خواندگي _ جي_ اهميت

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ابن قابل قاضي طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2010۔

  1. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    خواندگي جي اهميت ۽ ضرورت
    ابن قابل قاضي

    عام طور تي خواندگي جو مطلب اهيو ورتو ويندو آهي تـ خوانده شخص ان کي چئجي جيکو ڪنهن خاص حد تائين لکي ۽ پڙهي سگهي جيڪو ضروري مطلب جي ڳالهـ هڪ ٻئي سان لکت ۾ ونڊي سگهي ۽ ساڳئي ريت پڙهي پڻ سگهي جئين کيس مطلب ۽ مقصد جي چڱي ريت خبر پئجي سگهي .
    پر ويجهڙائپم خواندگي جون مختلف تشريحون سامهون آيون آهن . جهڙوڪ فني خواندگي ، حسابي خواندگي ، سوچ يا پرکڻ جي خواندگي .جهڙا ڪجهـ مثال سامهون آيا آهن . جيتوڻيڪ اهيو تمام ڏکيو آهي تـ اهڙي خواندگي جي ڪهڙي ريت ماپ ڪري سگهجي تـ ڪهڙي خواندگي کي فرد واحد جي خوشين جي اُوسر ۽ ترقي جي مٿانپورو پورو ڪنٽرول يا دسترس حاصل آهي .

    اهيو تـ هر ڪو آساني سان اندازو ڪري سگهي ٿو تـ خواندگي ۾ واڌ ئي فرد واحد جي زندگي جي بهتري ۽ فلاح جي ڪڙي ۽ معاشري جي ترقي جي ضامن آهي .

    جڏهن تـ ترقي يافتـ قومن جي آدمشماري جو وڏو حصو جنهنجون عمريون 17 سالن کان وڌ آهن اهي سي بنيادي خواندگي جي ڄاڻ لکڻ ۽ پڙهڻ کان چڱي ريت واقف آهن . جڏهن ترقي پذير ملڪن ۾ خواندگي جي شرح تمام گهڻي گهت آهي.

    خواندگي جي گهٽتائي ئي مک سبب آهي ترقي ۾ روڪاوٽ جو جنهن جي ڪري ئي اهي قومون اڌ صدي ڪان بـ مٿي گذري وڃڻ جي باوجود بـ ترقي جون منزلون ماڻي نـ سگهيون آهن.

    بين الاقوامي ادارن جهڙوڪ يونيسڪو خواندگي جي شرح ۾ واڌ ويجهـ جي لا۽ سڄي دنيا ۾ خواندگي جي جاڳرتا مهم هلائي خواندگي جي شرح ۾ اضافو تـ ڪيو آهي . مگرسڄي دنيا جي آدمشماري ۾ واڌ جي ڪري ناخواندگي جي شرح ۾ پڻ تيزي سان واڌ جي تبديلي واضع نموني سان ڏسڻ ۾ اچي پئي . يونيسڪو ناخواندگي ۽ غربت ۾ هڪجهڙائپ، نااُميدي ۽ سياسي تسلط جهڙا عنصر ڳولي لڌا آهن .
    خواندگي جي لا۽ سڄي دنيا ۾ هلايل مهم سان نـ فقط خواندگي پر تعليم بالغان کي پڻ هٿي وٺرائيندي ۽ بالغن جي تعليم سان ڪيترائي مقصد حاصل تيندا جهڙوڪ سندن اولاد جي تعليم ،جنهن سان مسلسل خواندگي ۾ اضافو ٿيندو،ملڪ جي سياسي حالتن ۾ بهتري تنديلي ۽ استحڪام ايندو ان کانسواءِ بالغن جي تعليم ۾ واڌ اچڻ سان ازخود فرد واحد جي طرفان تعليم جي لاء مسلسل مهم شروع ٿئي ويندي جيڪو هڪ بنيادي انساني حق پڻ آهي .
    جيڪڏهن سري لنڪا جو بطور ترقي پذير قوم جي مثال وٺبو تـ اسان کي خبر پئجي ويندي تـ ڪهڙي ريت ڊرامائي انداز ۾ ان ملڪ خواندگي جي شرح واڌ آندي آهي مري لنڪا ۾ خواندگي جي شرح 96 سيڪڙو آهي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي سبني ملڪن جي ڀيت ۾ گهڻي ۾ گهڻو آهي ۽ ترقي پذير ملڪن جي ڀيت ۾ تخميني جي انداز کان وڌيڪ. جهنهجو سڄو سارو ڪريڊت ملڪي تعليمي پاليسي تي انحصار ڪري ٿو جنهن تحتسڀني ٻارن لاء مفت تعليم بنا ڪنهن آمدني جي فرق جي . علاوه ازين 15_24 جي بالغن جي ناخوندگي جي شرح فقط 4.4سيڪڙوآهي جيڪا 2001 جي سروي مطابق آهي .
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خواندگي _ جي_ اهميت

    سائين قاضي صاحب تمام معلوماتي ليک ونڊ ڪيو اَٿو اوهان جي مهرباني
    عرض ڪندو هلان ته دين اسلام کي اسان دين فطرت يا مڪمل دين يا دستور حيات ڇو چوندا آهيون؟
    انهن سڀني بنيادي مسئلن (جن ڏانهن اوهان اشارا ڪيا آهن جنهن ۾ غربت ، تعليم، وغيره وغيره) جو مڪمل هڪ پاليسي اسان کي دين ڏني آهي، انهيءَ ڪري ئي ته دين اسلام صرف مردن نه بلڪه عورتن جي تعليم تي پڻ خاص ڌيان ڇڪرايو آهي ۽ انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي آخري وقت ۾ خاص طور تي عورتن جي حقن بابت وصيتون ڪيون.
     
  3. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خواندگي _ جي_ اهميت

    ادا طاهر سنڌي
    اسان جنهن پياري رسول ڪريم صلعم تي ڪلمو پاڪ پڙهون ٿا انهي سرڪار ٻنهي جهانن جي سردار جن فرمايو تـ ”علم حاصل ڪريو(مهد) پينگهي کان وٺي لحد (ََقبر) تائين“ . جنهنجو مطلب آهي علم جي لا۽ عمر جي ڪا بـ حد مقرر ٿيل نـ آهي . سنڌ سڳوري جا پاڪستان سرڪار مطابق 44 سيڪڙو جڏهن ٻين بين الاقوامي ادارن جي مطابق 51.1 سيڪڙو پڙهيل ئي ڪونهن . هاڻي جيڪي پنهنجي نبي سڳورن جي حڪم عدولي ڪن انهن کي ڪهڙي طريقي سان سمجهائجي . سنڌين جو چوڻ آهي تـ رڳو سرڪارنامدار جي ذميواري آهي . هاڻي منهنجا دوست ڇا ٿيڻ گهرجي مهرباني ڪري ان تي اوهان ذهن تي زور ڏيو مونکي قوي اُميد آهي تـ اوهان ان ڏس ۾ تمام بهترين جواب ڏيڻ جي صلاحيت ۽ اهميت رکو ٿا.

    هي گذارش رڳو ادي طاهر سنڌي جن لا۽ ڪانهي پر هر ان با شعور سنڌي دوست لا۽ آهي جيڪو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ سلامت تا قيامت جي سائيٽ تي ڀيرو ڪري ٿو .

    ڇا جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر آهن.
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خواندگي _ جي_ اهميت

    هٿ ته اسانجو به ادي قاضي صاحب ۽ ادي طاهر سان گڏ کنيل آهي، حمايت ته اسان به ڪنداسون ته علم جي روشني عام ۽ آسان هجي، علم جي شمع کڻي اسين به نڪرڻ لئه تيار آهيون، ڪير آهي اهڙو شخص جيڪو چوندو هجي ته اسانجي ٻچڙن کي تعليم نه ملي ۽ قوم ۾ روشني نه ٿئي، ها ممڪن ڪي ظلم جا دڪاندار انڌيري جي کيپ کپايئندا هجن ۔۔۔

    علم جي روشني اسانجي دين ۾ ايتري اهميت رکي ٿي جو اسانجي رسول اڪرم ان بابت ڪيتريون ئي هدايتون ڏنيون ۽ عمل سر انجام ڏنا ۔۔۔ هڪ واقعو ٿيو جو جڏهن جنگ بدر لڳي جنهن ۾ مسلمانن کي شاندار فتح نصيب ٿي ته ان جنگ ۾ ڪيترائي مڪي جا مشرڪ قيدي ڪري مديني آندا ويا ۔۔۔ الله جي رسول اعلان ڪيو ته جيڪو مشرڪ قيدي پڙهيل لکيل آهي، اهو هڪ مسلمان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاري ته کيس آزاد ڪيو ويندو ۽ پوءِ جن ان عمل ۾ حصو ورتو انهن کي آزاد ڪيو ويو ۔۔۔

    جهڙيءَ طرح هڪ روشن شمع، انڌيرن کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ساڳيءَ طرح پڙهيل انسان معاشري ۾ عقل ۽ شعور جي روشني ڦهلائي ٿو، جنهن سان سڌي راهه واضح ٿئي ٿي ۔۔۔

    اچو ته اسين سنڌ واسي به پنهنجي پنهنجي وس آهر، پنهنجن پنهنجن وسيلن سان ڀرپور ڪوشش ڪري سنڌي ماڻهن ۾ علم جي شمع کي بلند ڪريون ۽ پنهنجي گهر کان شروع ڪندي پوري سماج کي سج جيئان روشن ڪري ڇڏيون ۔۔۔۔

    علم جي جوت جلائڻ وارن کي سلام ۔۔۔۔ قاضيءَ جي پيغام کي پرنام
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خواندگي _ جي_ اهميت

    سائين منهنجا ۔۔۔ جيڪڏهن تعليم جي ڳالهه ڪجي اها به پاڪستان ۾ يا کڻي صرف سنڌ ۾ ته اسان افسوس سان چونداسين ته تعليم اسان وٽ عام نه ٿي سگهي آهي۔۔ اسان ته روز بروز پوئتي وڃي رهيا آهيون۔۔۔ ڇا تعليم جي ۽ تعليمي ادارن جي ڪنڊيشن هاڻ بهتر آهي يا علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي دور ۾ بهتر هئي۔۔؟
    هڪ ته اسان وٽ نون اسڪولن جي کُلڻ جي شرح گهٽ آهي ۽‌ کُليل اسڪولن جي بند ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي ۽ جيڪي اسڪول خاص طور تي ٻهراڙين ۾ هلن پيا انهن ۾ ته اوهان کي خبر آهي سفارشي ماستر ڀرتي ڪيل آهن جيڪي گوسڙو آهن ۽ ٻارن کي پيار جي بدران سٽ ڪُٽ ۽ مار سان سمجهائڻ وارا استاد آهن۔۔۔ جيڪو نه هي سسٽم هلي پيو آهي اهو گهسيل پٽيل تعليمي نظام‌ آهي۔۔ انگريزن جي ڇڏيل تعليمي نظام کان به بنهه خراب ۔۔۔
    جڏهن هندوستان ۾ عامر خان تعليمي نظام جي گهٽ وڌاين جي باري ۾ فلم ٿري ايڊيٽس ٺاهي هئي ته سڄي هندوستان ۾ انهيءَ‌ڳالهه تي بحث ڇڙجي ويو هو ته واقعي اسان جو تعليمي نظام خراب آهي۔۔۔ جڏهن ته انهن جو تعليمي نظام اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ لَک درجا بهترين آهي۔۔ جيڪو بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ هوندو آهي، اهو سدائين پنهنجي غلطين کي درست ڪري پوءِ اڳتي وڌندو آهي۔۔۔ اسان وٽ هاڻ ٿيندڙ غلطين کي سڌارڻ وارو ڪير ڪونهي باقي ايئن ئي ته ڪا شئي پاڻ صحيح ڪانه ٿي ٿي سگهي۔۔۔
    تعليمي نظام جي لاءِ هڪ ٻي ڳالهه ضروري آهي ته صرف تعليم نه هجي پر ان سان گڏ تجربا پڻ هجن ۽ اسان وٽ ايئن بلڪل نه پيو ٿئي۔۔ صرف الف اک، ب بدڪ پڙهي رٽو ته ناهي هڻڻو نه، اهو رٽو ته ڪنهن جانور کي به لڳرائي سگهجي ٿو۔۔۔
    تعليم انسان جي عقل جي واڌ ويجهه ڪري ٿي ۽ انهيءَ‌عقل جي ڪري ئي اشرف المخلوقات آهي۔۔۔ جيڪڏهن تعليم نه آهي ته پوءِ اسان ته ساڳيو جانورن وارو طور طريقو گذاريون پيا۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خواندگي _ جي_ اهميت

    اسان جي نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو _ طلب العلم فريضة على ڪكل مسلم ومسلمة_ علم حاصل ڪكرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو