• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُڌ سماءَ...01.. محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ـ * منهنجو ضمير نٿو مڃي، سزا ملي ته جيل مان به ڪردار ادا ڪندس: نواز شريف (خبر) ـ
... ڀلا، ضمير هوندو ته مڃيندو نه؟ (تبصرو) ـ

ـ * سنڌ ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم آهي، پائي پائي هڙپ ٿئي ٿي: سپريم ڪورٽ (خبر)
....ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه آئي، پائي پائي ته هاڻ رهي ناهي، اربن ۽ کربن جو قصوهجي ها ته ٻي ڳالهه هئي (تبصرو) ـ

ـ * اسان ئي سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن: نواز ليگ جو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي (خبر) ـ
.... درست! تڏهن ته سنڌ ۾ کير ۽ ماکيءَ جون ننديون وهن پيون! (تبصرو) ـ

ـ * آصف زرداريءَ جو چوڻ آهي: نواز شريف سان گڏ جنت ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهيان (خبر) ـ
... ٿي سگھي ٿو ته ٻيئي دوزخ ۾ گڏ وڃڻ لاءِ سهمت هجن! (تبصرو) ـ

ـ * وفاقي بجيٽ: ڪراچيءَ لاءِ 25 ارب رپين جو پيڪيج منظور ڪيو ويو (خبر) ـ.
...حڪمران نواز ليگ کي “رهيل سنڌ” لاءِ پيڪيج ڏيڻ تي سدائين وانگيان ٻرو ٿو چڙهي (تبصرو) ـ

ـ * ڪجھه ليکڪ/ صحافي ”ياري“ نڀائڻ خاطر، تازو سياست ۾ آيل هڪ صحافيءَ کي، سنڌ جو وڏو وزير بڻائي رهيا آهن (خبر) ـ
...اهو عام چونڊن ۾ رڳو هڪ صوبائي سيٽ کٽي سگھي ته وڏي ڳالهه چئبي (تبصرو) ـ
 
Back
Top