* نواز ليگ جا وڌيڪ 3 صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر، سرائيڪي بيلٽ ۾ “صوبي واري محاذ” ۾ شامل ٿي ويا ـ * موسمياتي کاتي جي ڊاريڪٽر جنرل غلام رسول ڪراچيءَ ۾ سيمينار ۾ تقرير ڪندي ڄاڻايو ته هن سال سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گھڻو مينهن ڪونه پوندو ـ * عالمي مالياتي فنڊ يا ڪنهن ٻئي اداري طرفان جھجھي مالياتي امداد نه ملڻ ڪارڻ، پاڪستان وڏي مالي گھوٽالي وک وڌائي رهيو آهي: هڪ اقتصادي ماهر جي راءِ ـ * نااهل خوجا آصف (پرڏيهي وزير)، يو ايَ اي ۾ ڪم نه ڪرڻ باوجود 16 لک رپيا ماهوار پگھار کڻندو هو، 2013 ۾ ٿيل عام چونڊن جي موقعي تي اهڙي آمدني ڊڪليئر نه ڪيائين، سندس جُڙتو اڪائونٽ به پڪڙيو ويو ـ * مون ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ڪراچي، هلال پاڪستان ڪراچي، پي ٽي وي نيوز، پي آءِ ايَ وغيرهه جھڙن ادارن ۾ اهليت جي بنياد تي نوڪريون حاصل ڪري، پوءِ والد صاحب کي نوابشاهه ۾ ٻڌايو ـ منهنجو مرحوم والد محمد بخش سيال، سفارشن کانسواءِ اهليت جي بنياد تي مون کي نوڪرين جي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو ـ جڏهن مونکي ڪراچيءَ ۾ پهريون ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ۾ نوڪريءَ جو آرڊر مليو ته مون کي سان وٺي ڪراچيءَ آيو هو ڇاڪاڻ ته مان اڳ ڪراچي سکڻي هڪ رات لاءِ گھمڻ آيو هوس: محمد خان سيال ـ * پير پڳاري طرفان ڏکڻ پنجاب جي نئين صوبي ٺاهڻ جي پٺڀرائي، گاديءَ جو هنڌ بهاولپور کي بڻائڻ جي رٿ ـ