عوام،حڪمران ۽ منحوس پاڇا!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هونئن ته غريب پاڪستاني عوام سدائين منحوس پاڇن جي پاڇي ۾ رهندو پيو اچي جن سندن سريڙ جو رت ست ئي نپوڙي کين جيئرو لاش بنائي ڇڏيو آهي .انهن منحوس ساين جا نالا به سڀني کي معلوم آهن جن مان ڪجھه هي آهن؛ غربت،بيروزگاري،بدديانتي،دوکيبازي،اقربا پروري، رشوت،سفارش،گدلاڻ،جهالت،مهانگائي،دهشتگردي،طالبانيت، تعصب، جمهوريت جي ٻوٿ واري شهنشاهت ۽ مفادپرستيء جي رنگ ۾ رنگيل سياست،بدحالي، بيماري،بيوسي،مطلب ته اهڙا سوين سايا آهن جيڪي اسان جو ازلي مقدر بڻيل آهن.پر اڄ ڪلهه ماڻهو مزو اهو ڏسي رهيا آهن جو پهريون ڀيروڪجهه منحوس ساين اسان جي حڪمران اشرافيا کي سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ساين مان ٻه وڏا نڀاڳا سايا پناما ۽ اقاما جا آهن جيڪي انهيء اشرافيا کي ايئن چنبڙي ويا آهن جيئن ماڪوڙيون مٺاڻ کي چنبڙي وينديون آهن.انهن ساين مان جند آجي ڪرائڻ لاء نه ته ڪو تعويذ ٿو اثر ڪري ۽ نه ئي ڪنهن جناتي باباجو ڪو ڌاڳو ڦيڻو ٿو هلي.انهن منحوس ساين يا آسيبن انهن جو باقي جيڪو حشر ڪيو هجي سو ڪيو هجي پر سندن ذهنن کي مائوف ۽ سندن سوچن جي ماپي کي ابتو ضرور ڪري ڇڏيو آهي. انهيء آسيب جي وڪڙ ۾ ايندڙ ميان صاحب جي سوچ جي ابتو ٿيڻ جو ئي مثال وٺو جو جنهنجي سموري سياسي سامان جي سلامتي صرف“ سگھه وارن” جي صحبت ۾ ئي سمايل رهي سو سڄو ڏينهن جمهوريت لاء جان صدقي ڪرڻ جو سرندو سوريندو رهي ٿو،جيڪو وقت جي بدترين فوجي آمر سان گڏجي هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڦاسي لڳرائڻ بعد شڪراني جا ڪلما پڙهي رهيو هو ،ساين جي ستم ظريفي ته ڏسو جو ساڳيو صاحب اڄ ذوالفقار علي ڀٽي جو وفادار وڪيل بڻيل نظر اچي ٿو.اسان جي ملڪ ۾ مختلف سياسي ڪرتبن جي حوالي سان چوڻي ته اها به صحيح آهي ته “مداري نوان تماشو ساڳيو “ پر انهن ساين ۽ آسيبن جو ڪرشمو آهي جو هاڻي اها چوڻي به ابتي ٿي پيئي آهي جيڪا به بلڪل صحيح آهي يعني “ مداري ساڳيا تماشو نئون ”. سو سچ آهي ته اهي سياڻا پاڪستان جي پورن ٻاويهه ڪروڙ ماڻهن کي اڄ به “ڀولا بادشاهه“ يا “مست موالا” سمجھن ٿا، خير، انهن سمجھه جي ڍير دماغن جي انهيء سوچ سان جيڪر سو سيڪڙو سهمت ٿي پوري خلق خدا کي “پنهن جي وس“ ۾ نه سمجھهون ۽ انهن کي صرف مٽيء جا ماڻهو سمجھون ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ان ويچاريء خلق خدا تي ڪو هڪ ٻه نه پراڻ ڳڻيا آسيب ۽ سوين منحوس سايا صدين کان سوار آهن پر هنن شيرن،ڏهيسرن،جانثارن، جانبازن، انقلابين ۽ پاڪستاني نيلسن منڊيلائن مٿان ڪهڙو ستم جو آسمان ڪريو آهي جو انهن جا نه ته پگھر ٿا بيهن ، نڪي سندن سوچون ٿيون سندن ساٿ ڏين ۽ نه ئي هنن کي اهو ياد رهيو آهي ته اهي ڪنهن بنانا ريپبليڪن ۾ نه پر ٻاويهه ڪروڙ ن جي آباديء واري ايٽمي طاقت رکندڙ هڪ اهڙي ملڪ کي پنهن جي منفي ۽ مفاد پرستاڻي سياست جو آکاڙو بنائي رهيا آهن جتي اڃا صفا اوندهه به ناهي ٿي جهڙي هنن کي نظر اچي ٿي. انهيء منحوس پاڇي جي منهن ۾ آيل هڪ ٻيو اهم وزير به افسوس جو نااهليء جي نظير بڻجي ويو .ان دانشور وزير سدائين ٻين کي شرم ۽ حيا ڪرڻ جا ايترا ته ڀاشڻ ڏنا جو حيا کي به حيا اچي ويئي پر جڏهن پاڻ عدالت سڳوريء سامهون وڏي سچائيء سان پنهن جي وزارت واري ڌنڌي سان گڏ اوور ٽائيم واري اقامي يعني عربن جي نوڪري ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهيو هو ته خبر ناهي هن ٿوري دير لاء ٿڌي دماغ سان انهيء سوال تي به سوچيو هوندو ته ڇا شرم ۽ حيا جا مطالبا رڳو ٻين کان ڪرڻ لاء ئي هوندا آهن؟ سياست جي ميدان ۾ منڊيلا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندڙ محترما مريم صفدر سندن انهيء غريب وزير جي ڊبل نوڪريء سبب ٿنيدڙ نااهليء تي تبصرو ڪندي ۽ عدالت پاران امين ۽ صادق نه هئڻ جي سند ملڻ تي فرمايو ته هاڻي ته عوام خواجا آصف جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو!وري اها ئي پاڇي جي پچار! هاڻي سمجھه ۾ اهو نه آيو ته عوام ڪهڙي پاڇي کي ووٽ ڏيندو؟ خواجا بزرگ جي پنهنجي پاڇي کي يا ان منحوس پاڇي کي جيڪو ميان صاحب جيان هن کي به چنبڙي پيو آهي.لڳي ٿو ته انهيء نااهليء تي به پوري ڪائنات سوڳوار آهي جو جمهوريت جو هڪڙو ٻيو مضبوط ٿنڀو ڪري پيو آهي.هاڻي پاڪستان ۾ جمهوريت جو ڇا ٿيندو؟ ماڻهو هڪ لحاظ کان خوش نظر اچن ٿا جو منحوس پاڇن جي برڪت سان گھڻن پاڇن مان عوام ۽ جمهوريت جي جند آزاد ٿيندي ويندي پر ٻئي لحاظ کان اهي پريشان به آهن ته اهي پاڇا پنهنجي پويان جيڪي پنهنجا پاڇا جانشين ڇڏي ويندا اهي عوام لاء نحوست جي نئين سوکڙي آڻيندا يا سندن سياسي استادن جي ماضيء ۾ ڪيل من مستين کان پرڀرو رهندا.جيڪر اسان چئون ٿا ته اسان تي پاڇن جي حڪومت آهي ته عقل جاڪجهه اڪابر ٽپو ڏيئي ميدان ۾ لهيو پون ۽ اسان کي ڪمزور اعتقاد ۽ وهمي سڏڻ لڳن ٿا.اسان عوام سڄي ڄمار چرين جيان صرف پاڇن پويان نه ڊوڙندا رهيا آهيون ته ڇا ڪندا رهيا آهيون؟بهرحال عوام کي انهن منحوس پاڇن جو ڪو خاص فرق ناهي پوڻو پر بدديانتي جو اهو بدروح ۽ اقاما جو اهو آسيب جيڪو خدا جو شڪر آهي جو لڏو لاهي ان اشرافيا پويان پئجي ويو آهي سو سندن صحيح ۽ ثابت سياسي صفائي ڪرڻ سوا سڪون سان نه ويهندو.اڃا ته قصو گھڻو آهي،عربن جي نوڪري ڪري ٻه ٽي روپيا ڪمائيندڙ اڪيلو آصف ته ڪونه هوندو هتي ته اقاما جي عاشقن جي قطار لڳل هوندي.ڪي عربن جا مشير ته ڪي گاڏيون هلائيندڙ ۽ ڌوئندڙ،ڪي انهن جا اٺ ،گھوڙا ۽ باز سنڀاليندڙ.هئڻ ته اهو گھرجي جو پاڪستان جي پارليامينٽ گڏجي اهو قانون پاس ڪري ته پاڪستاني پارليامينٽرن ،حڪومتي وزيرن .مشيرن ۽ سمورن سرڪاري ملازمن کي ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي مرضيء جي رڳو هڪڙي نه پر ڪئين نوڪريون ڪرڻ جي اجازت هجي يا اهو ته ڪنهن به غير ملڪي ملازم کي پاڪستاني سياست ۾ حصو وٺڻ توڙي سمورن پاڪستانين مٿان وڏي شان ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪرڻ ۽ هتان ڏوڪڙ ميڙي ٻاهرين ملڪن ۾ محفوظ ٿيل سندن ٽجوڙين ۾ سجائڻ جي مڪمل اجازت ۽ آزادي هجي بلڪه حڪومت لاء اها اضافي اهليت سمجھي وڃي.اهڙيء طرح عدالتن، اليڪشن ڪميشن يا ٻين احتسابي ادارن کي عظيم جمهوريت خلاف ڪا ڳجھي سازش سٽڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.جيڪر بدنصيب پاڪستاني عوام جي خدمت لاء انهن پناما زده ۽ اقامازده اعليٰ دماغن سواء ٻيا ڪي نمائندا ميسر ئي ناهن ته پوء ڇا ڪجي جو نه ته ملڪ انهن سواء هلي سگھي ٿو ۽ نه ئي دنيا ۾ اسان جي ڪا عزت ٿي سگھي ٿي.انهيء ڪري “جيئن آهن،جتي آهن.“ جي اصول هيٺ سياست جي سودي ۾ انهن کي ئي قبول ڪرڻو پوندو.جيڪر مريم صاحبه اها خوشخبري ڏيئي رهي آهي ته “نااهل” ٿيڻ بعد عوام انهن جي پاڇي کي به ووٽ ڏيندو ته پوء“ اهلن” کي کپي ته اهي تڪڙو سياست ڇڏي وڃي ڀاڄي کپائين جو هتي ووٽ جو وسڪارو رڳو انهن تي ٿيڻ وارو آهي جيڪي عدالتن مان نااهليء جو “پرائيڊ آف پرفارمنس” پنهنجي ڳچيء ۾ وجھي ٻن آڱرين سان وڪٽريء جو نشان بنائي مرڪندو ٻاهر ايندا.ان ڪري جو منحوس ساين جي نحوست سبب سمورا معيار ابتا ٿي پيا آهن! نئين جمهوريت ،نئون نعرو،نئون پاڪستان نئون سلوگن،سو اهو ته سياست ۽ ڪاروبار جي گورک ڌنڌي ۾ عظيم اصول ناهن هوندا پر صرف اهي عظيم هوندا آهن جيڪي اصولن جي لاشن جا بلند مينار جوڙي ڇڏين!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو