منهنجو موت (اظهار الحق جي هڪ خوبصورت ۽ سبق آموز ليک)

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2018۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    منهنجو موت
    ( اظهار الحق جو هڪ خوبصورت ۽ سبق آموز ليک)
    السلام عليڪم :
    سردين جي هڪ ٺهٺراتي شام هئي جڏهن منهنجو موت واقع ٿئي.
    ان ڏينهن صبح کان بارش ٿئي رهئي هئي.منهنجي زال صبح جو مون کي ڊاڪٽر ڏئي وٺي ويئي هئي.ڊاڪٽر دوائون ته تبديل ڪيون پر خلاف معمول خاموش رهيو.نه مون سان ڪا ڳاله ڪئي نه منهنجي زال سان فقط خالي خالي اکين سان اسان کي ڏسندو رهيو.
    منجهند تائين حالت وڌيڪ ڀگڙجئ ويئي.جيڪو پٽ پاڪستان ۾ هو،اهو هڪ تربيتي ڪورس جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪ ويل هئو.ننڍي ڌي ۽ ان جو مڙس يونسف جي سروي لاء ڪراچي ڊيوٽي تي هئا.لاهور واري ڌي کي به مون فون ڪرڻ نه ڏنو ڇو ته هن جو مڙس تمام گهڻو مصروف هوندو آهي ۽ ٻارن جي ڪري هن جو اچڻ به مشڪل آهي.باقي ٻه پٽ جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ رهندا هئا انهن کي پريشان ڪرڻ صحيحي نه هئو.فقط مان ۽ منهنجي زال ۽ هڪ نوڪر گهر هئو.نوڪر شام جو پنهنجي گهر هليو ويو.
    عصر کانپوء مون کي محسوس ٿيو ته ڪمزوري،نقاهت جي ڪري ڳالهائڻ ۾ مشڪلات پئي ٿئي.مون پنهنجي پراڻي ڊائري ڪڍي،زال وٽ ويهئي رقوم جون تفصيل ٻڌائڻ لڳس جيڪي مون کي وصول ڪرڻيون هيون ۽ ٻين کي ادا ڪرڻيون هيون. منهنجي زال معمولي احتجاج ڪيو ۽ چيائين ته اها توهان جي پراڻي عادت آهي جڏهن به توهان کي ٿورو ڪجه ٿيندي آهي ،هڪدم ڊائري ڪڍي ويهندا آهيو.پر هن جي احتجاج ۾ پهريون وارو يقين نه هئو.پوء سج لهي ويو.اوندهئ ۽ سردي ٻئي وڌينديون ويون.زال منهنجي لاء سوپ ٺاهڻ ويئي.ان جي غير موجودگي ۾ مون ڪجه اکڙيل اکڙيل ساه کنيان ۽ غروب ٿئي ويس.
    مون کي محسوس پيوٿئي ته مان آهستي آهستي پنهنجي جسم مان ٻاهر پيو اچان پوء جيئن مان هواء ۾ ترڻ پيو لڳان ۽ ڇت جي ويجهو پهتس،منهنجي زال سوپ کڻي آئي.مان ان کي ڏسان پيو.هڪ لمحي جي لاء هن تي سڪيو طاري ٿئي ويو ۽ پوء هو راڙيون ڪري روئڻ لڳي. مان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي .اها عجيب ڳاله هئي جو مان ڏسي سڀ ڪجه رهيوهئس پر ڳالهئي نه پيو سگهي.
    لاهور واري ڌي رات جي پوئين پهر ۾ پهچي ويئي.ڪراچي مان به ننڍي ڌيءپنهنجي مڙس سان صبح جو پهرين فلائيٽ ۾ اچي ويئي.پٽ ٽئي ٻاهرين ملڪن ۾ هئا.هو جلدي جلدي به اچن هان ته ٻه ڏينهن لڳي وڃن هان .ٻئي ڏينهن عصر جي ٽائيم تي منهنجي تدفين ڪئي ويئي. شاعر،اديب،صحافي،سول سرونٽ سڀني جي تمام گهڻي نمائندگي هئي.ڳوٺ مان ناناڻن خاندان،ماروٽ به موجود هئا.
    قبر ۾ جيڪي سيمنٽ جون سرون منهنجي مٿان رکيون ويون هيون،مٽي انهن مان لنگهي اندر اچي پئي.کٻي پير جو انکوٺو جيڪو آرتهرائٽس جو شڪار هو.مٽي جي وزن ڪري انکوٽي ۾ ڏاڍو سور محسوس ٿيڻ لڳو پوء هڪ عجيب ڪفيت طاري ٿئي ويئي.شايد فرشتا حسب ڪتاب لاء آچي پهتا هئا..ان ڪفيت ۾ سوال ؤ جواب جو سلسلو شروع ٿيو ۽ اها ڪيفت ختم ٿئي ويئي.محسوس پيو ٿئي ته ڪجه لمحا گذاريا آهن پر فرشتن ٻڌايو ته پنج سال گذري چڪا آهن.پوء فرشتن هڪ عجيب پيشڪش ڪئي!ته اسان توکي ڪجه وقت لاء واپس دنيا ۾ موڪليون ٿا،تون دنيا ۾ ڪنهن کي نظر نه ايندي،گهمي ڦري پنهنجي پيارن کي ۽ انهن جي روائي کي ڏسي اچ ۽ پوء جيڪڏهن توء چيو ته توکي نارمل زندگي ڏني ويندي.ورنه واپس اچي وڃن جاء .مان ان پيشڪش کي غنميت سمجهي هڪدم هاء ڪئي.اها الڳ ڳاله آهي ته فيصلو آڳ ۾ ٿئي چڪو هو.پوء هڪ مدهوشي واري ڪفيت طاري ٿئي ويئي.اک کلي تي مان پنهنجي گهر واري گهٽي ۾ بيٺو هئوس.
    آهستي آهستي قدم کڻندي پنهنجي گهر طرف روانو ٿيس.رستي ۾ ڪرنل صاحب کي ڏٺم،گهر جي ٻاهران بيٺو هئو.تمام گهنو پوڙهو پيو لڳئي.خواجه صاحب بيگم سان گڏ واڪ لاء پيوء نڪري.پنهنجي گهر جي درواز تي پهچي مان ششدر ٿئي ويس.منهنجي نالي جي تخطي غائب هئي.پورچ ۾ گاڏي به ڪونه هئي.وفات کان ڪجه هفتا پهريائين نئين ماڊل جي خريد ڪئي هئ ان ۾ چمڙي جون اصلي سيٽون ۽ سن روف هيون.دهچڪو لڳو ! گاڏي ڪنهن وٽ هوندي، سڀني ٻارن وٽ پنهنجون پنهنجون گاڏيون موجود آهن.ڇا منهنجي زال جيڪي هاڻي بيواه ٽهي،گاڏي کان بغير آهي؟
    دروازو کليل هئو.مان سبني کان پهريائين ڏاڪڻ چڙهي پنهنجي لائبريري ۾ ويئس.هي ڇا؟ ڪتابون هيون نه الماريون! رائٽنگ ٽيبل سان گڏ واريون مهانگيون ڪرسيون،صوفه،اعلئ مرڪزي ملازمت جي دوران جيڪي شيلڍون ۽ يادگاريون مليون هيون۽ الماري جي مٿان سجائي رکيون هينم ،بي شمار ڦوٽو البم ڪجه به نه هئو آتي،مون کي فارسي جون قيمتي ايران مان ڇپيل ڪتابون ياد آيون.ڏاڏي سائين جا ڇڏيل قيمتي قلمي نسخه ،گلستان سعدي جو نادر نسخو جيڪو سوني جي پاڻي سان لکيل هئو ۽ آس ۽ ڇائون ۾ الگ الگ رنگ جي ليکي جو ڏيک ڏيندو هئو.ڏاڏي سائين ۽ بابا جون ذاتي ڊائريون سب غائب هيون.ڪمرو ايئن محسوس ٿئي رهيو هئي ته گدام جي طور تي استعمال ٿئي رهيو هجئي.سامهون واري پوري ڀت تي جيڪا تصوير پندره هزار روپئي ۾ لڳارئي هئي،جڳه جڳه تان ڦاٽي پئي هئي.فاوئٽئن پينن جو وڏو ذخيرو مون وٽ هئو،پارڪر،شيفر.ڪراس آهئي به دراز ۾ ڪون هئيون.
    مان اداس اداس لائبريري کان ٻاهر آيس.مٿين منزل جو وسعي ؤ عريض لائونج خالي پيو هئو.هي ڇا ؟مان چڪوال مان رنگين پيرن واريون،سوت مان بنيل،ڇار پلنگ گهرائي ان لائونج ۾ رکيا هئا.شاعر برادري کي اهئي ڏاڍيون پسند اآيون هيون،غائب هيون.
    هيٺ گراوئنڊ فلور تي آيس.زال اڪيلي راڌڻي ۾ ڪجه ڪري رهئي هئي. مون هن کي ڏٺو پنجن سالن ۾ هو ايتري تبديل ٿئي ويئ هئي جي ان کي ڏسي مون کي اکين ۾ ڳوڙها آچي ويا.ڪيئن پڇان ته گوڏن جي سور جو ڇا حال آهي،؟پيرن جي کڙين ۾ به هن کي سور محسوس ٿيندو هئو.دائون باقائدي سان ميسر هئس يانه .مان هن جي لاء باقائدگي سان فروٽ وٺي ايندو هوس.خبر نه آهي ته ٻار هن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هوندا.پر مان ته ڳالهائي به نه پيوء سگهان ۽ هوء مون کي ڏسي نه پئي سگهئي.
    ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڳئي.منهنجي زال ڪافي دير تائين ڳالهائيندي رهئي.جيڪو ڪجه ان طويل گفتگو مان مون کي سمجه ۾آيو ته ٻار منهنجي گهر کي وڪڻڻ پيا چاهين.مان مخالفت ڪئي ته هو ڪٿي رهندي.ٻار مصحر هئا ته انهن وٽ رهندي.زال کي منهنجي نصحيت ياد هئي ته ڊيرو پنهنجو سٺو هوندو آهي پر هوء ٻارن جي ذد جي سامهون هٿيار ڦٽا پئي ڪري.گاڏي جي خبر پئي ته ان کي وڪڻي ڇڏيو اٿئن.زال پاڻ وڪڻڻ لاء چيو ڇو ته هن جي لاء هڪ ننڍي آلٽو ڪافي آهي.
    ايتري دير ۾گهريلو ملازم لاونج ۾ داخل ٿيو.هي نوجوان هاڻي اڌڙوٽ عمر لڳي رهيو هئو.مان ان جو لباس ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس.هن منهنجي قيمتي برانڍيڍ قيمض جيڪا هانگ ڪانگ مان خريد ڪيئ هئم پاتل هئو.پينٽ اها هئي جنهن جو ڪپڙو مان اٽلي مان گهرايو هئو.اڇا! منهنجا بيش قيمتي لباس نوڪران ۾ ورهيا ويا آهن.
    مان هڪ سال تائين ماڻهن جي نظرن کان غائب ٿي سڀني کي ڏسندرهيس.هڪ هڪ پٽ،هڪ هڪ ڌي گي گهر وڃي انهن جون ڳالهيون ٻڌائم.ڪيڏي ڪيڏي مهل بابا مرحوم يعني منهنجو تذڪرو ٿيندو هو اهو به سرسري انداز ۾ .هاء زينب منهنجي ڏوهٽي اڪثر نانا ابو جو تذڪرو ڪند هئي .هڪ ڏينهن پنهنجي ماء کي چئي پئي "آما هي بانس جي ڪرسي ؤ ميز نانا ابو آندي هئي جڏهن مان ننڍڙي هئس.ان کي نه اڇلائجان " ماء جواب ڏنائينس "جلدي ۾ ڪپڙا بدلئي ماني کئا ۽ ان کانپوء مون کي منهنجي سهيلي جي گهر ڇڏي اچ"
    مان شاعرن،اديبن جي اجتماعت ؤ نشتون ۾ ويس.ڪٿي به پنهنجو ذڪر نه ٻڌنم هو جيڪي ڳاله ڳاله تي مون کي جديد غزل جو ٽرينڍسينٽر چوائندا هئا.ڄڻ ته مون کي وساري ويٺا هئا.هاڻي هنن جي ملازمن منهنجي ڪتابن کي ڊسپلي کان هٺائي ڇڏيو هئو.هڪ چڪر مان قبرستان جوبه لڳايو.منهنجي قبر جو حال تمام خراب هئو.گاه ڦٽي پيوء هئو،ڪتبه پکين جي ويٺهن سان ڀريل هئو.بابر وارن قبرن جو به ساڳيو حال هئو.
    هڪ سال جي جائزي کان پوء مان هن نتيجي تي پهتس ته منهنجي موت جي ڪري دنيا تي ڪنهن قسم جو فرق نه پوندو.ذرا بر بر به نه
    ! زال ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندي هئي پر اولاد ۽ پوٽا،پوٽِون ،ڏهوٽا ،ڏهوٽيون سڀ وساري چڪا هئا.ادبي حلقه جي لاء مان هاڻي تاريخ جو حصو ٿئي چڪو هئس.جن وڏن وڏن ادارن ۽ محڪمن جو مان سربراه هئس اتان نالائن وار پراڻا بورڊ هٽي چڪا آهن ۽ نوان بورڊ به مسلسل ڀرجندا ٿا وڃن.دنيا روان دوان هئي.ڪٿي به منهنجي ضرورت نه هئي،گهر ۾ نه ٻاهر.
    فرض ڪيو! جيڪڏهن مان فرشتن کي التماس ڪري ٻيهر دنيا ۾ نارمل زندگي گذارڻ آچي وڃان هان ته ڪٿي به طوش آمديد نه چيئو وڃي هان.ٻار پريشان ٿئي وڃن هان.انهنجي زندگين جا پنهنجا منصوبا ۽ پروگرام هئا جنهن ۾ هاڻي منهنجي ڪا به گنجائش نه هئي! ٿئي سگهئي ٿو ته منهنجي زال به چوي ته توء واپس اچي ڪري منهنجي مسائل ۾ آضعافو ڪيو آهي.گهر وڪامي چڪو آهي.مان هڪ ڄڻي ڪنهن اولاد وٽ رهندي آهيان.ٻن کي هو ڪيئن سنڀاليندا! دوست هاڻي ٿورڙا بچاء آهن اهئي به بيمار ۽ چل چلاو جي ويجهو آهن.مان موٽي اچان هان ته دنيا ۾ مڪمل طور ان فٽ هجان هان،نئين لباس ۾ چتئي جي طرح .جديد بستي ۾ پراڻي مقبري وانگر.
    مون فرشتي سان رابطو ڪيو ۽ پنهنجي آخري چوائس ٻڌائي ته مان واپس پنهنجي قبر ۾ وڃڻ ٿو چاهيان! فرشتو مسڪرايو ۽ هن جا ڪمينٽس بلڪل مختصر هئا""""" هر انسان اهو سمجهندو آهي ته هن کان پوء جيڪا خلاء پيدا ٿيندي ،ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندي،پر هوء اهو ته ڄاڻي ئي نه ٿو ته خلاء ڪڏهن به پيدا نه ٿيندي آهي ڪنهن جي هن دنيامان وڃڻ سان!!!!

    محترم ميمبرس هن سبق آموز ليک کي دل جي گهرائين سان پڙهي پنهنجي آئيندا جو قدم (عمل)طئي ڪندا.پنهنجي الله پاڪ کي راضي ڪرڻ لاء پاڻ به نيڪ عمل ڪندا ۽ ٻين کي به ان جي تلقين ڪندا،نيڪ عملن ۾ سڀني کان پهريون عمل پنج وقت جماعت سان نماز پڙهڻ آهي،ان جي پابندي ڪندا.هميشه خوش رهو.والسلام
     
    آخري ترميم: ‏7 مئي 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو