ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
لطيف سائين جي حويلي ۽ وڏي اوطاق وارو مسئلو
نور سنڌي
درگاهه لطيف جي ڀرسان ٺهيل قديمي عمارت لطيف سائين جي وڏي اوطاق سڏجي ٿي پر اها اوطاق نه پر لطيف سائين جي حويلي آهي. لطيف سائين جي والد ۽ والده جي وصال بعد ۽ فقيرن جي وڌندڙ تعداد کي ڏسندي لطيف سائين پنهنجي حويلي موجود سندس درگاهه جي اتر طرف ٽن ڪمرن تي مشتمل ٺهرائي ۽ هيءَ حويلي فقيرن کي حوالي ڪري ڇڏي، لطيف سائينءَ جي اها حويلي جيڪا پوءِ وڏي اوطاق سڏجي ٿي. 1960ع ۾ درگاهه اوقاف کاتي ۾ وڃڻ بعد هي حويلي به اوقاف کاتي ۾ شامل ٿي وئي. ان کان اڳ اها حويلي لطيف سائين جي سجاده نشين جي هٿ هيٺ هئي. پهرين گادي نشين سيد جمال شاهه ان اوطاق لاءِ تمر فقير کي اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ ان بعد ان آسڻ تي ويهڻ لاءِ يعني اڳواڻ سجاده نشين مقرر ڪندو رهيو آهي. ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته اهو معاملو ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. لطيف سائين جي خاندان جي پيرن ۾ مختلف ڳالهين تان وڌندڙ اختلاف سٺو عمل نه آهن. وقت جي تقاضا ۽ انصاف ڀريو عمل ته اهو آهي ته سڀئي ڀٽائي پير اختلاف ختم ڪري گڏ ٿي وڃن ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن ۽ لطيفي جماعت کي عالمي سطح تي مضبوط ڪن جنهن جا نتيجا سٺا نڪرندا. ساڃاهه وند ڌريون انهن ماڻهن جي ان عمل جي به مذمت ڪن ٿيون جيڪي هن معاملي توڙي پيرن کي هڪ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ باهه تي پيٽرول هارڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اسان لطيف سان محبت رکندڙ سڀني ڌرين کي گذارش ڪنداسون ته لطيف ساٿين جي اوطاق وارو مسئلو ۽ ڀٽائي پيرن ۾ وڌندڙ رنجش واري عمل کي روڪن ۽ ڀٽائي پيرن کي هڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. اسين ڀٽائي پيرن کي به هٿ ٻڌي گذارش ڪنداسين ته لطيف سائين جي پيار، محبت، ايڪي، ٻڌي واري پيغام تي عمل ڪندي وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃن