• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مسئلو يو ٽيوب ۽ فيس بوڪ تان وڊيو ڪيئن ڊائون لوڊ ڪجي؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ليب ٽاپ ڪمپيوٽر ونڊو 7 تي يو ٽيوب ۽ فيس بڪ وغيرهه جي وڊيو، ڪهڙي ريت سولائيءَ سان ڊائون لوڊ ڪجي دوست گائيڊ ڪن ته مهرباني ـ
 
سائين ڪمپيوٽر مان پاڻ ڪون ڄاڻون
پر جيڪڏهن موبائل فون آهي ته سڀن مسئلن جو حل هيٺين ايپليڪيشن ۾ موجود آهي تمام سولو ۽ جلدي به
يوٽيوب هجي فيس بوڪ يا ڊيلي موشن.... وڏي ڳالهه ته اوهان يوٽيوب جي هر گاني کي MP3 ۾ به لاهي سگهو ٿا ...
ايپليڪيشن جي لنڪ .
http://www.vidmate.mobi/puredownload?p=Mjg&f=sy&s=vidmate&ref=sy
 
گوگل تان يوٽيوب ڊائون لوڊر ڊائون لوڊ ڪيو، پو بس آساني سان جيڪو به وڊيو آهي ان جو لنڪ ڪاپي ڪري ان ڊائون لوڊر ۾ هڪ خانو ٿيندو آهي ان ۾ لنڪ کي پيسٽ ڪيو ۽ ڊائون لوڊ جو بٽڻ دٻايو بس ٿوري دير ۾ موجوده وڊيو توهان جي سسٽم ۾ ڊائون لوڊ ٿي ويندي. ان ۾ توهان آنلائن به ان مان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا .
 
ادا...مون ڊائون لوڊ ڪيو هو، يوٽيوب جا وڊيو وغيره ته سولائيءَ سان ڊائون لوڊ ٿيا پرفيس بوڪ جا وڊيوڪونه ٿيا، سو ختم ڪرڻو پيو ـ
 
فيس بڪ جي لا به اهو ئي طريقو ٿيندو آهي توهان لاڳاپيل وڊيو پهريان کوليو ان کي برائوزر مان ان جو لنڪ ڪاپي ڪيو ۽ اتي وڃي پيسٽ ڪيو ته فيس بڪ واري وڊيو به اچي ويندي..تجربو ڪري ڏسو
 
Back
Top