي اها انا پڻ رهندي رهي ته جيڪڏهن ڪنهن اداري ۾ بهتري جي گنجائش آهي ته ان ۾ بهتري ڪئي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اداري جا مالڪ منهنجي جائز راءِ کي اهميت نه ٿا ڏين ته اتان ڀڄڻ ۾ ئي ڀلائي سمجهندو آهيان. توهان چئي سگهو ٿا ته پروفيشنل زندگي ۾ منهنجو رويو مصلحت پسند ڪونه رهيو آهي پر هاڻي ائين ڪونه آهي جو هاڻي مان ڪافي حد تائين پنهنجي طبيعت ۾ لچڪ آڻي مصلحت پسند ٿي چڪوآهيان”. ان تبديلي جو سبب اسلم ٻڌائي ٿو ته “ڪجهه مصلحتن سبب مون پنهنجو پاڻ کي نرم رکيو جو مون محسوس ڪيو ته ميڊيا مان ٻاهر رهي ڪري مان اهو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان جيڪو مان ڪرڻ چاهيان ٿو”. ان لاءِ اسلم موسيقي جي دنيا ۾ واپسي جو ارادو هن شرط تي رکي ٿو ته “جيڪڏهن آيم ته شاعري جو چونڊ اهڙي ڪندم جنهن ۾ انساني فلاح، بهبود ۽ سماجي رواداري و برابري جو پيغام کڻي ايندم. اهو ان ڪري جو اسان وٽ سماجي، معاشي ۽ اخلاقي قدرون هڏڪيون ڏيندي نظر اچن ٿيون. مان چاهيان ٿو ته جيڪي ماڻهو انهن کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ آهن منهنجو شمار به ڪڏهن نه ڪڏهن انهن ۾ ڪيو وڃي”. اسلم تنيو جي موسيقي ۽ ميڊيا سان دوري جا ٻيا سبب پنهنجي جاءِ تي پر سندس سان هڪ اهڙي هنياءُ ڏار واقعو اهڙو به سرزد ٿيو جنهن سندس کلندي کيڏندي دنيا کي جهنم بڻائي ڇڏيو ۽ اهو هيو سندس معصوم گهرواري جو بهيماڻو قتل جنهن ڪيترن ئي سالن تائين سندس تمام تخليقي ۽ ذهني وسعتن کي ڳهي ويو. اسلم تنيو 1991ع ۾ ساجده اسلم سان وهانءُ رچايو جيڪا انتهائي سلجهيل، پڙهيل ڳڙهيل ۽ وفادار عورت هئي. کين ٽي بچڙاٿيا برکا، روما ۽ فراز. اسلم جو سماجي ڪردار شروع کان محنت ڪش رهيو آهي جنهن جو حاصلِ محنت کيس ايترو ملي ويندو هيو جو پنهنجي محدود فيملي سان انتهائي خوش و خرم زندگي گذارڻ لاءِ ڪافي هوندو هيو. ان کان علاوه اسلم پنهنجي گهر ۾ روشن خيالي، انساني برابري ۽ شخصي آزادي جي فضا قائم ڪئي هئي جتي زال، مڙس، اولاد ۽ والدين وچ ۾ محبت، دوستي ۽ ادب سان گڏ دوستي جو رشتو پڻ استوار هوندو هيو. اسلم جي اها روشن خيالي ۽ گهر ۾ موجود اعتماد و آزاد سماجي فضا سندس گهٽ پڙهيل رشتيدارن کي اکين ڪونه ڀانئبي هئي جنهن ڪري آئي ڏينهن خانداني مسئلا ڪر کڻندا رهندا هيا ته سماجي مشڪلاتون، اڻ بڻتون يا تڪليفون پڻ ڪر کڻنديون رهنديون هيو جن مان اسلم جهڙو نفيس، اهنسا وادي شخص بيزار رهندو هيو. هو پنهنجي جنت مثل گهر مٿان ڪنهن شيطاني ڪروڌ جو پاڇو پوڻ جي خلاف هيو. اسلم پنهنجي گهر وارن جي گهڻي تڻي سڌر جي ڪوشش ڪئي پر ڪا ستي دوا ڪار گر ڪونه ثابت ٿي. جڏهن مايوسي انتها تي پڳي ته هي همراهه گهر جي رجعت پسند ماحول کان لنوائي ڪراچي ڀڄي ويو. لاڙڪاڻو مان هن پنهنجا معاشي معاملا ميڙي سيڙي کيس جيڪي اٺ ڏهه لک روپيا جڙيا سي هن عارف پرائيڊ جي هڪ پروجيڪٽ ۾ اڌ قيمت ادا ڪري گهر خريد ڪيو ۽ ٻارڙن کي سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جڏهن ته گهر جي اڌ رقم ڪجهه عرصي بعد چڪائي هئي. هن ان چار پنج بچيل رقم مان ڪجهه دوستن کي ڪاروبار ۾ لڳائڻ لاءَ ڏني جن ڪراچي ۾ عسڪري پيٽرول پمپ جي سامهون دبئي شوروم جي نالي سان شوروم کوليو جيڪو اڄ به هلندڙ آهي. اهي دوست انهن پيسن جي انويسٽمنٽ عيوض کيس هر مهيني ويهه پنجويهه هزار روپيا هر مهيني منافعو ڏيندا هيا. ان دوران اسلم تنيو پاڻ به هڪ سنڌي چينل تي آڊيو وڊيو ميوزڪ انچارج بڻجي چڪو هيو جتان کيس پندرهن ويهه هزار روپيا ٻيا به ملي ويندا هيا ۽ ايتري ڪمائي ۾ هڪ پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ سندس لاءِ ڪافي هيا. هاڻي هو پنهنجي ئي گهر جي سازشي ۽ قدامت پرست ماڻهن کان پري ڪراچي جي وشال سيني ۾ پنهنجي گهر ڀااتين سان پنهنجي مرضي جي زندگي گذري رهيو هيو ان لاءِ اسلم جي زندگي خوبصورتين ۽ خوشگواريت جي سمورا سندر معاملا اوڙهي جيئي پيو جتي سندس زال، ٻار هيا، پيار، محبت، دوستي ۽ سڪون هيو. تاريخ گواهه آهي ته انسان جو سڀ کان وڏو دشمن خود انسان ئي رهيو آهي جيڪو پنهنجي تخريبي روين سان پنهنجي هم جنسن جي خوشين جي رستي ۾ سدائين ڪنڊاپوکيندو رهيو آهي. اسلم جن دوستن کي شوروم ۾ انويسٽ ڪرڻ لاءِ پيسا ڏنا هيا انهن ڪجهه عرصو ته باقاعدگي سان نباهه ڪيو پر پوءِ آهستي آهستي انهن به بي ايماني ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي حرڪتن دوستن وچ ۾ نااتفاقين کي جنم ڏنو جيڪو وڌندي وڌندي ايتري تائين وڌي ويون جو انهن ڪاروبار ۾ نقصان ٻڌائي اسلم جي کاتي ۾ ٻه سيڪنڊ هينڊ گاڏين جي بچت ٻڌائي جن مان هڪ جي چاٻي سندس هٿ ۾ ڏيندي ٻي گاڏي جي باري ۾ ٻڌايو ته اها هڪ پارٽنر سکر کپا.ڻ ويو آهي جنهن هو پيسا پاڻ وٺي. 21 جنوري 2005ع تي اسلم عيد نماز پڙهي ان ماڻهو کان پيسا وٺڻ لاءِ 3 وڳي جو ڪراچي کان سکر روانو ٿيو جتي هن همراهه کي ڳولڻ ۾ کيس ٽي ڏينهن لڳي ويا. اهو سنگتي اسلم کي ڪڏهن شڪارپور، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن سکر ته ڪڏهن لکي غلام شاهه جي رستن تي ڀٽڪائيندو رهيو. سندس ان ناروا سلوڪ خلاف اسلم ان وقت جي ڊي آئي جي سکر رمضان چني وٽ شڪايت پڻ درج ڪرائي پر ڏينهن تي ڏينهن پوندا ويا پر حاصل ڪجهه ڪونه ٿيو. 27 جنوري تي اسلم سکر مان ئي پنهنجي هڪ دوست لياقت لاشاري کي فون ڪئي جنهن ٻڌايس ته “ٽي وي تي خبر هلي آهي ته ڪرائي ۾ تنهنجي گهرواري کي قتل ڪري گهر کي باهه ڏني وئي آهي”. اها خبر اسلم لاءِ قيامت خيز هئي جنهن کيس نيم چريو ڪري وڌو پر همت ڪندي سکر ايئرپورٽ پڳو جتان ستين وڳي ڪراچي وڃڻ وارو جهاز اسان جي قومي ۽ روايتي دير سبب ڏهين وڳي مس اڏاميو. ايئرپورٽ جي انتظارگاهه ۾ ويٺي ويٺي پريشاني ۽ لاچاري سبب اسلم کي دل جو هلڪو دورو پيو جنهن کي پي آئي اي انتظاميه وارن سکر سول اسپتال کڻائي ويا جتي ابتدائي طبي امداد سبب سندس طبيعت سنڀلجي وئي ۽ هو سفر جي قابل ٿيو. 11 وڳي اسلم ڪراچي ايئرپورٽ پهتو جتي سندس دوست کيس گهر کڻي ويا جتي قيامت صغرا متل هئي. اتي ئي کيس ٻڌايو ويو ته “تنهنجي ڀاءُ مختيار جي ٻئي پٽ شفيق عرف گڊو تنهنجي گهرواري جو قتل ڪيو آهي”. ان قتل کي واردات جو رنگ ڏيڻ لاءِ قاتل مقتولا جي لاش کي ڪمبل ۽ پردن وغيره جي وچ ۾ رکي بيدردي سان باهه ڏئي ڇڏي هئي ۽ گهر جا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان به ساڻ کڻي ويو هيو. هي واردات راز بڻيل رهي ها جيڪڏهن اسلم جي هڪ دوست آصف قاتل کي واردات کان هڪ ڪلاڪ پهريون اسلم جي گهران مشڪوڪ حالت ۾ نڪرندي نه ڏٺو هجي ها. اهڙي ريت نشاندهي ٿيڻ تي پوليس ڪاروائي ڪئي ۽ شاهراه فيصل پوليس اسٽيشن جي عملي ان رات ئي 9 وڳي ڌاري مجرم کي گرفتار ڪري ورتو. واضع رهي تته مقتولا جو قتل صبح ساڍي ڏهين وڳي ڪيو ويو هيو. ساجده اسلم جي زال ئي نه پر هڪ دوست، همراز، ساٿي ۽ رهنما پڻ هوندي هئي سندس اچانڪ ۽ اهڙي جدائي اسلم جي وجود کي جهنجهوڙي وڌو هيو جنهن جي ڪري هو ذهني طور تي ڪيترائيمهينا نفسياتي طور تي اپاهج هوندي به اهڙن حالتن جو مقابلو ڪندو رهيو جن جو هن جهڙي نفيس ماڻهو ڪڏهن سوڇيو به ڪونه هيو. ان دوران رياستي ادارن الڳ کيس پريشان ڪندي ڪکين تي کڻي ڏنو هيو ۽ کيس ذهني تشدد جو شڪار بڻائيندا رهيا ايتري تائين جوقاتل جي وارثن جي اشاررن تي کيس ئي سندس گهر واري جي قتل جي الزام ۾ گرفتار پڻ ڪيو ويو. سندس دوستن احبابن ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ اها آواز جي دنيا، اها ميڊيا جي رنگا رنگ روشني ۽ اهو عوام جنهن لاءِ سموري ڄمار اسلم تنيو اونچا اونچا سر الاپيندو رهيو انهن سڀني اسلم سان سوٽيلن جهڙو سلوڪ ڪيو ته سندس دل ٽٽي پيو. آگهي جو عذاب به شديد هوندو آهي جنهن سان صبح شام اسلم جو اندر پڻ وڍبو رهندو هيو جنهن جي تڪليف کيس ڪنهن پاسي سڪون سان جيئڻ ، ويهڻ ، ڪرڻ ڪرتڻ ڪونه ڏيندي هئي. انهن تمام ذهني اذيتن کان هارائي هن ڪيترا ڀيرا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر هر دفعي زندگي سندس ڪنهن نه ڪنهن طرح زندگي ساڻس دامنگير ٿي پوندي هئي. اسان جي ادارن جهڙوڪ پوليس، ڪورٽ، ميڊيا ۽ دوستن احبابن پنهنجي پنهنجي حصي جون تذليلون ڪري ڪري هن قومي هيرو کي هڪ بيڪار ۽ مفلوج ۽ مفلوڪ الحال ماڻهو بڻائي ڇڏيو جيڪو نه ڪو ڪم ڪار ڪرڻ جي لائق رهيو نه ٻار بچا سنڀالڻ جي نه ئي پنهنجي بي گناهه زال لاءِ انصاف اڪارڻ جهڙو ئي بچيو هيو. ان دوران اسلم کي جيل مان به قاتلن جو ڌمڪيون ملنديون رهيون ته “ڪيس مان هٿ کڻ نه ته تنهنجي اولاد کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويندو”. پر هن همراهه ڪيس تان هٿ ڪونه کنيو جو هن قاتل کي سندس انجام تائين پهچائڻ جو عزم ڪري چڪو هيو. کان دوران اسلم تنيو رياستي ادارن جي نفسيات سان گڏ سماجي روين کي به گهڻو ويجهڙائي سان ڏڍو. هن ڄاڻي ورتو هيو ته هن دنيا ۾ خدا تعالا کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار ڪونه آهي ۽ تحفظ ڇوته هن قانون ۽ سماج کي ضرورتمند لاءِ انتهائي ڪمزور لڌو هيو. ان سموري جدوجهد ۾ سندس لاءِ جيئڻ جو اتساهه صرف سندس ٻچڙا هوندا هيا جيڪي سندس مرحوم گهرواري جي نشاني هيا جن کي بهتر مستقبل ڏيڻ لاءِ هو ڪٺن حالتن ۾ نه رڳو جيئندو رهيو پر وڙهندو پڻ رهيو. ان سموري عرصي ۾ هو نفسياتي ڊاڪٽرن وٽ پڻ علاج معالجي واسطي باقاعدگي سان ويندو رهيو. اسانجي رياستي ادارن جي بيگانگي جو اهو عالم رهيو جو بي گناهه هوندي به سندس ٻارڙا تعليم ۽ تربيت متعلق تڪليف ۾ رهيا. واردات کان پوءِ پرائيويت اسڪولن جي فيس نه ڏيڻ تي سندس ٻارڙا اسڪولن مان ڪڍيا ويا. جنهن فليٽ جي اڌ رقم هن چڪائي هئي سا پڻ بعدازان بقايا رقم نه ڏيڻ سبب واپس ڦري وئي. بي گهري جي باعث ڪجهه عرصو هن ٻارڙن کي ناناڻن وٽ ڇڏيو ته انهن پڻ ٻڌل ٻڌايل ڳالهن تي ڪن ڌري اسلم جي ٻارڙن جي ذهنن ۾ سندس خلاف زهر ڀريو ته “توهان جو والد ئي توهان جي ماءُ جو قاتل آهي”. پر انهن سڀني سماجي، سياسي، قانوني ۽ رياستي روين جو اسلم وٽ هڪ ئي حل هيو ۽ اهو هيو صبر جو جڏهن خود هن کي خود به ڪنهن قسم جو احساسِ تحفظ ڪونه هيو ته هو پنهنجي ٻارڙن کي ڪهڙو تحفظ ڏئي ها. اسل جي زال جي قتل جو معاملو پوليس پنهنجي طرفان صاف ڪري ڪورٽ موڪلي ڏنو پر اڃان تائين ڪيس هلي رهيو آهي جنهن ۾ قاتل کي ڪابه مگر اڃان تائين هن کي ڪابه سزا ڪونه ملي آهي ۽ خبر نه آهي ته هن کي سزا ملي به يا نه جو اسان وٽ انصاف کان سدائين قاتل مٿاهون ڏٺو ويو آهي.