شفيق الرحمان شاڪر پاڪستان شهري آباديء جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جو ٽيو وڏو ملڪ اهي جنهنجي 38 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي.چين جي 53 سيڪڙو،مالديپ جي 43 سيڪڙو،ڀوٽان جي 37 سيڪڙو، بنگلاديش جي 33 سيڪڙو،ڀارت جي 32 سيڪڙو،افغانستان جي 26 سيڪڙو جڏهن ته سريلنڪا ۽ نيپال جي 18 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهي ٿي.اسان جي شهري آباديء ۾ چين ۽ مالديپ جي ڀيٽ ۾ نهايت تيزيء سان واڌ ٿي رهي آهي.ٻهراڙين جي آبادي نهايت تيزيء سان شهرن جو رخ ڪري رهي آهي.زراعت جي تباهيء کان متاثر هاري به هاڻي روزگار جي تلاش ۾ شهرن طرف وڃي رهيا آهن. موجوده حڪومت قومي صحت پروگرام جي نالي سان جيڪا رٿا آندي آهي اها به صرف چند وڏن شهرن تائين محدود آهي.شهرن جي سرڪاري اسپتالن جي حالت خراب آهي جڏهن ته ٻهراڙيء جي اسپتالن ۾ نه ته دوائون آهن ۽ نه ئي تجربيڪار ڊاڪٽر.انهيء کان سواء اتي جديد طبي ٽيڪنالاجيء جي اڻ هوند آهي.ملڪ ۾ اٽڪل اٺ لک اوڻٽيهه هزار عطائي ڊاڪٽر مريضن جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن.سرڪاري ڊاڪٽرن ۾ 92 سيڪڙو ڊاڪٽر پنهنجون پرائيويٽ ڪلينڪون هلائين ٿا.ملڪ جي 69 سيڪڙو سرڪاري اسپتالن ۾ روزمره جي بيمارين جون دوائون ئي موجود ناهن.سرڪاري دوائن جي بازار ۾ وڪجڻ جا الزام به عام ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.تازو پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري ايجنسي دواساز ڪمپنين سان ملي ڀڳت ڪري 94 سيڪڙو تائين دوائن جون قيمتون وڌايون آهن.ساڳيون فارماسٽيڪل ڪمپنيون جيڪي هندستان ۽ بنگلاديش ۾ نهايت ئي گھٽ قيمت تي دوائون ٺاهي رهيون آهن انهن هتي من گھرئي اضافي سان مجبور ماڻهن جا کيسا خالي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.ان سلسلي ۾ جڏهن ڪيس عدالت ۾ ويو ته اسان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ وزارت صحت پنهنجو ڪيس مضبوط بنائي پيش نه ڪيو.ڪاغذن ۾ اهڙي ڪمزوري رکي ويئي جو ٻي ڌر امتناعي حڪم حاصل ڪري دوائون وڌايل قيمتن سان وڪڻڻ لڳي.دوائون ڪي کاڌي پيتي جون جنسون ته ناهن جو ماڻهو مهانگيون ڇڏي سستيون خريد ڪن ۽ پنهنجي زندگيء جي ڏور کي ٽٽڻ کان بچائين.جن مرضن لاء دوائون تجويز ٿيل آهن اهي هر حال ۾ خريد ڪرڻيون آهن.اهڙيء طرح رڳو ٻارن جون دوائون 60 کان 70 سيڪڙو مهانگيون ٿي وييون آهن.هندستان ۾ دواساز ڪمپنيون دوائن جي بنيادي نالن کي بدلائي نٿيون سگھن.اهي پوري ملڪ ۾ انهن جي قيمتن کي هڪجهڙو رکڻ جون پابند آهن.اسان وٽ ڪاڪمپني جيڪو وڻيس سو دوا جو نالو رکي ڇڏي ۽ جيتري گھري ان جي قيمت وصول ڪري.اهڙيء طرح توهان کي بازار ۾ هڪڙي بنيادي نسخي جون درزنين دوائون ملنديون.اهائي دوا جيڪا هڪڙي ڪمپني سو روپين ۾ وڪڻي ٿي ته ساڳئي فارمولا واري دوا ڪا ٻي ڪمپني ٻه سو روپين ۾ وڪجي ٿي.مهانگيون دوائون وڪڻندڙ اهي مڪار ميڊيڪل ريپس ذريعي ڊاڪٽرن کي نهايت ئي پرڪشش رعايتون ڏين ٿا.اهي انهن جي ڪلينڪن جي سونهن ۽ سينگار،ٿڌي پاڻيء لاء مفت فرج ۽ پئسن ذريعي خوب خدمت ڪن ٿا.ان ڪري ڊاڪٽر سستين دوائن کي ڇڏي انهن ئي ڪمپنين جون مهانگيون دوائون لکن ٿا جيڪي مريضن کي مجبوريء وچان خريد ڪرڻيون پون ٿيون.ڪجهه ڊاڪٽر نسخو لکڻ واري پيڊ هيٺان ڪاربان پيپر رکيو ويٺا هوندا آهن.اهو ڪيش ميمو ڏيکاري اهي انهن دواساز ڪمپنين کان پنهنجو حصو وصول ڪن ٿا.اسان وٽ بدقسمتيء سان طب جو شعبو اهڙن ئي مقدس فراڊن سان ڀريل آهي جو عام طور تي ڊاڪٽرن ۽ قبرون کوٽيندڙن ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو آهي. صحت سان گڏوگڏ تعليم جي شعبي ۾ به اسان جي حڪومتن اعليٰ درجي جي سيڙپ ڪري رکي آهي.جتي هڪ طرف سرڪاري اسڪولن کي يا ته فند مهيا ئي نه ڪيا ويا يا وري ڪوڙن ٺيڪن ۽ ووچرن ذريعي بجيٽ ۾ تعليم لاء رکيل پئسو هڙپ ڪري ويا ته ٻئي طرف پرائويٽ تعليمي ادارن کي ايڊ جي مد ۾ فنڊ مهيا ڪيا وڃن ٿا جن اسڪولن جون فيون ايتريون ته ڳاٽي ٽوڙ آهن جو غريب جي ڪنهن ٻار جو انهن ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ صرف هڪڙو خوبصورت خواب آهي.اسان اربين روپيا انهن ڌاڙيلن حوالي ڪيو ڇڏيون جيڪي تعليم جي نالي ۾ عوام جون کلون اکيڙيندا رهن ٿا. مختلف سرڪاري کاتن ۾ مقرر ڪيل ڪانٽريڪٽي ملازم حڪومتن جي ستم جو نشانو رهندا آيا آهن جن کي هڪ ڊگھو عرصو گذرڻ باوجود پڪو نه ڪيو ويو آهي.اهي ملازم جڏهن پنهنجي انهيء قانوني مطالبي مڃائڻ لاء ڪو پرامن احتجاج ڪن ٿا ته حڪومتون انهن کي غير انساني سلوڪ ۽ سخت تشدد جو نشانو بنائينديون رهيون آهن. امريڪن پبلڪ ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافتا ميٽرو بسن جهڙا منصوبا مڪمل ڪندي آهي.ان اداري جي پوري دنيا ۾ ٺهندڙ ميٽرو بسن جي منصوبن تي سڀ کان گھڻي سيڙپ آئي آهي.جيڪڏهن اسان 2013ع ۾ لاهور شهر سان لاڳاپيل امرتسر ۾ ان منصوبي سان ڀيٽ ڪيون ته اسان کي پوريء طرح سموري صورتحال جو اندازو ٿي ويندو.انهيء رٿا تي ڪل خرڄ پاڪستاني روپين ۾ نو ارب پنجويهه ڪروڙ آيو جنهن جي ڪل ڊيگھه ايڪٽيهه ڪلوميٽر آهي. انهن ايڪٽيهه ڪلوميٽرن مان ٻارهن ڪلوميٽر مفاصلو پلين تي ٻڌل آهي،اهڙيء طرح پاڪستاني ڪرنسيء موجب ان جي في ڪلوميٽر قيمت اوڻٽيهه ڪروڙ روپيا ٺهي ٿي. انهيء روٽ تي 78 بسون ڊوڙن ٿيون.لاهور ۾ ميٽرو بس روٽ تي ٽيهه ارب روپيا خرچ آيو آهي،روٽ جي ڪل ڊيگهه 27 ڪلو ميٽر آهي ۽ انهيء تي پلين جي ڊيگهه اٺ ڪلوميٽر آهي.اهڙيء طرح اسان انهيء تي في ڪلوميٽر هڪ ارب ۽ ڏهه ڪروڙ روپيا خرچ ڪيو.هن روٽ تي 64 بسون هلن ٿيون.ان طرح تصوير ڪجهه اها جڙي جو ته 2013ع ۾جڏهن هندستان ۾ سيمنٽ،سريو ۽ روڊ ٺاهڻ لاء گھربل ٻيو سامان اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو هو،اسان امرتسر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چوئڻي رقم سان ميٽرو بس سروس رٿا جوڙي. هندستان ۾ سڙڪ به وڌيڪ ڊگھي هئي،پليون به وڌيڪ گھڻيون هيون ۽ بسن جو تعداد به وڌيڪ هو تنهن هوندي به انهن اسان کان چار ڀيرا گھٽ سيڙپ سان اها سروس مڪمل ڪري ورتي. اسان لاهور جي تجربي بعد راولپنڊي اسلام آباد ۾ 68 ارب روپيا لڳايا.جڏهن نيب ٻنهي روٽن جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته ڪيترن ئي معززن جي پٽڪن ۾ باهه لڳي ويئي.ٻين صوبن کي اهو نياپو ڏنو ويو ته احتساب جو مطلب آهي ننڍن صوبن ۾ تحقيقات باقي جيستائين وڏي صوبي جو تعلق آهي ته اتي ته سڀ مسجدن جا ڪک آهن،اهي بي ايماني ڪري ئي نٿا سگھن.ان قسم جي ڪنهن به جاچ جوچ کي انتقام سمجھيو ويندو.بجلي ۽ پاڻيءجا مسئلا ته هونئن به پوريء طرح حل ٿي چڪا آهن!