محبوب پاڪن جون صفتون بہ عجيب و غريب هونديون آهن، هڪڙن محبوب پاڪن کي سندن چاهيندڙن جي رنگ ۽ ڊنگ تي اعتراض هوندو آهي، هڪڙن کي وري سندن چاهيندڙن جي افعالن تي اعتراض هوندو آهي، مطلب تہ هر هڪ محبوب پاڪ کي سندس عاشق جي ڪنهن نہ ڪنهن نقطي نظر تي اختلاف ضرور هوندو آهي اختلاف بہ وري اهڙو، جو اصلي جان ئي آجي نہ ڪرائي سگهي ماڻهو، منهنجي هڪ دفعي هڪڙي سونهن جي ديوي سان اکيون اڙيون، ڪجھ عرصو دل لڳي جي موسم، موسم بهار وانگي رهي، وري مٿان خزان جي موسم هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو، صفا ميدان پٽ پڌر ڪري ڏنائين، هاڻ اسان جي وچم ” ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار “ واري ڪار لڳي پئي آهي سندس سڀئي صفتون اعلي پائي جون هيون، پر جڏهن چوندي هئي ” ٻڌ !!، مون کي ڪولڊ ڊرنڪ کپي، سا بہ ٿڌي“، تڏهن منهنجو من ٻہ اڌ ٿي پوندو هو خبر اٿئو ڇو ؟؟؟ ان لاءَ تہ هُو اسٽنگ بوتل کان سواءِ ٻي ڪا ڪولڊ ڊرنگ پئيندي ئي ڪونہ هئي سا بہ صفا يخ ٿڌي، ڪچهري ڪندي ڪندي هر اڌ ڪلاڪ کان پوءَ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ بوتل ڳڙڪائي ويندي هئي، هڪ تہ سندس بوتل پئيڻ واري صلاحيت ڪجھ اضافي هئي وري مٿان پئيندي بہ مهانگي بوتل هئي، مون لاءَ اذيت ڏيندڙ ڳالھ اِها هئي جو مون کي وري اسٽنگ بوتل صفا وڻندو ئي ڪونہ هو اصلي منهنجي پتي تي ئي ڪونہ پوندو هو، پر آخر ڇا ڪجي، محبوب تہ ماڻا - نہ تہ پوءَ بنا ماڻن واري محبوب کان ماڻهو ائين ئي چڱو آهي، سندس دلي لڳي جي رشتي ۾ منهنجي کيسي جو ذيان تہ ڪجھ جهجو ئي ٿيندو هو پر ان سان گڏوگڏ ذهني اذيت بہ سهڻي پوندي هئي مون سندس سڀني يادن کي حساب ڪتاب سميت سميٽي ڪري هڪ ڊائري ۾ قلم بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڊائري جي مٿان لکي ڇڏيو آهي” ڪولڊ ڊرنڪ واري محبوبا“.