* آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڊاڪٽرن ڊگھي ۽ ڏکئي آپريشن کانپوءِ، افغانستان ۾ ڦٽيل فوجيءَ کي خاص مرداڻوعضوو آپريشن ذريعي لڳايو، سندس تندرست ٿيڻ ۾ 4 کان 12 مهينا لڳي سگھن ٿا ـ * اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان خواجا آصف کي نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ سندس ميمبرشپ رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، ان کان اڳ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف (پرڏيهي وزير) کي ساري حياتي نااهل قرار ڏنو، اهڙي درخواست پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عثمان ڊارداخل ڪئي هئي ـ * مان ڄاڻان ۽ سڃاڻان ٿو ته سنڌو نه هجي ها ته هندو به نه هجن ها ۽ سنڌي نه هجي ها ته هندي به نه هجي ها: نامياروڀارتي اداڪارشتروُگھن سنها * وزيراعظم شاهد خصان عباسي، اسلام آباد نئين ايئرپورٽ جونالو بينظيرڀُٽي رکڻ کان انڪارڪيو، خورشيد شاهه طرفان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو دڙڪو ـ * پراڻي خواهش اٿم ته جي ايم سيد جي خوبين توڙي خامين تي صحافيءَ جي حيثيت ۾ بي ريا ۽ تفصيلي مضمون لکان پرفيس بوڪ تي ڪيترن سنڌي قومپرستن جي بدتميزيءَ ڪارڻ ائين نه ڪري سگھيو آهيان ڇاڪان ته اهي سچ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهن (محمد خان سيال) ـ