شفيق الرحمان شاڪر ۔اسلام جو مادو لفظ “سلم” مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي سلامتي! جنهن ۾ امن،شانتي، سڪون،محبت،رحمت ۽ شفقت جا سڀ تصور سمائجي وڃن ٿا.هونئن ته اسلام پوري عالم انسانيت جي سلامتي چاهي ٿو ۽ سردار ڪائنات جن پوري ڪائنات جي لاء رحمت بڻجي آيا پر خاص طور تي سماج جي ڏتڙيل،ستايل،هيسايل ۽ ڪمزور طبقن جهڙوڪ غلامن، نوڪرن، مزدورن،معذورن ،عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي باري ۾ جيترو تاڪيد اسلام ڪيو آهي ٻئي ڪنهن به مذهب يا تهذيب ۾ اهڙو مثال نظر نٿو اچي.اسلام کان اڳ مختلف سماجن ۾ عورت گھڻي مظلوم هئي ايستائين جو عرب ۾ ته ڌيئرن کي جيئرو دفن ڪرڻ به ڪو پاپ نه سمجھيو ويندو هو.پراڻي يوناني سماج کان ويندي اڄ جي نام نهاد سڌريل مغربي سماج تائين مذهبي طور تي به عورت کي گناهن جي پاڙ.شيطان جي رسي،نڀاڳ جي نشاني،بي عقل،مڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن اڻ وڻندڙ ۽ نفرت انگيز لفظن سان نوازيو ويو آهي.شروعاتي رومي قانون ۾ به عورت کي مرد کان گھٽ قرار ڏنو ويو هو.يوناني روايتن مطابق دنيا جي انسانن کي طاعون ۽ غم جو شڪار ڪندڙ “پينڊورا” نالي هڪڙي عورت هئي جنهن منع ٿيل صندوق کي کولي انسانيت کي انهن مصيبتن جو شڪار ڪيو.عيسائين وٽ به عورت جي عظمت جون ڪي روايتون نٿيون ملن.مثال هڪ عيسائي مذهبي اڳواڻ “ سينٽ جيروم” جي چوڻ مطابق “ عورت شيطان جو دروازو ، سنگدليء جو رستو ۽ زهريلي جانور جو ڏنگ آهي.هڪڙي لفظ ۾ ايئن چئجي ته اها نهايت ئي خطرناڪ مخلوق آهي.” پر اسلام عورت سان اهڙين سمورين ناانصافين کي ختم ڪيو ۽ پاڻ ڪريمن عورت کي ان زماني ۾ مرد جي برابر حق ڏنا جڏهن دنيا جي ڪنهن به سماج ۾ اڃا اهڙو تصور ئي نه هو. حقيقت اها آهي ته عورت ۽ مرد جي برابريء جي سوچ سڀ کان پهرين دنيا ۾ صرف اسلام ئي پيش ڪئي ۽اهڙيء طرح عورت کي مرد جي غلاميء مان نجات ڏياري جنهن ۾ هوء صدين کان جڪڙيل هئي.اسلام عورت کي ذلت ۽ غلاميء مان ڪڍي عزت،مرتبي ۽ وقار سان نوازيو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان ڇڏايو.اسلام انهن سڀني ڪريل رسمن کي ختم ڪيو جيڪي انساني شرف،شان ۽ عورت جي وقار جي ابتڙ هيون.انساني بنيادي حقن ۽ مان مرتبي جي حوالي سان اسلام مرد ۽ عورت وچ ۾ هر تفاوت کي سدائين لاء ختم ڪري ڇڏيو.انسان هئڻ جي ناتي عورت جو به اهوئي درجو آهي جيڪو مرد جو. رب ڪريم جو فرمان مبارڪ آهي ته “ اي انسانو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو جنهن اوهان کي پيدا ڪيو هڪڙي جان مان پوء انهيء جو جوڙو بنايو پوء انهن ٻنهي (مرد ۽ عورت) مان گھڻائيء ۾ ٻين مردن ۽ عورتن کي (پيدا ڪري) پکيڙي ڇڏيو.“ (سورت النساء) اسلام کان پهرين ڌيئر جي پئدائش کي عار سمجھيو ويندو هو ۽ کين زندهه زمين ۾ پوريو ويندو هو،اها رسم نه هئي پر حقيقيت ۾ پوري معصوم انسانيت جو قتل عام هو.اسلام ان رسم جو خاتمو ڪيو،نينگرين کي هڪجهڙو جيئڻ جو حق ڏنو ۽ والدين کي انهن جي حقن جي باري ۾ خدا جو خوف ڏياريو۽ قيامت جي ڏينهن جي بري انجام کان خبردار ڪيو ۽ ان معاملي ۾ باقائدي هڪڙي قرآني آيت نازل ٿي ته “جڏهن ان زندهه دفن ٿيل نياڻيء کان قيامت جي ڏينهن سوال ڪيو ويندو ته هن کي آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو؟” اسلام هر اهڙيء عورت جيڪا بي سهارا ۽ لاچار هجي ۽ جنهن جي گذر بسر جو ڪو ذريعو موجود نه هجي ته ان جي اجھي،لٽي ۽ کاڌي جي ذميداري رياست جي حوالي ڪئي آهي.عورت جي تذليل وارا جاهليت وارا نڪاح جيڪي اصل ۾ زنا جي ئي هڪڙي صورت هئي اسلام انهن کان منع ڪري عورت جي عصمت ۽ پاڪيزگيء کي بحال ڪيو.اسلام مردن جيان عورتن کي به ملڪيت جو حق عطا ڪيو،اهي نه رڳو پاڻ ڪمائي سگھن ٿيون پر ورثي ۾ مليل ملڪيت جون به مالڪ بڻجي سگھن ٿيون.ﷲ تعاليٰ جو ارشاد آهي ته ؛ “ مردن لاء ان (مال) مزان حصو آهي جيڪو ماء،پيء ۽ رشتيدارن ڇڏيو هجي ۽ عورتن لاء به ماء پيء ۽ رشتيدارن جي ڇڏيل ورثي مان حصو آهي،اهو ورثو ٿورو هجي يا گھڻو( اللہ جو) مقرر ڪيل حصو آهي،” (سورت النساء) حضور نبي ڪريم عورت کي ماء جي حيثيت سان سڀ کان وڌيڪ سهڻي سلوڪ جو حقدار قرار ڏنو آهي.حضرت ابوهريره رضي ﷲ عنهه کان روايت آهي ته هڪڙو ماڻهوحضور ڪريم جن جي خدمت ۾ آيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو ته يا رسول ﷲ ! منهنجي سهڻِ سلوڪ جو سڀ کان وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو؛ تنهنجي ماء. عرض ڪيائين ته پوء ڪير؟ پاڻ فرمايائون تنهنجي ماء.ٽيون دفعو به ساڳيو سوال ڪيائين،پاڻ فرمايائون تنهنجي ماء. وري عرض ڪيائين ته پوء ڪير؟ تڏهن پاڻ فرمايائون تنهنجو پيء،(صحيح بخاري) اهومعاشرو جتي نياڻيء جي پيدائش کي خواري ۽ ذلت جو سبب سمجھيو ويندو هو، اسلام نه رڳو نياڻين کي احترام ۽ عزت جو مقام عطا ڪيوپر انهن کي وراثت جو حقدار به قرار ڏنو.رب ڪريم جو ارشاد آهي ته “ ﷲ اوهان کي اوهان جي اولاد (جي وراثت) جو حڪم ڏئي ٿو ته پٽ جي لاء ٻن نياڻين جي برابر حصو آهي ۽ جيڪر رڳو نياڻيون ئي هجن (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ته انهن لاء ان ڇڏيل ملڪيت جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو آهي ۽ جيڪر اها اڪيلي هجي ته ان لاء اڌ آهي.” (سورت النساء) رڳو اهو ئي نه پر نياڻين جي سٺي پرورش ۽ تربيت ڪرڻ تي جنت جي خوشخبري ٻڌائي نياڻين جي پئدائش تي پشيمانيء جي احساس کي هميشه لاء ختم ڪري انهن کي جنت حاصل ڪرڻ جو سبب ۽ ذريعو قرار ڏنو ويو.نبي ڪريم جن فرمايو؛ جنهن مسلمان کي ٽي نياڻيون هجن ۽ هو انهن جي خرچ جو بار کليل دل سان برداشت ڪري،انهن جي تربيت ڪري ۽ انهن جي شادي ڪرائي ته اهي ان لاء دوزخ جي باهه کان رڪاوٽ بڻجي وينديون.هڪ عورت عرض ڪيو؛ يا رسول ﷲ! جيڪر ڪنهن کي ٻه نياڻيون هجن ته پوء؟ پاڻ فرمايائون ته اهي به دوزخ جي باهه کان رڪاوٽ بڻجي وينديون. قرآن ڪريم جي ئي عملي تعليم جو اثر هو جو حضور نبي ڪريم جن گھر واريء سان سهڻي سلوڪ جي هدايت فرمائي. حضرت ابن عباس رضي ﷲ عنهه کان روايت آهي ته حضور نبي ڪريم جن جي خدمت ۾ هڪڙو شخص آيو ۽ چوڻ لڳو؛ يا رسول ا ﷲ! منهنجو نالو فلاڻي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاء لکيو ويو آهي ۽ منهنجي زال حج ڪرڻ وڃڻ گھري ٿي. پاڻ سڳورن جن فرمايو؛ تون واپس هليو وڃ ۽ پنهنجي زال سان گڏ وڃي حج ڪر. انهيء ئي تعليم تي صحابي سڳورا رضي ﷲ عنھم عمل ڪندا رهيا. (صحيح بخاري) پنهنجن عملن جي بنياد تي مرد ۽ عورت جي اجر ۽ ثواب ۾ ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي.خدا تعاليٰ جو ارشاد آهي ؛ “ پوء انهن جي رب انهن جي دعا قبول ڪري ورتي ( ۽ فرمايو) پڪ سان آئون اوهان مان ڪنهن به محنت ڪندڙ جي مزدوري ضايع نٿو ڪيان چاهي اهو مرد هجي يا عورت.اوهين سڀ هڪٻئي مان ئي آهيو.” (سورت آلعمران) ان برابريء جو بنياد قرآن مجيد جي ان تعليم تي آهي جنهن ۾ فرمايو ويو ته؛ “ اوهين (مرد) انهن(عورتن) جي لاء پوشاڪ ۽ اهي اوهان لاء پوشاڪ آهن.“ انهن مختصر لفظن ۾ نهايت ئي سهڻي انداز ۾ عورت ۽ مرد جي رفاقت کي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد قرار ڏنو ويو ۽ انهن کي هڪٻئي لاء اڻٽر قرار ڏيندي عورت کي به سماجي ور تي اهو رتبو ڏنو ويو جيڪو مرد کي حاصل آهي.انهيء کان پوء نبي ڪريم ﷺ جن آخري حج جي خطبي ۾ ارشاد فرمايو ؛ “ عورتن جي باري ۾ خدا کان ڊڄو،اوهان جو عورتن تي ۽ عورتن جو توهان تي حق آهي.“ اهي تعليم ان ڪائناتي سچائيء تي ٻڌل آهي ته هر انسان ٻئي انسان جو محتاج اهي ۽ هڪڙي سواء ٻئي جو پورائو ٿي نٿو سگھي.ان ڪري سڀني کي هڪجهڙي اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي.جيڪر مرد کي عورت جو نگهبان بڻايو ويو ته ٻئي طرف عورت کي به اها عظمت عطا ڪئي جو جنت کي سندس پيرن هيٺان رکيو ويو. اسلام ورت کي سماج ۾ نه رڳو عزت وارو درجو عطا ڪيو آهي پر کيس اهي حق ڏنا آهن جن ذريعي اها پنهنجي زندگي سڪون ۽ عزت سان گذاري سگھي ٿي.اولهه ۾ عورت جي آزاديء جو جيڪو تصور آهي اهو وچٿرائي،اعتدال کان پري هئڻ سبب نهايت ئي غيرمتوازن بڻجي چڪو اهي جنهن جا ناڪاري اثر اڄ اسان کي هرطرف نظر اچي رهيا آهن.جيئن ته انهن عورت جي آزاديء جو مطلب صرف فطري ۽ اخلاقي حدن کان آزادي ورتو جنهن ڪري اها شيء انهن سماجن لاء بيحيائي ۽ اخلاقي ڏڦير جو سبب بڻجندي پوري خانداني نظام کي ئي ناس ڪري چڪي آهي.