سنڌ سلامت کي وڌيڪ ھڪ سال ھلائڻ لاءِ سھائتا جي اپيل

اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
جيئن ھر سال ھنن ڏينھن تي ھن قسم جي اپيل ھن فورم تي ايندي رھي ٿي جنھن جا تفصيل سال 2017 ۾ ڏنا ويا ھئا.
ھن سال سنڌ سلامت اتنظاميہ کي گھڻ گھُرن پاران زور ڀري چيو ويو تہ سنڌ سلامت کي ھلائڻ لاءِ سالانہ گھربل 50 کان 60 ھزار ايڏا وڏا ناھن جو سھائتا جي اپيل ڪجي. بھتر ٿيندو تہ پڄندي وارن کان وڏي مدي تائين جا فنڊ مقرر ڪرائجن. ان بابت مختلف تجويزون سامھون آيون جن مان ناقابل عمل ھڪ پاسي ڪندي قبولڻ جوڳين تي ھاڪاري موٽ ڏني وئي. پر جيئن تہ ان ۾ اڃان وقت لڳندو تنھنڪري اھو ايندڙ سال لاءِ طئي ڪندي ھن سال گذريل سالن جي روايت موجب سھائتا جي اپيل ڪجي ٿي. ھن دفعي رھيل ڪم انھن تي خرچ جو ڪاٿو لڳائيندي گھربل رقم جا تفصيل ھيٺ ڏجن ٿا.


ڪلائوڊ هوسٽنگ: 35000

زين فورو لائيسنس اپڊيٽنگ: 7000

سنڌ سلامت اميج ۽ ميڊيا سرور جو ايڊ آن: 8000

ٽوٽل: 50000

فورم بشمول سنڌ سلامت قرآن پاڪ پروجيڪٽ، سنڌ سلامت ڪتاب گهر پروجيڪٽ، سنڌ سلامت لفظيڪار پروجيڪٽ ۽ سنڌ سلامت فانٽ سرور پروجيڪٽ کي ايندڙ سال هلائڻ ۽ ايندڙ پروجيڪٽس تي گهربل خرچ لاءِ هن دفعي پڻ اپيل ڪجي ٿي. سڀني کان پهرين آءُ پنهنجي طرفان 2000 جو اعلان ڪندي عرض رکان ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي فورم کي هلائڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ هن سٿ کي سهائتا ملي سگهي.

سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت

حبيب بينڪ لاءِ
RAHIM BUX DAHRI
Account No.
1093-0071-000927-01-2
Bank Al Habib Liminted Moro Br. Distt. Naushahro
Feorze Sindh.

مسلم ڪمرشل بينڪ
ABDUL RASHEED SAMO
0519920601003888
Muslim Commercial Bank Limited PIDC House Branch Karachi


ايزي پيسا اڪائونٽ
030636000074


جيڪي دوست ايزي پئسا ذريعي پنهنجي رقم موڪلڻ چاهين اهي سنڌ سلامت فنانس انچارج محترم رحيم بخش ڏاهري جي هيٺين سيل نمبر ۽ شناختي نمبر تي موڪلين
شناختي ڪارڊ نمبر
4530306971937
فون نمبر
03003040725

نوٽ: پنهنجي رقم موڪلڻ کان پوءِ سيل نمبر 03003040725 يا 03007065130 تي هڪ ميسيج يا ننڍي ڪال ڪري اطلاع ڏيڻ نه وساريندا...
اڃان به ڪنهن به ڏکيائي جي صورت ۾ هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.
hafeezlaghari58@yahoo.com
 
سنڌ سلامت ھن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جي سنڌين جو محبوب فورم آھي. يقينن دوست سھائتا ڪندا.

مان پنھنجي پاران 2000 ھزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي گھاٽي ۽ واڌي ۾ ٻڌل رھڻ جي ضمانت بہ ڏيان ٿو.
 
دبئيءَ مان مانواري دوست عمر فاروق مھر 5000 پنج ھزار روپيا سائين رحيم بخش جي بئنڪ الحبيب واري اڪائونٽ ۾ موڪليا آھن. سندس مھربانيون، پاڻ سدائين سنڌ سلامت جي مدد ڪندا رھندا آھن.
 
سائين ڪنهن دوست وٽ موبي ڪيش اڪائونٽ هجي ته اهو به ڏيو چو ته ان ۾ سروس فيس نه ٿيندي آهي ان ۾ مفت ۾ سڌي ريت پئسا موڪلي سگهجن ٿا بنا شناختي ڪارڊ نمبر هجڻ جي
موبي ڪيش لاءِ کاتو
محمد يونس
03062930567

لک لائق
 
دبئيءَ مان مانواري دوست عمر فاروق مھر 5000 پنج ھزار روپيا سائين رحيم بخش جي بئنڪ الحبيب واري اڪائونٽ ۾ موڪليا آھن. سندس مھربانيون، پاڻ سدائين سنڌ سلامت جي مدد ڪندا رھندا آھن.
پياري دوست عمر فاروق مهر جن ٿورا .. سندن رقم پهتي ٿي..!
 
منهنجي طرفان پڻ 3000 شامل ٿي چڪا... اميد ته دوست ٽارگيٽ کي پوري ڪرڻ ۾ اهڙي طرح ڦڙي ڦڙي طور پنهنجي طرفان حصو اٽڪائيندا.. مهربانيون
 
پرين پياري دوست، سنڌ سلامت جي سھڪاري سڄڻ شبير سڌايي پاران 5 ھزار روپيا مليا آھن. سندس مھربانيون، پاڻ سدائين سنڌ سلامت جا سھڪاري رھيا آھن.
 
ڪئناڊا ۾ رھندڙ سنڌ دوست سڄڻ، ٻوليءَ ۽ ثقافت جي پرچارڪ شاھد بھراڻيءَ پاران 5 ھزار روپيا مليا آھن. سندن مھربانيون جو سدائين سنڌ سلامت سان نڀائيندا رھيا آھن.
 
اسٽيٽس
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
Back
Top