• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مصطفيٰ جروار: جديد سنڌي صحافت جو آواز

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

e26ahd.jpg



مصطفيٰ جروار: جديد سنڌي صحافت جو آواز


وھاب جروار

مصطفيٰ جروار جو نالو جديد سنڌي صحافت خصوصي طور تي سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ٽنڊي الهيار ڀرسان ننڍڙي ڳوٺ ۾ 22 مارچ 1980ع ۾ جنم وٺندڙ مصطفيٰ جروار پنهنجي بنيادي تعليم ٽنڊي الهيار مان ئي حاصل ڪئي،جنهن بعد هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ميڊيا جي شعبي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي،جنهن بعد هو عملي طور صحافتي ميدان ۾ آيو،هن پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات سنڌ زبان جي سڀ کان گهڻي شايع ٿيندڙ اخبار ڪاوش کان ڪئي،جنهن ۾ هن رپورٽر طور پنهنجو خدمتون پيش ڪيون،ڪاوش ۾ سندس محنت ۽ لگن ڏسي ڪاوش جي ايڊيٽر علي قاضي کيس سنڌ جي پهرين سيٽلائيٽ ٽي وي چينل ڪي ٽي اين مان جنم وٺندڙ ڪي ٽي اين نيوز ۾ سندس خدمتون حاصل ڪيون،ڪي ٽي اين نيوز تي هن خلق خدا جي،نيوز ايڪسٽرا سميت ڪيئي ڪرنٽ افيئر جا پروگرام پروڊيوس ڪيا، خلق خدا جي جي ميزباني به مصطفيٰ جروار پاڻ ئي ڪندو هو،هن ڪي ٽي اين نيوز جي پروگرام اشوز ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي اهم اشوز کي اٿاري اهي عوامي معاملا اعليٰ ايوانن جي ڌيان ۾ آڻي انهن ئي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.هن سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪرنٽ افيئر جي مشهور پروگرام “اوپينين وٿ علي قاضي ”جي پڻ ميزباني ڪئي.جنهن ذريعي علي قاضي کان هن ڪيئي ڀيرا اسڪرين تي اهڙا به سوال ڪيا جيڪي سوال ڪرڻ جي جرئت سندس اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازم گهٽ ئي ڪندا آهن. مصطفيٰ جروار ڪجهه وقت بول ٽي وي تي به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون پر ستت ئي اتان واپس موٽي اچي ڪي ٽي اين نيوز کي ئي پنهنجو ٿاڪ بڻايو،هن وقت هو ڪي ٽي اين نيوز تي انيڪر پرسن طور پنهنجون صحافتي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي،اڄ سندس 37 هون جنم ڏهاڙو آهي،کيس جنم ڏهاڙي تي واڌيون پيش ڪجن ٿيون.
 
Back
Top