قرآن پاڪ حڪمت ۽ ڏاهپ جو ڪتاب آهي مولانا سيد زوار حسين شاھ رحه مولانا چوهاڻ سليم الله سنڌي چوڻي مشهور آهي ته حڪيم جو ڪو به ڪم ۽ فعل حڪمت کان خالي نه هوندو آهي. الله تعاليٰ جي اسماء حسنيٰ مان هڪ نالو حڪيم به آهي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ حڪيم مطلق آهي، انهيءَ ڪري الله تعاليٰ جو ڪلام يعني قرآن حڪيم حڪمت ۽ ڏاهپ جو ڪتاب آهي. قرآن ڪريم جو هر نقطو بلڪ هر حرف ۽ زبر زير پيش به حڪمت سان ڀريل آهي، انهيءَ ڪري الله تعاليٰ به هن ڪتاب کي قرآن حڪيم چيو آهي. جيئن سورت يس ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي: ترجمو:”ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي، ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين، بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين“ (سورت يس آيت 2 کان 4 تائين) ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته: اسان توهان کي وحي جي ذريعي پنهنجون آيتون ۽ حڪمت جا مضمون پڙهي ٻڌائيندا آهيون. ٻيون به ڪيترون ئي آيتون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن ڪريم علم ۽ حڪمت جو خزانو آهي. ان ۾ اولين ۽ آخرين جو علم موجود آهي، قيامت تائين ان جي احڪامن کي باقي رهڻ ۽ الله تعاليٰ جي مخلوق جي رهنمائي ڪري ٿو، انهيءَ ڪري ان جون حڪمتون ۽ ان جا عجائبات ڪڏهن به ختم نه ٿيندا. جيئن الله تعاليٰ جو هي ڪتاب اڄ کان تقريبا چوڏهن سؤ سال اڳ دنيا جي رهنمائي جي لاءِ سڀئي صفتون ۽ صلاحيتون گڏ هيون، ائين اڄ به آهي ۽ ائين قيامت تائين رهنديون. قومن کان پوءِ قومون دنيا ۾ اينديون رهيون آهن، انهن مان جيڪا قوم يا فرد به ان ڏانهن ايندو اهو پنهنجي طلب موجب حصو حاصل ڪندو ۽ سڀني جو حصو حاصل ڪرڻ کان پوءِ به قرآن پاڪ جي حڪمت جي ذخيري ۾ ڪنهن به قسم جي گھٽتائي نه ايندي. هڪ سوئي جي نوڪ سمنڊ مان جيترو حصو پاڻي کڻي سگھندي، قيامت تائين سڀ ماڻهو گڏجي ڪري ان قرآن پاڪ جي علم ۽ حڪمت ذخيري مان ايترو به گھٽ ڪري نه سگھندا. قرآن ڪريم جي نازل ڪندڙ الله تعاليٰ علم ۽ حڪمت جو سڄو خزانو ان جي لفظن، معنيٰ ۽ نظم ۽ نسق ( جوڙ جڪ) ۾ رکي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم جي حيثيت هڪ خزاني ۽ ذخيري جي آهي، جنهن ۾ جيتري گھرائيءَ سان غور ۽ فڪر ڪيو وڃي ته ايترائي خزانا ظاهر ٿيندا. انهيءَ ڪري الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ حڪم ۽ هي حڪم انهيءَ ڪري ٿيو آهي جيئن قرآن ڪريم جا لڪيل خزانن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي، فقھ جا امام ان مان احڪام استنباط ڪري سگهن عالم انهن احڪامن جو ماخذ (بنياد) سمجھي سگهن ۽ عوام به جيڪڏهن ان ۾ غور ۽ فڪر ڪن ته الله تعاليٰ جي عظمت، وحدانيت ۽ ڪبريائي پنهنجي اندر آڻي سگھن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن حڪيم حڪمت جو هڪ بي مثال ۽ اڻ کٽ خزانو آهي، جنهن مان هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي صلاحيت مطابق فيض حاصل ڪري سگھندو آهي. حڪمت جو لفظ قرآن پاڪ ۾ مختلف ۽ ڪيترن ئي معنائن ۾ جھڙوڪ: عقل، علم، بردباري،صحيح رايو وغيره جي لاءِ استعمال ٿيو آهي. حضرت ابو حبان رضه فرمايو آهي ته حڪمت مان مراد اهو ڪلام آهي، جنهن سان ماڻهو نصيحت حاصل ڪري سگھن ۽ ۽ سندن دلين تي اثر ڪري وڃي ۽ جنهن کي ماڻهو محفوظ ڪري ٻين تائين پهچائين اها حڪمت آهي. حضرت عبدالله بن عباس رضه فرمايو آهي ته حڪمت مان مراد عقل، سمجھ ۽ ڏاهپ آهي. حقيقت ۾ انهن معنائن ۾ ڪنهن به قسم جو تضاد نه آهي. ڇاڪاڻ ته هي سڀ شيون حڪمت ۾ داخل آحن ۽ قرآن ڪريم انهن سڀني خوبين جو جامع آهي، حڪمت جي ڪلمن ۾ سڀ کان پهرئين ڳالھ عقيدن جي درستگي آهي، قرآن ڪريم ۾ عقيدن جي درستگيءَ کي اول مقصد قرار ڏنو آهي ۽ عقيدن جي درستگيءَ ۾ سڀ کان پهرئين شيءِ الله تعاليٰ جي وحدانيت تي ايمان آڻڻ، الله تعاليٰ کي بنا ڪنهن شريڪ جيسڄي جھان جو خالق ۽ مالڪ سمجھڻ ۽ الله تعاليٰ جي عبادت ۾ ڪنهن غيرالله کي شريڪ نه ڪرڻ آهي. ان عقيدي جي تعليم الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام ۾ ڪيترن جڳهن تي ڏني آهي، معمولي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان عقيدي کي قرآن ڪريم جو نهايت ئي بنيادي عقيدو قرار ڏنو آهي، اهڙي ريت عقيدن جي متعلق ٻيون ڳالهيون يعني ملائڪن، ڪتابن، رسولن، قيامت جي ڏينهن،مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ، تقدير تي ايمان آڻڻ جي وضاحت ۽ اهميت کي نهايت ئي حڪيماڻي انداز ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي مختلف ۽ وڻندڙ ۽ دلپسند انداز ۾ بيان ڪيو آهي. قرآن ڪريم جي جامعيت ۽ ڪامل هجڻ جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ترجمو:”۽ ان ۾ ڪو ڏِنگ نه رکيائين“. (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه) ٻي جڳه تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ترجمو:” ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون“.(ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه) هي آيتون اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي آيتن مان واضح ٿي ويو آهي ته قرآن ڪريم بيشمار ۽ اڻ کٽ علمن، معرمتن ۽ حڪمتن جو اڻ کٽ خزانو آهي. علامه جلال الدين سيوطي رحه حضرت عبدالله بن عباس رضه جو هي قول نقل ڪيو آهي ته جنهن ماڻهو کي جيڪو به علم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس گھرجي ته قرآن ڪريم کي سکي، ڇاڪاڻ ته قرآن ڪريم ۾ اڳين ۽ پوين جون خبرون ۽ علم آهي. امام بيهقي رحه هڪ روايت حضرت حسن رضه کان نقل ڪئي آهي ان ۾ آهي ته جيئن نبي ڪريمﷺ جن جي نبوت سڀني نبين سڳورن جي نبوت جي ڪمالات جو جامع آهي، ائين پاڻ ڪريمﷺ جن نازل ڪيل ڪتاب قرآن ڪريم به سڀني آسماني صحيفن ۽ ڪتابن جي علمن ۽ معرفتن جو جامع آهي. امام شافعي رحه فرمائي ٿو ته جيڪي امت جا فقيھ چوندا آهن، اها سنت يعني حديث شريف جو شرح آهي، جيڪو ڪجھ سنت ۾ آهي، اهو قرآن ڪريم جو شرح آهي ۽ نبي ڪريمﷺ جن جيڪو به فيصلو ڪيو آهي، اهو قرآن ڪريم مان ئي فيصلو ڪيو آهي، ان جي تائيد نبي ڪريمﷺ جن جي فرمان مان به ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو بيشڪ آئون انهيءَ شيءِ کي حلال ڪريان ٿو، جنهن شيءِ کي قرآن حلال ڪري ٿو، اهڙي طرح انهيءَ شيءِ کي حرام ڪريان ٿو ، جنهن کي قرآن حرام ڪري ٿو. امام شافعي رحه هڪ ڀيري مڪي پاڪ ۾ فرمايواي ماڻهو! توهان جيڪو چاهيو مون کان پڇا ڪريو، آئون توهان کي ان جو حڪم قرآن مان ٻڌائيندس. ترجمو:” ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي“ (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه) ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ترجمو:” ۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي، ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي“ (ترجمو حضرت مولانا سيد تاج محمود شاھ امروٽي رحه) مفسرن لکيو آهي ته قرآن ڪريم اهڙن بيشمار علم، فنن ۽ حڪمتن تي مشتمل آهي، جن ڪاٿو ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي، الله تعاليٰ انهيءَ مٿاهين درجي جي علمن جو وارث پنهنجي نبي سڳوريﷺ کي بڻايو آهي ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن کان پوءِ خلفاءِ راشدين ۽ سڀئي اصحابي سڳورا انهن علم جا وارث ٿيا، اصحابن سڳورن کان پوءِ فقيه، عالم ۽ بزرگ انهن علمن جا وارث بڻيا. مطلب قرآن ڪريم بيشمار علمن، فنن ۽ حڪمتن جو اڻ کٽ خزانو آهي، هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي صلاحيت موجب ان مان فائدو ۽ لاڀ حاصل ڪري ٿو. شال رب پاڪ اسان سڀني مسلمانن کي قرآن ڪريم مان فيض ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.