شفيق الرحمان شاڪر هيء جا وحشت نيڻن جا سمنڊ پار ڪري ويئي پر شايد اڃا نيڻن کي ماتم جو اهو انداز نٿو اچي.غم جي ته انتها ٿي ويئي پر خبر ناهي سينو ڪٽڻ جو ڪهڙو ڪارگر طريقو آهي؟ شايد هاڻي ايترو ته زور سان رڙ ڪرڻي آهي جو سنگدل قاتل جون رڳون ڦاٽي پون.روئڻ وارو! شايد اڃا آهن ۽ دانهن جو آواز دٻيل آهي،ان ڪري ته وڌندي وڃي ٿي لاشن جي قطار!شايد ڪنهن کي ايتري واندڪائي ناهي جو سينن تي سجيل زخم ڳڻي سگھي.هو ڏس! معصوم ۽ ابهم ٻارڙن جي جسمن تي رت سان نقش ٿيل زخمن جا نشان ڪهڙيون نه هانء ڏاريندر رڙيون ڪري رهيا آهن،ايترين سارين بي رحم تلوارن جي جھرمٽ ۾ تنهن جي ۽ منهنجي تلوار ڇو ڪند ٿي پيئي آهي؟ بي حس دشمن تي تنهنجي ۽ منهنجي ڪنهن وار جو هر اثر بيڪار ڇو پيو وڃي؟ هٿ هلڪو آهي يا تلوار ڳري آهي؟ قدم قدم تي ٽوڙيل، مروڙيل ۽ ڪچليل ڪلين جو ناحق خون،گھٽيء گھٽيء ۾ بيوسيء جون آهون. هتي ته هاڻي بهار به ڏئي ٿي فريب.پاڻ سان گڏ کڻي گھمي ٿي خزائن جو لشڪر.ڪهڙي پاپيء اهو آواز ڏنو ته دل جي غمخاني جي موسم بدلجڻ واري آ؟ تون ئي بڌاء اي سماج جا ڏاها ! هي اوچتو سماج کي ڇا ٿي ويو آهي؟هي انسانن جو سماج آهي يا جھنگلي درندن جو؟انسان جي نالي کان ئي وحشت ٿيڻ لڳي آهي.دل ۾ ڇوليون هڻندڙ درد ۽ غم جي موجن ۾ معصوميت جا سمورا عڪس آهستي آهستي لڙهندا ٿا وڃن ۽ لڳي ٿو ته حيوانيت هرطرف پنهنجو راڄ قائم ڪري چڪي آهي. ملڪ ۾ ڪجھه عرصي اندر معصوم ۽ ننڍڙن ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي زيادتين جي شرمناڪ واقعن ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جي هانء ڌاريندڙ وارداتن پوري سماج کي لوڏي وڌو آهي.شايد ئي ڪو ڪٺور ۽ سنگدل انسان هجي جنهنجي دل ۽ ذهن تي انهن واقعن جو اثر نه ٿيو هجي.هاڻوڪن لڳاتار واقعن کي ڏسي ڪري لڳي ايئن ٿو ته اسان جي سماج جو هر معصوم ٻار بلڪل ئي نڌڻڪو ۽ غيرمحفوظ بڻجي ويو آهي.خبر ناهي ته ڪهڙو وحشي صفت شيطان ڪڏهن ۽ ڪٿان اچي نڪري ۽ ڪنهن ٻارڙي کي اسڪول ويندي،گھٽيء ۾ کيڏندي يا اڪيلو بازار ويندي، ڪنهن ٽافي يا رانديڪي جو آسرو ڏيئي اغوا ڪري هليو وڃي ۽ کيس پنهنجي وحشي هوس جو نشانو بڻائي سندس زندگيء جو ڏيئووسائي ڇڏي.افسوس اهو جو اسان جي سماج م اها جنسي هوس ۽ ڇڙواڳي رڳو جاهلن تائين ئي محدود ناهي پر اها پڙهيل لکيل طبقي،استادن،پوليس وارن،مدرسن جي معلمن،خطيبن جي حجرن ۽ ٻارڙن جي پورهيو ڪرڻ وارين جڳهين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا اسان جي سماج جي نهايت ئي ڊيڄاريندڙ شڪل پيش ڪري ٿي.اسان جا جاچ ادارا چون ٿا ته پاڪستان ۾ روزانو سراسري يارهن اهڙا ڪيس پوليس وٽ رپورٽ ٿين ٿا جڏهن ته روزانو اهڙا سوين واقعا پيش اچن ٿا جن کي ماڻهو بدناميء جي خوف کان لڪائي ڇڏين ٿا.آخر انهيء اذيتناڪ صورتحال مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي رياست ۽ حڪومتن ڪهڙو لاحئه عمل جوڙيو آهي؟جهڙي تيزيء سان ٻارڙن سان زيادتي،گينگ ريپ ۽ قتل جون وارداتون روزمره جو معمول بڻجنديون ٿيون وڃن انهيء تي حڪومتن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي غفلت ۽ خاموشي گھڻو تڪليف ڏيندڙ آهي.پڪ سان ان قسم جي ڏوهاري نفسيات ۽ روين کي ضابطي ۾ آڻڻ ڪو ايترو سولو ڪم ناهي پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته هٿ هٿ تي رکي ويٺو رهجي ۽ ڏوهارين کي آزاد ڇڏي ڏجي ته اهي ايئن اميدن جا ڏيئا وسائيندا رهن؟ اهڙن واقعن پويان ظاهر آهي ته ڪيترائي محرڪ ۽ سبب ٿين ٿا ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاء رڳو حڪومت نه پر سماج جي سڀني طبقن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.غربت، ٻارن طرف بي ڌيانيء وارو رويو،انهن جي تربيت ۽ سار سنڀال،کين گھرن ۾ والدين طرفان اڪيلو ڇڏي وڃڻ، اسڪول ۾ ٻارن جي پڇا ڳاڇا نه ڪرڻ،ٻارن جي دوستين ۽ لاڳاپن تي نظر نه رکڻ،ٻارن کي اڪيلو ٻين مائٽن يا بازار ڏانهن موڪلڻ،انٽرنيٽ يا ٽي ويء تي ويهندڙ ٻارن طرف ڌيان نه ڏيڻ وغير اهڙا عوامل آهن جيڪي اهڙي ڪنهن به واقعي جو سبب بڻجي سگھن ٿا.انهيء ڪري هن سڄي معاملي ۾ والدين جي بنيادي ڪردار کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.ان کان پوء اسان جي تعليمي ادارن، ڪم جي جڳهين،قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ عوامي نمائندن ۽ حڪومتن جي ذميدارين جي ڳالهه اچي ٿي.حڪومتن کي ان معاملي ۾ ان ڪري وڌيڪ ڏوهي قرار ڏيئي سگھجي ٿو جو سماجي ماحول کي بهتر بنائڻ،تعليم ۽ تربيت جي نظام کي موثر بنائڻ ۽ ڏوهارين تي نظر رکڻ توڙي انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي قانون مطابق جوڳي سزا ڏيڻ يقينن حڪومت جون بنيادي ذميداريون آهن.عوام جا چونڊيل نمائندا به ان ڏوهه ۾ ان لحاظ کان مددگار بڻجن ٿا جو اهي ماڻهن جي اصل سماجي مسئلن. جهالت.غربت ۽ بدحالي وغيره دور ڪرڻ لاء هڪ پل به سنجيدا نه ٿيا آهن.انهن جا مشغلا ئي ڪجھه ٻيا آهن.سواء ان جي جو اهڙي ٿيندڙ ڪنهن واقعي تي ڪجھه مذمتي بيان ڏيئي پنهنجو فرض پورو ڪري وٺن ٿا.رهيو سوال قانون جي محافظ ادارن جو ته بدقسمتيء سان انهن جي پنهنجي جيڪا اخلاقي حيثيت ۽ ساک رهي آهي سا تازو اسلام آباد هائيڪورٽ جي معزز جسٽس شوڪت صديقيء جي ريمارڪس مان ڀلي ڀت وائکي ٿي چڪي آهي.جڏهن قانون تي عمل ڪندڙ ادارن ۾ ئي اڪثريت اهڙن ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن جي هجي ته اهي ٻئي کي ڪهڙو تحفظ ڏيئي سگھندا يا عوام انهن تي ڪهڙو اعتماد ڪندو؟بدقسمتيء سان اسان جو سڄو رياستي نظام ئي اڏوهي کاڌل ۽ مدي خارج بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ ڏوهارين جو راڄ ڏينهون ڏينهن وڌندو،ويجھندو ۽ زور وٺندو ٿو وڃي.جاچ ڪندڙ ادارن جو به حال پورو آهي جو هر اداري کي حڪمرانن پنهنجو سياسي رانديڪو بنائي ڇڏيوآهي ۽ هر مقرري .بدلي،ترقي توڙي تنزليء جو معيار حڪمرانن سان ذاتي طور تي وفادار هئڻ وارو شرط آهي.جڏهن ادارن ۾ ماڻهو ميرٽ بجاء رشوت يا سفارش تي ڀرتي ڪيا ويندا ته انهن کان ڪهڙي شاندار ڪارڪردگيء جي اميد رکي سگھجي ٿي.ڪنهن کي خبر ناهي ته ڪهڙو ادارو ڪيتري ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي؟ ڪرپشن ۽ بدديانتيء جا اهي داستان روزانو پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء ملن ٿا پر سزا جو تصور اسان جي سماج ۾ اڃا تائين اوپرو آهي.سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي ڪهڙو سماج آهي جيڪو ظالم جو به ساٿ ڏئي ٿو ۽ مظلوم سان گڏ ماتم به ڪري ٿو. عدالتن کان بدديانت ماڻهن کي سزائن جا مطالبا به ڪري ٿو ته بدديانتن جي آهن ۽ دانهن ۾ به سر۾ سر ملائي ٿو.جن تي پنهن جن سمورن سورن جو الزام ڌري ٿو ووٽ وري به انهن کي ئي ڏئي ٿو.اهڙي سماج کي ڇا چئي سگھجي ٿو؟ لفظ نهايت ڳرو آهي ان ڪري استعمال ڪري نٿو سگھجي.عام طور تي ٻارن سان جنسي زيادتين جون لاڙو اهڙن سماجن ۾ وڌي ٿو جتي تعليم جي ڪمي هجي يا مثبت ۽ صحتمند لاڙن طرف مناسب رهنمائي ۽ سکيا جو نظام موجود نه هجي.جتي ملڪ جي هڪ وڏي اڪثريت انگ اگھاڙي ۽ پيٽ بکي هجي.والدين وٽ پنهنجن ٻارڙن کي پيار ۽ محبت ڏيڻ لاء وقت ئي نه هجي ۽ ٻار مائٽن جي محبت ۽ شفقت لاء واجھائيندا هجن.يا جن ٻارن کي والدين ٻين جي سهاري ڇڏي پنهنجن ڪمن ۾ رڌل رهن،اهڙن ٻارن کي سماج جا لچ لوفر سولائيء سان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي وٺن ٿا.گھريلو جھيڙا جھٽا،مارڪٽ،گاريون گند،ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي دڙڪا ڏيڻ ۽ سندن ننڍڙين ننڍڙين خواهشن جو خيال نه رکڻ،کاڌي پيتي جون شيون مناسب انداز ۾ مهيا نه هئڻ،ٻارن جي تعليم،تربيت،اٿ ويهه ۽ لڳ لاڳاپن کان غافل رهڻ،والدين جو ٻارن سان اجايو سخت رويو،روزمره جي ڪمن ۾ ٻارن جي مدد ۽ رهنمائي نه ڪرڻ،انهن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اهميت نه ڏيڻ.هڪڙن ٻارن کي ٻين ٻارن تي ترجيح ڏيڻ،ٻارن کي صحتمند سرگرميون مهيا نه ڪري ڏيڻ ،انهن کي جنسي هيجان واري ماحول ۾ ڇڏڻ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي محرڪ گڏجي اهڙن لاڙن جو نقشو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.اهڙن واقعن کان معصوم ٻارن کي محفوظ بنائڻ لاء تمام وڏي هوم ورڪ جي ضرورت آهي ۽ سماج جي سڀني سلجھيل طبقن کي گڏجي ڪو ٻنو ٻڌڻو آهي.آخر ۾ هڪڙي نهايت ئي اهم ڳالهه اها ته جڏهن به اهڙن سنگدل ۽ وحشي ڏوهارين کي سرعام سخت سزا ڏيڻ جو بحث شروع ٿيندو آهي ته اسان جا ڪجھه ملڪي ۽ غيرملڪي نام نهاد لبرل ۽ پنهن جي پر ۾ انساني حقن جا دعويدار انهيء تجويز جي سختيء سان مخالفت ڪندا آهن.سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن جي ان مخالفت جو اصل سبب ڪهڙو آهي؟ اها مقتول سان محبت آهي يا قاتل سان همدردي؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي پويان به اسان جي سماج جون سانڍي واريون ست رنگيون بنان ڪنهن شرمندگيء جي نچندي نظر اچن ٿيون.جيڪي وحشي هٿ معصوم مکڙين کي ٽوڙي، نپوڙي، ڀڃي ڀورا ڪري زندگيء جي بهارن کان محروم ڪندا هجن انهن هٿن کي جيڪر مروڙي ماڳهين ڀڃي ڇڏجي سو به ان انداز سان جو سارو لوڪ ڏسي ته جيئن اهڙي ته عبرت لڳي جو آئينده ڪنهن کي اهڙي همت نه ٿئي. اهو ئي عين انصاف ۽ اها ئي مظلوم دوستي آهي! جيڪر ڪجهه نام نهاد “آزادي پرستن ۽ روشن خيالن” کي اهو انصاف نٿو وڻي ته سندن اها اوندهه خيالي کين مبارڪ هجي پر رياست کي اهڙي ئي ڪنهن بي رحم انصاف جو انتظام ڪرڻ گھرجي.